مينتوخ، عشق ۽ تياڳ
ناول جي خصوصيت يا اهميت اُن ڪري به وڌيڪ آهي جو اُن ۾ ليکڪ پنهنجي تصور جي هڪ اهڙي وسيع دنيا تخليق ڪندو آهي جيڪا سندس حقيقي دنيا ۾ هڪ ٻي دنيا جو لُطف پڙهندڙ کي به عطا ڪندي آهي۔۔۽ اگر اُها ناول جي دنيا واقعي نرالي، سگهاري، تخليقي آهي ته پوءِ پڙهندڙ اُن دنيا جي جادوئي رنگ ۾ مَنڊجي اُن جي هر پل سان دل جا پاند ٻَڌجندا محسوس ڪندو آهي ۽ اُن ۾ موجود ڪنهن ڪردار جي حُسناڪين ۾ سَراپجي حقيقي زخم جهڙي دنيا ۾ هُو اُن کي هر چهري، هر روپ ۾ شعوري توڙي لاشعوري طور تي ڳوليندو رهندو آهي۔۔۽ سندس من ۾ سُرور بخشيندڙ هڪ درد دُکي پَوندو آهي۔۔سچ ته منهنجي مُطالعي جي محدود دنيا ۾ مون جيڪي به ناول پڙهيا آهن اُنهن مان آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪُجهه ئي ناول منهنجي من تي نقش ٿي مون کي پاڻ ۾ رُلائي ڇڏيندا رهيا آهن۔۔اُنهن ۾ تازو آيل سحر گل جو ناول´عشق تمام بِرھ تمام`پڻ آهي۔۔۔هي ناول سنڌي ادب ۾ ڪجهه نئون هجڻ جو احساس ڏياري ٿو۔۔هن ناول ۾ ڪهاڻين جي اُڻت وڏي فنائتي انداز سان ڪئي وئي آهي۔۔ٻُڌ مت ۽ عشق جي موضوع کي جنهن نموني هڪ ٻئي سان هم آهنگ ڪري تخليق ڪيو ويو آهي۔اهو انداز پڙهندڙ کي پاڻ ۾ گُم ڪري سندس من ۾ هڪ محبت کي جنمي ٿو۔۔۔هن جي هڪ ٻي وڏي خوبي جيڪا مون کي محسوس ٿي اُها هي آهي ته هن ناول جي ٻولي ڏاڍي ٻاجهاري آهي، جنهن کي مُڪمل شعور سان اظهار جو حسين روپ، رواني، شفافيت، معصوميت ۽ تازگي سان لبريز ڪيو ويو آهي۔۔ٻُڌمت جي تاريخ جو اهڙو دل لڀائيندڙ اندز اُهو به فڪش جي صورت ۾ مُتاثر ڪندڙ آهي۔۔۔اِها ٻي ڳالهه آهي ته ٻُڌمت جي تاريخي گهرائي ۽ سندس سياست ۾ اُلجهي پَوڻ وارو بحث يا دور ڪٿي ڪٿي ٿڪائي به وجهي ٿو۔۔توڙي جو´عشق تمام برھ تمام`ناول ٻُڌمت سان واڳيل ڪردارن جي عشق-ڪهاڻي آهي۔
هن ناول ۾´تحقيق توڙي محبوب جي ڳولها خاطر ڪجهه ڪردار نيپال ۾ گوتم ٻُڌ جي جنم ڀومي لُمبيني پُهچن ٿا ته ڪي وري لداخ جي جابلو ۽ برفاني علائقن ۾ هماچل پرديش پُهچي ٻوڌيشالائن مان سِکيا حاصل ڪن ٿا۔هن ناول جي ڪهاڻي گهرائيءَ تي ٻَڌل مڪالمي سان ڀريل آهي۔جيڪو ٻُڌمت، ڌيان، يوگا، موسيقي، رقص، ۽عشق ۾ جُدائي ۽ ميلاپ جهڙن تصورن ڏانهن فلسفياڻي نگاھ پيش ڪري ٿو۔`
هن ناول جي´مينتوخ`جي جيڪا تصويرڪشي ڪبير ڪري ٿو سچ ته اُها لفظن مان پنهنجي مُڪمل حسين پيڪر سميت تصور رستي دل ۾ لهي وڃي ٿي۔۔۔۽ پوءِ اندر جي دنيا ۾ ڪيترائي عشق ۽ محبت جا جلترنگ ڇِڙي پَون ٿا۔۔ناول ۾ جيڪا ماحول ۽ حالتن جي منظر نگاري ڪئي وئي آهي اها سچ ته جادوئي حقيقت نگاريءَ جو هڪ اعليٰ انداز آهي۔۔ميرا کي ڇڏي جادم جو ناري تياڳ کان جادم جي ڳولا ۾ ميرا جو عشق ۾ ٻُڌمت جي دنيا ۾ ڀٽڪندي ٻوڌي بڻجڻ ۽ اُن سفر ۾ آيل بشريات جي هڪ شاگرد ڪبير جو تحقيق دوران´مينتوخ`سان عشق ٿي وڃڻ ۽ پوءِ اُن عشق ۾ ساڻس گڏجي پنهنجي تحقيق جي آڙ ۾ ساڻس ٻوڌي سفر ۾ هلڻ، يوڳڻي جي عشق ۾ ٻوڌي ٿيڻ، عشق ۾ ميرا ۽ ڪبير جو عروج تي پُهچڻ ۽ پوءِ وري ڪيبر کي ميرا جو ڇڏي ٻُڌمت جي سفر تي اڪيلو نڪري وڃڻ۔اُن سان گڏ جادم جو ٻُڌمت جي دنيا ۾ ميرا ڏانهن موٽڻ، جنهن کان اڳ ئي ميرا جو سندس ڳولا ۾ نڪري وڃڻ ۽ ان سفر ۾ ڪبير سان ملڻ يا ڪبير جو ٻُڌمت تي تحقيق لاءِ ڪراچيءَ کان ايندي سامونڊي جهاز ۾ ميرا کان اڳ اڻڄاڻائيءَ ۾ جادم سان ملڻ۔جڏهن هُو ميرا جي ڳولا ۾ ان ساڳي ئي پنڌ تي وڃي رهيو هوندو آهي جتي ميرا ويل هوندي آهي۔يا پُڄاڻيءَ ۾ ميرا جو طويل ڌيان جي سفر تي اُسهڻ جهڙا دل جهوريندڙ منظر پڻ روح کي تڙپائي وجهن ٿا۔۔۔اُهي سڀ حسين ۽ عجيب اتفاق هن ناول جي ٽيڪنيڪ جي نِرالائپ کي واضع ڪن ٿا۔۔سچ ته سحر گل جو هي شاندار ناول´عشق تمام بِرھ تمام` سنڌي فڪش ۾ هڪ اهم حيثيت رکي ٿو۔لڳ ڀڳ ڇهه سو صفحن تي مشتمل هي سنڌي جو ذخيم ناول هڪ اتساهيندڙ ناول پڻ آهي۔۔۔۔۔