ڪجلا سَر جي ڪنڌيءَ کان اورتي
سُٺي ناول لکڻ لاءِ، نه رڳو زندگيءَ جو عظيم ۽ عجيب تجربو ضروري آهي پر مَتن، ٻولي، ماحول، ڪردارنگاري، ۽ مَڪالمي جي بيساختگيءَ جو هُجڻ به اَڻٽر آهي. ڇاڪاڻ ته ناول صبر آزما ۽ وقت وٺندڙ پورهيو آهي.
ناول”ڪجلا سَر“جو ليکڪ اجمير ڀٽو آهي. هِن ناول وارو ڪتاب 127صفحن تي مُشتمل آهي. جنهن جو مهاڳ ستار هليي لکيو آهي. جنهن ۾ ستار ناول جي پس منظر ۾ عالمي طور تي تاريخي حوالا ڏئي ناول جي ٽيڪنيڪ مُتعلق سُٺي معلومات فراهم ڪئي آهي۔پر افسوس سان چوڻو ٿو پَوي ته اُهي سڀ اعليٰ ناول جو خوبيون مون کي هِن مهاڳ واري ناول ۾ ڪٿي به نظر ڪو نه آيون. جنهن ڪري ناول صرف ليکڪ جي شوق جي پورائيءَ جو هڪ بي ترتيب ۽ وقت جو ذيان لڳو. جڏهن ته ٻه اکر عزيز قاسماڻي ۽ بيئڪ ٽائيٽل سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪار اخلاق انصاري لکيا آهن. ليکڪ پنهنجي پاران پڻ لکيو آهي. هي ڪتاب2020ع ۾ مُرڪ پبليڪيشن ڪراچي ڇپرايو آهي. هِن ناول کي ليکڪ سورنهن بابن ۾ ورهايو آهي.
ناول جو عنوان”ڪجلا سَر“پڙهڻ سان ۽ ٽائيٽل تي تَلاءُ جي ڏيک ۽ ٻئي ڀَر جا ٿَري چونئرا، اُنهن جي ڀَر سان وڻ ۽ مٿان چنڊ جو منظر دل کي مُعطر ڪري ناول ڏانهن ڇِڪ وڌائين ٿا۔ته تَصور ۾”ڪجلا سَر“جو رومينٽڪ، جمالياتي ۽ تاريخي پس منظر اُجرو ٿي پوي ٿو. پر اُهو سڀ ڪجهه صرف نالي ۽ ٽائيٽل تي ڏنل عڪس تائين محدود آهي. ناول يا ناول جي مُختلف ڪهاڻين يا ڪردارن جو اُن دلرُبا عُنوان سان پَري تائين جو به ڪو تعلق ڪونهي.
آمريڪا جي مشهور ناول نگار هينري جيمس جو هڪ جملو آهي ته، ”ناول، زندگيءَ جو ذاتي دوست ۽ سڌو سنئون تاثر آهي. “۽ وڪٽورين دور جي مشهور ناول نگار هارڊي چوي ٿو، ”ناول هڪ نوعيت جو تاثر آهي. مُباحثو يا دليل نه آهي. “
ناول يا ڪهاڻي ڪهڙي به موضوع تي هُجي پر اصل ڳالهه جيڪا اُن موضوع کي ڪهاڻي يا ناول بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي اُها آهي اعليٰ فني پُختگي، جيڪا پلاٽ، ڪردار، موضوع، ماحول، ٻولي، منظر نگاري، اسلوب جي سگهه، ۽ ٻين اُن سان لاڳاپيل عنصرن کي نَواڻ ۾ تحليل ڪري ڇڏي، جيڪا ڪهاڻي يا ناول کي هڪ تخليقي سگهه بخشيندي آهي.
مشهور ناول نگار ٽالسٽاءِ جو چوڻ آهي، ”فن جو مقصد ڪنهن تجربي کي اظھارڻ آهي. ۽ فنڪار اهڙي تجربي ۽ اُن جي تَپش کي عام ماڻھن تائين پهچائڻ جي، جاکوڙ ڪندو آهي. “
ناول”ڪجلا سَر“، ڳوٺاڻي زندگي ۽ اُتان جي خامين توڙي خوبين جي عڪاسي ڪري ٿو. ناول جي شروعات ۾ بهلول فقير ڪُجهه ٻول ٻوليندي پنهنجي جُهوپڙي ڏانهن ويندي ڏيکاريو وڃي ٿو. اُن سان گڏ ڳوٺ جي سُونهن، ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، مزاج، سياسي توڙي سماجي اوچ نيچ جو ذڪر اچي ٿو. طبقاتي مَتڀيد ۽ اوچي طبقي ۾ شُمار ٿيڻ لاءِ ماڻهو پنهنجي توڙي پنهنجن رشتن ناتن جي تقدس، مانُ مريادا کي به پامال ڪندي دير نٿو ڪري. ناول جو گهڻو حصو سنڌ کان ٻاهر مصر جي عرب ويڙھ تي مُبني آهي. جتي بهلول يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ لاءِ سنڌ مان وڃي ٿو. اُتي سندس مصر جي روبيل نالي ڇوڪريءَ سان پيار ٿي وڃيس ٿو. ٻئي پاسي سندس ڀيڻ گُلنارا، جيڪا آمريڪا ۾ ڊاڪٽري پڙهي ٿي جنهن کي پڻ اُتي پنهنجي هم ڪلاسي آريان سان عشق ٿي وڃي ٿو. اُهي ٻئي ڪردار هڪ اوچي طبقي تي پُهچندڙ عالمي سطع تائين دلالي ڪندڙ شخص جو اولاد آهن. اُها سموري ڪهاڻي سرمد پنهنجي ڳوٺائي دوست سرويچ کي ٻُڌائي ٿو. سرويچ جيڪو پڻ هڪ غريب ماءُ پيءُ جو پُٽ آهي جنهن کي محنت مزدوري ڪري والدين ڊاڪٽري پڙهائين ٿا. جيڪا ڳالهه پڻ ناول مان اوچتو ظاهر ٿئي ٿي. جيئن سرويچ جي رومانوي زندگيءَ جي ڪهاڻي پل ۾ گهڙجي سامهون اچي ٿي. جيڪو انداز هڪ ناول جي ڪمزوري کي ظاهر ڪري ٿو. ايئن ناول مان کوڙ ڪهاڻيون کِڙندڙ تارن جيان تجلا ڏيندي گُم ٿي وڃن ٿيون. ڪردار به پاڻ ۾ وکريل وکريل محسوس ٿين ٿا. سندن ڳالهيون پڻ عام ڳالهه ٻولهه جيئن ٿين ٿيون. ڪٿي ڪٿي ڪي جُملا توڙي سِٽون پاڻ ڏانهن سَڏي وجهن ٿيون. ناول جي ٻوليءَ ۾ سُٺي رواني آهي. ناول جي ڪردارن ۾ مُسلم خان جو ڪارنامو غير ضروري ۽ عجيب انداز سان پيش ٿيل آهي. يا آچر جو قصو به ناول جي ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪ تنز ۽ مزاح پيدا ڪرڻ لاءِ يا سماجي عڪاسي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي پيش ته ڪيو آهي پر اُها هڪ عام ڳالهه جيان ناول ۾ ٽُنبيل محسوس ٿئي ٿي. ناول ۾ آرٽسٽڪ سِٽاءُ يا دل کي ڇُهندڙ ڪو درد يا احساس ڪو نه ٿو محسوس ٿئي. ليکڪ ڄڻ ناول جي فارم ۾ مضمون نگاري وڌيڪ پر ناولنگاري بِنهه گهٽ ئي ڪري سگهيو آهي. يا جڏهن روبيل مري وڃي ٿي ته اُن جي قبر تي بهلول جيڪو هڪ تصور يا خواب جي صورت ۾ جنت ۽ دوزخ، حورن، گُلمانن يا روبيل سان مُلاقات جو خاڪو جوڙي ٿو، اُهو به عجيب قسم جي مذهبي نفسياتي اُلجهن کي ظاهر ڪري ٿو. جنهن جو انداز روايتي نموني وارو عام ۽ سطعي محسوس ٿئي ٿو. پڇاڙي ۾ يعنيٰ سورهين باب ۾، جيڪو ڪُجهه ئي سٽن تي مشتمل آهي اُن ۾ يڪدم ڏسندي ئي ڏسندي ملڪي حالتون خراب ڏيکاريندي، وزيرن جا قتل ٿين ٿا جن جي الزام ۾ بنا ڪنهن ڪارڻ جي سرويچ ۽ بهلول کي گرفتار ڪيو وڃي ٿو. جيڪو انجام ناول کي هرو ڀرو ان نتيجي تي آڻڻ جي فرياد ڪندي محسوس ٿئي ٿو. ناول ۾ مجموعو طور تي جن به خيالن، موضوعن، حالتن، سياست، سماجيات، طبقاتي فرق، ٻهراڙي توڙي شهري زندگي وغيره جهڙن عنصرن کي پيش ڪيو ويو آهي، اُهي سڀ پاسا ڪهاڻيءَ جي ڪرافٽ کان وانجها هُئڻ ڪري دلچسپي بدران بي دلي پيدا ڪري وَجهن ٿا.
”سارتر، چئي ٿو ته، ”خراب ناول، ڪوڙ ڪُٽڻ، غلط بيانيءَ جي ڪري پڙهندڙ کي خوش ڪندو آهي، جڏهن ته ڪو سُٺو ناول، ڪنهن خاص مقصد ۽ نظريي تي دارومدار رکندڙ، اَڻٽر ادبي ضرورت هوندو آهي. “
12/6/20