سنڌ جي شَعُور جي مَشعل جو رَکوالو
جامي چانڊيو سنڌي سماج، ادب، سياست، فلسفي، تنقيد ۽ تاريخ جهڙن سنجيده شعبن ۾ جيڪا مَھارت ۽ دسترس رکي ٿو اُها خُوبي اڄ جي سنڌ لاءِ وڏي وِٿ واري ڳالهه آهي۔هُن جون لکڻيون وقت ۽ حالتن جو اِنتهائي گهرائيءَ سان تنقيدي ڇيد ڪندڙ، مُناسب ۽ آسان حل پڻ پيش ڪندڙ آهن۔ڇو ته سماج ڏانهن ڪميٽيڊ شخص پنهنجن ذميوارين کان بخوبي واقف هوندو آهي ۽ اُن ڏانهن سندس رَويو انتهائي سنجيدہ هوندو آهي.
جامي چانڊيي جو فڪري، فني، ادبي، سياسي، تاريخي توڙي سماجي شعور انتهائي پَڪو پُختو ٿي رچيل آهي۔هُن جا مضمون هُجن، ڪالم هُجن، اڀياس هجُن يا ليڪچر، هُو اُنهن سڀنيءَ ۾ انتهائي سُجاڳ، اپڊيٽ رهندڙ ۽ عالمي تناظر ۾ گهرائيءَ سان تَڪي توري، ذميواريءَ سان پرک ڪندڙ اديب هوندو آهي۔مون سدائين کيس پڙهي توڙي ٻُڌي يا ساڻس ملي خوشي ۽ اُتساھ پاتو آهي۔۽ پنهنجي ذهن ۾ مُثبت اثر مُرتب ٿيندي محسوس ڪيا آهن۔
جامي چانڊيي جا مُختلف وقتن تي ڇپجي آيل ڪتاب سنڌ جي نئين نسل توڙي پراڻي لکندڙ ۽ پڙهندڙ کي نئين نئين سَمتن ۾ نَوَن نَوَن زاوَين سان مُتعارف ڪرائيندا رهندا آهن۔سندس ڇپيل هن اهم ادبي ڪتاب ”ادبي تنقيد جا مُحرڪ ۽ سماجي ڪارج“ اهڙو ته شاندار ڪتاب آهي جنهن ۾ ادب جي اهم پهلوئن تي همه گير انداز ۾ منطقي نموني، باريڪ بينيءَ سان صاف، سولي ٻوليءَ ۾ لکيو ويو آهي۔
جامي چانڊيي جي هِن ڪتاب جي مهاڳ (وَهي منجهين وَڳَ، کٿُوري ڏار چَري)نامياري ليکڪه ڊاڪٽر فهميده ميمڻ لکيو آهي۔جنهن ۾ هُوءَ لکي ته ”جامي چانڊيي جو هيءُ ڪتاب گهڻي ڀاڱي ته علمي ۽ فڪري (Academic) تنقيد جو ڪتاب آهي پر آخر ۾ ڪجهه مضمون علمي (Practical) تنقيد جا به آهن. هن ڪتاب ۾ ادبي تنقيد جي وصفن، اُنهن جي لاءِ ضروري عنصرن ۽ مُحرڪن وغيره بابت لکڻ کان پوءِ ادب توڙي تنقيد جا فڪري مُحرڪ، سماجي مُحرڪ، سماجي ڪارج، ڪميٽمينٽ جو سوال، تخليقي ۽ تنقيدي شعور جي اهميت، تصورن، خيالن، نظرين توڙي فڪر ۽ فن (آرٽ)جي اهميت، ٻولي ۽ ڊڪشن جي خُوبي وغيره بابت ڄاڻ ڏني وئي آهي. “هي مهاڳ ڏاڍو فهميدو، شائستو، گهڻ رُخو ۽ اعليٰ تنقيدي شعور سان سَرشار آهي۔جنهن ۾ جامي چانڊيي جي هِن ڪتاب جي لکڻين تي هڪ ڀرپور خيال آرائي ڪئي وئي آهي. هِن ئي ڪتاب ۾ سنڌ جي هڪ بهترين ليکڪ ڊاڪٽر غفور ميمڻ جو”ٻه اکر“ جي عنوان سان لکيل ليک پڻ ڏاڍو گهرو ۽ ڪتاب جي لکڻين جو ڀرپور ڇيد ڪندڙ آهي. هُو لکي ٿو ته ”جامي چانڊيي جو هيءُ سڄو ڪتاب اُنهيءَ بنياد تي لکيل آهي ته ادب ۽ تنقيد جو فڪري پاسو ڪيترو اَهم آهي ۽ اُن کي ڪيئن جانچڻ گُهرجي؟علامه آءِ آءِ قاضيءَ جو هيءُ جُملو معنيٰ خيز آهي ته”علم ۽ ادب جو مَدار´فڪر`تي آهي“ ڇو ته فڪر ئي هر مضمون ۽ بَيان جو سَرچشمو آهي. “غفور ميمڻ جي گهري ۽ مُفصل تحرير کان پوءِ ڪتاب جي ليکڪ جامي چانڊيي جو´پنهنجي طرفان`ليک پڻ جامع ۽ اهم آهي. جنهن ۾ جامي چانڊيو لکي ٿو ته”تنقيد، تنقيدي شعور مان اُڀرندي آهي، تنقيدي شعور وري علم، عقل ۽ اِدراڪ مان جُڙندو آهي. تقليد نه رڳو تخليق جي نَفي آهي پر اُها تنقيدي شعور جي پڻ نَفي آهي. جڏهن ته تخليقي ۽ تنقيدي عمل مختلف هوندي به هڪٻئي سان جُڙيل ۽ ڪِن حالتن ۾ بِنھ مَشروط پڻ آهي. ننڍي کنڊ جي وڏي ادبي نَقاد ڊاڪٽر اَحسن فاروقيءَ تنقيد کي تخليقي عمل ڪوٺي اُن جي اِمتزاج کي´تخليقي تنقيد` سڏيو هو. تنقيدي شعور سماج جو جوهر آهي ۽ اُن جو ادب، سياست، فن ۽ زندگيءَ جي هر شعبي سان بنيادي ۽ تمام ڳُوڙهو ۽ ڳُتيل لاڳاپو آهي. “ اهڙيءَ طرح اهڙين پُرمغز تحريرن کان پوءِ مطالعي جو حسين ۽ دلچسپ سلسلو شروع ٿئي ٿو. جنهن جو آغاز ”ادبي تنقيد جا مُحرڪ ۽ سماجي ڪارج“جهڙي اَهم، گهري، مُدلل ۽ مُفصل ليڪچر/مضمون جي صورت ۾ ٿئي ٿو۔جنهن ۾ جامي چانڊيي پنهنجي ادبي شعور توڙي اِدارڪ جي روشنيءَ ۾ ادبي تنقيد، تخليقي ادب، حقيقت نگاري، تنقيدي شعور، ادب جي فڪري تنقيد جا بنيادي عنصر، ادب ۽ فن ۾ قدرن جي اهميت ۽ پرک، ادب ۽ فن جي مُحرڪن جي اهميت ۽ پرک، ادب ۾ تصور ۽ خيال جي اهميت، ادبي تنقيد ۾ نظرين جي اهميت، ادب ۽ فن ۾ طبقاتي شعور، ادبي تنقيد جا قسم، ادب جي سماجياتي تنقيد، ادب جي اخلاقياتي تنقيد، ادب جي نفسياتي تنقيد، ادب جي ثقافتي تنقيد، ادب جي جمالياتي تنقيد، ادب جي تاريخي تنقيد ۽ ادب جي فني تنقيد تي گهڻ پاسائين خيال آرائي ڪري هر هڪ رُخ ۾ سادي انداز، ۽سهڻي سٽاءُ سان ترتيب وار سَوِلي نموني دل آويز ڪري پيش ڪيو آهي۔جو اُن طويل پر اهم ۽ جامع مضمون جي ادبي اهميت اُجاڳر ٿي پوي ٿي ۽ پڙهندڙ بنا ڪنهن مونجهاري ۽ ذهني ٿڪاوٽ جي اُن سلسلي کي پنهنجي هانوَ سان هنڍائي ڇڏي ٿو۔اهڙي نموني هِن ڪتاب جو ٻيو ليڪچر نُما مضمون ”ادب ۽ فن بابت غلط تصور ۽ مَفروضا“ جي عنوان سان پنهنجي موضوعاتي انفراديت سان سوچن کي سيراب ڪري ڇڏي ٿو۔۽ ادب ۽ فن ڇا کي چئجي ٿو؟ادب ۽ فن بابت خالص هُئڻ، ادب ۽ فن جا ڪي به سماجي ۽ فڪري مُحرڪ نه هُجڻ، ادب ۽ فن ۾ آفاقيت، ادب ۽ فن ۾ جديديت ۽ ڪلاسيڪيت، ادب ۽ فن بابت ترقي پسندي، ادب ۽ فن ۾ رومانويت، ادب ۽ فن ۾ افسانويت، ادب ۽ فن ۾ جماليات، ادب ۽ فن ۾ لافانيت هُجڻ، وارن تصورن ۽ مَفروضن تي تفصيلي، تنقيدي ۽ فڪري انداز ۾ ڏاڍو زبردست لکيو آهي۔جنهن ۾ ادب جي مِڙني پاسن جا جَهروڪا کُلندي شعور ۽ اِدراڪ جي روشني روح توڙي دل ۽ دماغ کي مُعطر ڪري ڇڏي ٿي۔”ڇا سنڌ جي مزاحمتي ادب جي ڌارَ مُڏي ٿي چُڪي آهي؟“۾ جامي چانڊيو لکي ٿو ته”مان سمجهان ٿو ته مزاحمتي ادب کي روايتي ۽ محدود اصطلاحي معنيٰ ۾ وٺڻ نه گُهرجي. دنيا جو هر اُهو ادب جيڪو وڏن تصورن، قدرن، ۽ روين جو ترجمان هُجي ٿو اُهو دراصل مزاحمتي ادب ئي هوندو آهي. رڳو ظلم خلاف سِڌو لِکڻ مَزاحمت نه آهي. حُسن جي ڳالهه ڪرڻ به ڪوجهائپ جي مزاحمت نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟“قومن جون پهريون جنگيون سندن ادب ۽ فن وڙهندو آهي. “اھڙيءَ ريت جامي چانڊيو اُن تناظر ۾ ادبي زاوين تحت اهم ۽ ڌيان طلب علمي، ادبي ۽ تنقيدي نقطه نظر پيش ڪري ٿو۔ان ئي مضمون کي ساراهيندي سنڌ جي وڏي ادبي نقاد محترم رسول بخش پليجي، ”خيال، تصور، نظريو۽ عمل هڪٻئي جي پيداوار آهن!“، ”هڪ لحاظ کان جامي چانڊيي جي مَٿين مضمون ۾ مَنطقي چُڪ کي درست ڪندي جيڪو جوابي ڪالم لکيو آهي“اُهو پڻ پنهنجي تنقيدي شعور ۽ اِدراڪ سان مالا مال آهي۔جنهن ۾ پڻ پڙهندڙ تنقيد جي نوَن رستن تي سوچ جو سفر ڪري ٿو۔جڏهن ته شيخ اياز جي فڪري مُونجهارن جي پس منظر ۾ لکيل مضمون”فطرت، فلسفو، زندگي ۽ اياز جا فڪري مُونجهارا“۾ جامي چانڊيي اياز جي شاعراڻي اهميت ۽ افاديت کي ساراهيندي هُن تي جيڪا تنقيد ڪئي آهي اُها هڪ ڪميٽيڊ اديب جي ذميواريءَ کي واضع ڪري ٿي۔اياز جي شاعريءَ سان بيحد محبت هوندي به جامي روايتي ادبي عقيدي پرستي کي ٺُڪرائيندي هڪ غير جانبدارانه ادبي رويي تحت ڏاڍي مُفصل انداز ۾ تنقيد ڪندي اصل تنقيد جي روح جي پاسداري ڪئي آهي۔جنهن ۾ عالمي ادب توڙي فلسفي جي تُز حوالن سان اِهو واضع ڪيو آهي ته سندس اياز سان اصولي ۽ ادبي اختلاف ڪيڏو نه مهذب، غير رواجي ۽ اياز سان بي حد محبت جو ثبوت آهي۔ان کان پوءِ مَٿين اياز متعلق مضمون جي تسلسل ۾ هڪ ٻيو ڪالم”نصير!مان توسان سَهمت آهيان!“نصير مرزا جي خط جي حوالي سان ڪيو آهي۔جنهن خط ۾ نصير مرزا جامي جي اڳئين لکيل ڪالم ۾ اياز جي فڪري مُونجهارن يا ڪجهه ٻين ڳالهين سان سهمت ٿيندي اُنهن ادبي مامرن تي اياز سان ڪيل ڳالهه ٻولهه جو ذڪر ڪيو آهي۔جيڪو ڪالم پڻ جامي جي فڪر ۽ فهم جو عڪاس آهي۔جامي چانڊيي جو اياز جي وڇوڙي کان پوءِ لکيل هڪ ٻيو مضمون”هڪ اياز جيڪو فاني هو ۽ ٻيو اياز جيڪو دائم رهندو!“ ۾ جامي اياز کان پوءِ ٿيندڙ ڪجهه ڳالهين تي پنهنجي مُدلل انداز ۾ ڏاڍو سٰٺي نموني، گهرائي ۽ ذميواريءَ سان لکي گهڻن پيدا ڪيل مُونجهارن کي حل ڪري واضع ڪري ٿو۔جيڪا سندس علم، ادب، فڪر توڙي فهم سان سچي لگن جي نيشاني آهي۔موضوع جي اُن ساڳي تسلسل ۾”اياز سان محبت، اياز شناسيءَ جي تقاضا ڪري ٿي!“۾ پڻ جامي وڏي غور ۽ فڪر سان سلهاڙيل خيالن ۽ سوچن کي تمام سيبتي نموني پيش ڪري سنڌي ادب ۾ روايتي ۽ سطعي راءِ يا غير منطقي بحث مباحثن جي بجاءِ اياز شناسيءَ جي تنقيدي بنيادن تي پَرک ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو۔ايئن”سماج ۾ اديب جو ڪم ۽ ذميواريون“جي موضوع تي جامي جو هي ليڪچر پڻ ڏاڍو اهم آهي۔جنهن ۾ ”ادب ڇا آهي؟“سَوَلي ۽ دليلن سان سمجهاڻيءَ سميت خيال، احساس، تخيل، ڪردار، سماج، فرد جي ذميواري، رول ماڊل، اتساھ، ويساھ يا”اديب جو سماجي ويڄ هجڻ“واري پس منظر ۾ ڏاڍي دلچسپ ۽ آسان طريقي سان نئين سوچ ۽ ذهنن جي اوسر ۾ هڪ اديب جي ذميواريءَ وارو فرض خوب نڀائيندي نظر اچي ٿو۔”ڇا سنڌي ادب جو سماجي ڪارج نه رهيو آهي“جهڙي ڏاڍي اهم ۽ حساس مسئلي تي جامي هڪ باشعور ۽ مُتحرڪ، سماج جي سڀني رُخن تي گهري نگاھ رکندڙ اديب جيان، اعجاز منگيءَ جي هڪ مُتضاد ڪالم جي حوالي سان لکيو آهي۔جنهن ۾ اعجاز منگيءَ جي چوڻ موجب ته ”سنڌي ادب جو ڪارج وڃائجي چُڪو آهي ڇو ته اڄ ڪلهه هر ڳالهه کُلي عام چئي ۽ لکي سگهجي ٿي۔جيڪا ادب ۾ علامتي يا تمثيلي طور ڪنهن به ادبي صنف ۾ چوڻ بيڪار ٿي پئي آهي۔۽ اهو سمورو ادب جو پاسو صحافت ڀرپور نموني پورو ڪري رهي آهي. “اعجاز منگيءَ جي اهڙن خيالن جي موٽ ۾ جامي ادب، آرٽ، فڪر، فهم توڙي شعور وند سنجيده ۽ گهري سوچ سان ادب جي سماجي ڪارج جي هُجڻ واري رُخ ۾ لکي ٿو ته ”صحافت جو بُنيادي ڪارج سماج جي هر گهڙي تبديل ٿيندڙ معروضي حالتن ۽ وقوع پذير ٿيندڙ واقعن/حادثن/لقائن جي ٺوس ۽ پَڪي پُختي معلومات پُهچائڻ ۽ اُنهن جي خيالي بُنيادن تي نه پر حقيقي بُنيادن تي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ آهي. جڏهن ته ادب آهي ئي خارجيت، داخليت، خيالن، تصورن، خوابن، خواهشن، پُورن، دردن، خوشين، تخيل، فني ۽ جمالياتي اظهار. “ اهڙي طرح هي مضمون سنڌي ادب جي سنڌي سماج ۾ اهم ضرورت ۽ اُن جي ڪارڪردگي ۽ اَٽوٽ تعلق توڙي اُن جي تخليقي سگهه جي اهميت کي ڀرپور نموني منطقي انداز سان هڪ شاندار تنقيدي لکڻيءَ طور پنهنجي حيثيت مڃائي ٿو۔جامي چانڊيي جي هِن سنڌي ادب جي اهم ۽ پُروقار ڪتاب”ادبي تنقيد جا مُحرڪ ۽ سماجي ڪارج“۾ ٻيا به اهم مضمون آهن. جن ۾ ”ڇا سنڌي اديب پنهنجي ڪردار تان هٿ کڻي چُڪو آهي؟“، ۾ جامي چانڊيي اديب جي ڪردار ۽ سندس بي راھ روي جي پس منظر ۾ انتهائي تاريخي، سماجي توڙي ادبي تناظر ۾ ڀرپور دليلن سان انهي صورتحال جو جائزو پيش ڪيو آهي۔دراصل هي مضمون عبدالقادر جوڻيجي جي هڪ ڪالم”ڇا لکان؟“جي جواب ۾ لکيل آهي۔”جنهن جو مجموعي تاثر هيءُ ٿو بيهي ته سندس نظر ۾ هاڻي سنڌي سماج ۾ قلم جو ڪو ڪارج نه رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هُن پنهنجي ڪالم ۾ هر طرح سان ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته آخر هُن کي ڇو ۽ ڇا لاءِ لکڻ گهرجي؟“، ”سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن جو مَزاحمتي ڪردار ڇو نٿو جُڙي؟“۾ جامي گهڻ رخي گهري نظر رکندي هڪ هنڌ لکي ٿو ته”اُن ڪري جو لفظ بي روح ٿي ويا آهن ۽ اسان جي اديبن ۽ دانشورن جي گهڻائي زندگيءَ ۽ تفڪر کان ڪَٽيل آهي. خيال، احساس ۽ ماڻهو ادب ۽ فن جو روح هوندا آهن. اديب ۽ دانشور اُنهن ٽنهي شين کان پاسيرو ٿي وڃي ته پوءِ اُهو ئي ٿيندو آهي، جيڪو اسان وٽ ٿئي ٿو. “، ”نادر بيگ مرزا جون ڪهاڻيون“(هڪ اڀياس)، پڻ هڪ بهترين مضمون آهي. جنهن ۾ جامي، نادر بيگ جي ڪهاڻين جي حوالي سان پنهنجي ادبي شعور جي اعليٰ سطع کي برقرار رکندي اُن مُتعلق ڀرپور راءِ پيش ڪئي آهي. ۽ ليکڪ جي ڪهاڻيءَ جي خوبصورت ٻوليءَ جي مزاج ۽ ڪهاڻي جي فارميٽ، ڪهاڻين جا موضوع، عورت جي اهميت ۽ سونهن، احساساتي رومانويت وغيره کي ساراهي ٿو. ”شاعري ديواني جو خواب آهي!“، دراصل لاڙڪاڻي جي چوڏهن شاعرن جي شاعريءَ جي ڪتاب”ڏات ڏيئا ٻاريا“جو مهاڳ آهي۔جنهن ۾ جامي سڀني شاعرن جي شاعري تي وڏي گهرائي ۽ ذميواريءَ سان مختلف رُخن ۾ هڪ سٺو تنقيدي اڀياس ڪيو آهي. ”اوڙاھ(غلام نبي مغل جي ناول تي تنقيدي تبصرو)“۾ جامي ناول جي لاءِ لکي ٿو ته”هي هڪ تاريخي ناول آهي. “، ”ٻين لفظن ۾ هيءُ ناول ارغونن کان وٺي موجوده وقت تائين جي سياسي- سماجي(Socio-political)تاريخ آهي، جنهن کي هن ڪاميابيءَ سان ۽ اثرائتي نموني نڀائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. “، ”وري اُوندھ روشنيءَ سان اُلجهي پئي آ!“، “اصل ۾ هي مضمون سائين محمد ابراهيم جويي جي ڪتاب”سيڪيولر ازم ۽ عقليت پسندي“جو مهاڳ آهي. جنهن ۾ انساني اعليٰ شعور جي ارتقا جي عالمي توڙي مقامي تناظر ۾ وڏي وسيع ۽ سائنسي انداز سان پروڙ جو خاڪو جوڙيو ويو آهي. ، ”سنڌي ادب ۾ عقيده پرستيءَ جو سوال“، وارو ليک شيخ اياز ڪانفرنس سکر ۾ ڪيل هڪ تقرير آهي جنهن کي اخبارن غلط رپورٽ ڪري ليکڪ جي اصل مقصد ۽ مفهوم کي بگاڙي پيش ڪيو هو. جنهن ڪارڻ ادبي حلقن ۾ غلط بحث ٿيڻ لڳا. جنهن لاءِ پنهنجي اصل موقف کي هن مضمون ۾ جامي واضع طور تي مدلل انداز ۾ ڏاڍي بهترين نموني پيش ڪيو آهي. جنهن ۾ هو لکي ٿو ته”علم ادب ۽ فن ۾ عقيدي لاءِ ڪابه گُنجائش نه هُئڻ گُهرجي، ڇاڪاڻ ته تخليقي عمل، تفڪر، ۽ فن زنده ۽ مُتحرڪ هوندا آهن ۽ عقيدا جمود جي علامت آهن. اِهو مُمڪن آهي ته ڪو شاعر يا تخليقڪار پنهنجي مجموعي جوهر ۾ سڀني کان مٿاهون ۽ عظيم هُجي؟“، يا”هر شيءِ کي ڪُليت ۾ ڏسڻ يا هر معاملي کي قطعي طور جُزويات ۾ ڏسڻ هڪ مَنطقي چُڪ آهي. “، ”سراج:ٻوليءَ، ادب ۽ تاريخ جو پارکو“، جيڪو سراج جي مخلتف فڪري پاسن جي پس منظر ۾ سندس هڪ ڪتاب ”مون جا سِرجي سِٽ“جو مهاڳ آهي۔جنهن ۾ جامي وڏي مُفصل انداز ۾ باريڪ بينيءَ سان سراج صاحب جي قلمي پورهيي جي پرک ڪئي آهي۔جنهن ۾ سراج صاحب جي ادبي ڪمن توڙي سندس افسانه نگاري، مُترجم، شاعر ۽ ناول نگار جي حيثيت تي لکندي سندس ٻين اهم شعبن تحقيق ۽ تنقيد توڙي سندس صحافتي ڪارڪردگيءَ تي پڻ لکيو آهي. ان ئي تحرير کي وڌيڪ جامع ۽ گهڻ رُخو بنائڻ لاءِ سراج صاحب جا مُختلف وقتن تي جيڪي اهم خط حوالي طور ڏنا آهن۔اهي به پنهنجو مٽ پاڻ آهن. جن ۾ قاضي قاذن جي وڌيڪ مليل شاعري، جيڪا هيري ٺڪر هٿ ڪري متعارف ڪرائي. ان تي اهو خط تحقيقي، تنقيدي ۽ تاريخي اعتبار کان زبردست لکيل آهي۔جنهن ۾ اها شاعري پندرهين صديءَ جي قاضي قادن جي نه هجڻ ۽ اها ڪنهن بعد ۾ آيل قاضي قادن يا غلطيءَ وچان اها شاعري ان نالي سان منسوب ٿي وڃڻ واري معاملي کي ڀرپور دليلن جي بنياد تي واضع ۽ چِٽو ڪيو آهي۔يا هڪ ٻئي اهم مضمون ۾ سراج”چرچي ۽ ڀوڳ“ جي تاريخي توڙي فڪري حوالي سان جيڪا تفصيلي وضاحت ڪئي آهي اها پڻ سراج صاحب جهڙي گهڻ پاسائين ليکڪ جي عظمت کي اُجاڳر ڪري ٿي. ”هڪ ڪامياب اُستاد ۽ ڪميٽيڊ ليکڪا“، دراصل تهمينه مفتيءَ جي شخصيت ۽ سندس ڪهاڻين تي لکيل مهاڳ آهي۔جنهن ۾ ليکڪا جي ڪهاڻين جي پس منظر ۾ جامي ڪتاب جي اڳين مضمونن جي گهرائي جيان مٿاهين سطع تي پهچي نه لکي سگهيو آهي۔ٿي سگهي ٿو اها ڪوتاهي منهنجي مطالعي جي ڪنهن کوٽ سبب پيدا ٿي هجي. ”ھڪ شاعر جي دريافت“، مولا بخش چانڊيي جي هائيڪن جي ڪتاب”ڀِٽُن پھريا ويسَ“ جو مهاڳ آهي۔جيڪو پڻ مون کي جامي جي اڳين مضمونن جي ائپروچ کان گهٽ لڳي ٿو۔ان کان اعلاوه ”لفظن جو ماتم ۽ شاعر جي دل!!“، تاج بلوچ جي ڪتاب”لفظن جو ماتم“ پڻ هڪ سادو مضمون لڳي ٿو. جنهن ۾ جامي لکي ٿو ته”مون سندس اڳوڻا ٻه ڪتاب”درد جو صحرا“۽”خوشبوءِ جو زهر“ به پڙهيا هئا ۽ تاج جيان ڪنهن به مصحلت کان پاسو ڪندي مان پنهنجي اها راءِ ضرور ريڪارڊ تي آڻڻ چاهيندس ته سندس تازو ڪتاب”لفظن جو ماتم“ فني لحاظ کان”درد جو صحرا“ ۽ ”خوشبوءِ جو زهر“جي معيار جو ناهي. “، اڳتي جامي لکي ٿو ته”هيءُڪو سندس ڪتاب تي تنقيدي ليک ناهي جنهن ۾ مون هُن جي شاعريءَ جو ڪو اڀياس ڪيو هجي. ڪڏهن اهو به ضرور ڪندس، پر هيءَ دل جي ڳالهين تي دل جي اکين جي هڪ نظر آهي. “ ”ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري“، ھڪ سٺو ليک آهي جيڪو دراصل عبدالوحيد جتوئيءَ جي ڪتاب ”سنڌي ادب، فن کان فڪر تائين“جو مهاڳ آهي۔جنهن ۾ جامي لکي ٿو ته”هيءُ مقالو جيڪو پنهنجي عنوان مان ئي ظاهر آهي ته اهو سنڌي ٻوليءَ جي قديم توڙي ڪلاسيڪل ۽ ويندي جديد سنڌي شاعريءَ جي مُختلف حوالن سان ڪيل اڀياس تي مُبني آهي. “، اُن کان پوءِ ”مايوسيءَ سان مزاحمت ڪندڙ گهڙيون!“، ”نامياري اديب محترم رسول بخش پليجي جي جيل ڊائري”ڪوٽ لکپت جو قيدي“ تي لکيل مضمون آهي۔جنهن ۾ جامي چانڊيو سندس ڊائريءَ متعلق لکي ٿو ته، ”ڪوٽ لکپت جي ڪال ڪوٺڙين ۾ وطن کان پري بيماريون، تنهايون، ۽ قيد جون سختيون سهندڙ رسول بخش پليجو هن ڊائريءَ ۾ هڪڙي به لمحي مايوس، خوش فهم، فراريت جو شڪار، بيزار، ۽ ذهني طرح ٿَڪل ۽ ٽُٽل نه ٿو لڳي، پر هُو اُن جي اُبتڙ هر وقت نيون سوچون، خيال، ۽ آدرش تخليق ڪندڙ، زندگيءَ جي سمورن پاسن جو مُطالعو ڪندڙ، پنهنجي قوم، عوام ۽ ڌرتيءَ جي آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ جا خواب ڏسندڙ ۽ اُن لاءِ عملي تدبيرون جوڙيندڙ بهادر، بردبار، اَرڏو ۽ اَڻ ورچ مُفڪر ۽ ڏاهو مسيحا ٿو لڳي. “ان ريت هن ڪتاب جو آخري مضمون سائين محمد ابراهيم جويي جي ڪتاب ”ادب، ٻولي ۽ تعليم“ جو دراصل مهاڳ بعنوان ”سنڌ لاءِ خواب اُڻندڙ فڪري پورهيت“ آهي. جنهن ۾ جامي چانڊيو لکي ٿو ته”جيتوڻيڪ اڄ اُن واقعي کي اَڌ صدي گُذري چُڪي آهي ۽ اسين اُهو سڀ ڀوڳيون ويٺا، جنهن جي امڪانن کان سنڌ کي جويي صاحب خبردار ڪيو هو. اُن کان پوءِ به ويندي اڄ تائين سنڌ جي سموري تحريڪ ۾ بظاهر پس منظر ۾ هُجڻ باوجود به جويي صاحب جو اَهم ڪردار رهيو آهي. هُن ئي سنڌ ۾ وطن دوست ۽ قومي حوالي سان فرض شناس سياسي دانشمنديءَ جا ابتدائي بنياد وڌا. هُو پهريون ماڻهو هو جنهن وطن دوست دانشورن جو سياسي ڪردار مُتعين ڪيو ۽ پنهنجي عمل سان اِهو واضع ڪيو ته جيڪو سُڃاڻ ماڻهو پنهنجي صلاحيتن کي پنهنجيءَ قوم ۽ عوام جي ترقيءَ ۽ بقا لاءِ نٿو جاکوڙي، اُهو ڪڏهن به تاريخ ۾ پاڙون هڻي نٿو سگهي. “اهڙيءَ طرح جويي صاحب جي ڪتاب تي ايترو جامع ۽ وسيع تناظر ۾ لکيل هي مهاڳ گهڻ پاسائين معلومات فراهم ڪري ٿو.
جامي چانڊيي جي هِن شاندار ڪتاب جي پُر مغز مطالعي کان پوءِ ذهن هِن نتيجي تي پُهچي ٿو ته جامي چانڊيي پنهنجي هِن ڪتاب جي فڪري ۽ آرٽسٽڪ اُڻت وسيع ۽ گهري مطالعي، ڳوڙهي مُشاهدي، گهرائيءَ، سنجيدگيءَ، سَلاست، ٻوليءَ جي حُسناڪيءَ، تُز دليلن، درياھ جهڙي رواني، ڳالهه ڪرڻ توڙي مُڪمل ڪرڻ جو هُنر، سَوَلي ۽ سِڌي ٻوليءَ ۾ پُرڪشش فني ۽ فڪري مهارت، غوناغون پُختن خيالن، عالمي توڙي ڏيهي حوالن سان ڪئي آهي.
جامي چانڊيو تاريخ جو شعور رکندڙ، علم ۽ ادب جو عاشق، سياست ۽ سماجيات، فلسفي توڙي فڪري تنقيد جو رکوالو، نئين سنڌ جي شعور کي سيراب ڪندڙ هڪ اهڙو ليکڪ آهي۔جنهن جي فڪر انگيز لکڻين ۾ توڙي سندس شائسته خيالن ۾ سنڌ جي ڀَيانڪ حالتن جي بند ڪيل گهٽيءَ جا دروازا کُلندي مِلن ٿا۔۽ سندس هر تحرير ۾ همت، حوصلي، شعور سان گڏ پُراميدي جي لاٽ روشن آهي.
10/4/20