جديد ڪهاڻين جو ڪاڪ ٽيل
ضراب حيدر جي نئين ڪهاڻين جي ڪتاب´حيدر آباد`۾ موجود ڪهاڻيون جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو هڪ اهڙو ته نرالو روپ آهن جن جي خوشبو توڙي خُمار پراڻي مڌ جيان ڏاڍا پُرڪيف ۽ جَٽادار آهن۔وقت سان گڏ ضراب ڪهاڻيءَ جي جيڪا پنهنجي روح ۾ تپسيا پئي ڪئي آهي۔اُن سندس ڪهاڻين کي تخليقي سَگهه سان گڏ آرٽ ۽ ڪرافٽ جو معراج پڻ عطا ڪري ڏنو آهي۔ڪهاڻي ضراب وٽ ڪنهن خواب وانگر نه بلڪ ڪنهن اُجري باک ڦٽيءَ جي سُجاڳيءَ وانگر مَٿس لهي ٿي۔اِهو ئي ڪارڻ آهي جو ضراب جون ڪهاڻيون وطن جي واهوندن کان ويندي پيار جي پيچرن تائين ڦھلجي دل ۾ لهي وڃن ٿيون۔
´حيدر آباد`مجموعي جون ڪهاڻيون پنهنجن عنوانن جيان ڏاڍيون حيرت انگيز ۽ دل آويز آهن۔اهوئي ڪارڻ آهي جو ضراب ڪهاڻين جي مها ڪاريگريءَ سان اهڙي ته اعليٰ اُڻت ڪري ٿو جو ڪهاڻي پڙهندڙ کي پاڻ ۾ تحليل ڪري، کيس ڪهاڻي جي ڪنهن ڪردار ۾ تبديل ڪري پُڄاڻي ۾ هڪ ڇِرڪ سان سُجاڳ ڪري وجهي ٿي۔´ڇوڪري شينهن ٿي نه سگهي` رومانس، آزادي ۽ قيد جي فطري توڙي غير فطري انداز ۽ انساني نفسيات جي جيڪا عڪاسي ڪئي آهي اُها هڪ سُچيت ڪهاڻيڪار جي نشاني آهي۔ته ڪيئن نه قيد ۾ جهنگ جو بادشاھ شينهن پيٽ جي بُک آڏو گاھ کائڻ تي مجبور ٿي پنهنجي فطرت وڃائي ويهي ٿو ۽ ٻئي طرف ڇوڪري پيار ۽ محبت جي رنگ ۾ رنگجي به شينهن بڻجي نٿي سگهي۔پر نيٺ آزاديءَ جي بي باڪ اُڏار سان ڪبوتر بڻجي نيري آسمان جي بي انت وسعتن ۾ اُڏامي عشق جو لامحدود آڪاس بڻجي وڃي ٿي۔اهڙيءَ طرح ´حيدر آباد` مجموعي ۾´نُما شام جسم`، بڪاز ماءِ ھارٽ از بِروڪن`، منڇر`، حيدرآباد`، رهجي ويل ٽائيٽنِڪ لمحو`، عاقبت جو توشو`، طالبان`، گُڊ لڪ`، ميٽني شو`، هڪ غريب دور جي امير ڪهاڻي`، هوائن جي ايوان ۾ وڃائجي ويل ڪهاڻي`، اچيومينٽ`، دل چريءَ جو فيصلو`۽´هڪ سَراب جو الميو` ڪهاڻيون پنهنجي تخليق جي مختلف رنگن سان لفظن جي لالائيءَ ۾ رڱي ڇڏين ٿيون ۔
ضراب حيدر جي ڪهاڻيڪار اک سماجي وارتائن توڙي المين کي آرٽسٽ نظر سان اهڙو ته فوڪس ڪري ٿي جو ڪهاڻي جيئري جاڳندي ڪا ڪائنات بڻجي سيني ۾ ڌڙڪڻ لڳي ٿي۔ڪهاڻيءَ جي نج ٻوليءَ ۾ ضراب جذبن جي جيڪا جاوداني پيدا ڪري ٿو اها ڪلا تمام گهٽ ڪهاڻيڪارن کي نصيب ٿي سگهي آهي۔ضراب پنهنجي ٽهيءَ ۾ توڙي نئين ڪهاڻيءَ جي ڪيئنواس تي هڪ سگهارو ڪهاڻيڪار آهي۔ ڪنهن به موضوع کي ڪهاڻيءَ جو روپ ڏيڻ ضراب جهڙي ڪهاڻيڪار لاءِ پنهنجي اندر ۾ پاڻ کي ولوڙڻ جي برابر ٿئي ٿو۔ڇو ته جڏهن به ڪا شيءِ اوهان جي سوچ سمجهه کان مٿاهين هوندي آهي تيسين تائين ته اها توهان وٽ آسانيءَ سان اچي ويندي آهي۔پر جڏهن توهان اُن جي اصل جوهر کان آگاھ ٿيندا آهيون ته اها شيءِ يا تخليق توهان لاءِ دُشوار بڻجي پوندي آهي۔پر پوءِ به جڏهن تخليق توهان تي مُنڪشف ٿيندي آهي ته اُن کي اصل پنهنجي سَگهه سان مُڪمل ڪري پيش ڪرڻ لاءِ جنهن اضطراب مان گذرڻو پوندو آهي اُهو ڪيڏو نه پيڙائتو هوندو آهي۔جنهن جي ڀوڳنا جو ڀَرم اُن تخليق جي روپ ۾ پڙهندڙ جي دل جي دنيا کي ڌوڏائي ڇڏڻ جي روپ ۾ ظاهر ٿيندو آهي۔۽ سچ ته ضراب حيدر جي ڪهاڻي اُها ڌوڏائي ڇڏيندڙ ڀرپور سَگهه رکي ٿي۔۔جيئن´منڇر`ڪهاڻي منڇر جي سُونهن ۽ سوڀيا کان ويندي اڄوڪي سندس هٿرادو تباهي تائينءَ جيڪا حقيقت آهي اُن کي وڏي اعليٰ ڏانءُ سان جيڪا فنائتي صورت بخشي آهي اُها اکرن مان اُڪري روح ۾ ڀِٽن ۾ ڀٽڪندڙ مور جي رڙ جا لهي وڃي ٿي ته ڪهاڻي تخليقي صلاحيت جو مانُ ماڻي وٺي ٿي۔ڪهاڻي جو ڏانءُ ضراب جو وڏي هنر منديءَ سان آڌر ڀاءُ ڪري ٿو ته منڇر جو درد ۽ الميو تاريخ جي جهروڪي مان کيس نمستي ڪري اطمنان ماڻي ٿو۔ضراب هڪ بي باڪ ڪهاڻيڪار آهي۔ماڻڪ وانگر، علي بابا وانگر۔ضراب سيڪس جهڙي مَمنوع ۽ ڇِرڪائي ڇڏيندڙ موضوع کي جنسي بي راھ روي جو روپ نٿو ڏئي پر ان کي فنڪارانه انداز ۾ سماجي سچ سان علامتي رنگ ۾ اهڙو ته بيان ڪري ٿو جو اُهو اوپرو لڳڻ بجاءِ فطري سوڀيا جو ڪو عڪس بڻجي پوي ٿو۔
´طالبان`ڪهاڻي پُر تجسس هڪ رومانوي ڪهاڻي آهي۔جنهن ڪهاڻيءَ جو انداز ضراب جي هر ڪهاڻيءَ جيان مختلف آهي۔ضراب هن ڪهاڻي جي رچنا ڏاڍي موهيندڙ انداز سان ڪئي آهي۔پر اُن جو مرڪزي نُقطو سندس اڳين ڪهاڻي´سگريٽ کي ڪٿان دکائجي` وارو آهي۔جيڪا ڪهاڻي سندس اڳين ڪتاب´سرحدن کان اڳتي`۾ موجود آهي۔توڙي جو ٻنهي ڪهاڻين جي دنيا بلڪل به الڳ آهي۔جن جي اُڻت پڻ هڪ ٻئي کان مُختلف آهي۔´حيدرآباد`ڪهاڻي سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب سان ٿيل هٿ چراند جو هڪ نوحو آهي۔۔جنهن جو درد ڪهاڻي جي اهم ڪردار دوست محمد جي دل مان اُڀري سموري سنڌ ۾ سمائجي وڃي ٿو۔
´دوست محمد قلعي جي زبون حال ديوار کي ڏٺو، جيڪا ساڻس گهڻو ڪجهه ڳالهائي رهي هئي ۽ کيس اُهو ٻڌائي رهي هئي ته:´مان سِر سِر ٿي، تڏهن ڀُرندي آهيان، جڏهن اِن نعري جو کوکلو پڙاڏو مون سان ٽڪرائبو آهي ۽ هوائن سان تحليل ٿي ويندو آهي۔`اھڙي ريت ڪهاڻي وڏي آرٽسٽڪ انداز سان پُڄاڻيءَ تي پُهچي ڪيئي سوال ڇڏي وڃي ٿي۔ايئن´گُڊ لڪ` ڪهاڻي جو ڪردار´اسير`، جيڪو بَدن جي پگهر جي بوءِ جي ڪري احساس ڪمتري جو شڪار هجي ٿو يا هر وقت شو ڪندڙ ´ميٽني شو` جو ´ڪمال` اُهي ڪردار پنهنجي زندگين کي ڪا معنيٰ ڏيڻ لاءِ سرگردان رهن ٿا ۽ حيرت انگيز سببن سان پنهنجي پنهنجي منزل پائين ٿا۔اُهي ڪهاڻيون پنهنجي پنهنجي ٿاٽ ۾ زبردست ڪهاڻيون آهن۔جن ۾ مُختلف ڪردارن جي زندگيءَ جي حسرتن ۽ مسرتن جو معراج سَنجوڳ جي سيج تي ڪرُ موڙي جاڳي ٿو ته ڪيفيتن جا ڪاڪ ٽيل ڇلڪي پَون ٿا۔حيقيت اها آهي ته مون ضراب حيدر جو هي ڪهاڻين جو ڪتاب´حيدر آباد` پڙهندي مختلف ڪهاڻين جي حسين ڪائناتن مان گذرندي عجيب ڪيفيتن جي جهانن جا رنگ محسوس ڪيا آهن۔۽ انهن رنگن ۾ زندگيءَ جا درد توڙي الميا دل جي ويجهو محسوس ڪندي بي ساخته اکين جي ڪنڊن کي نمڪين ٿيندي ڀانيو اٿم۔۔۔۔۔
22/5/2019