اَدا نه ڪري سَگهيل لفظن جو اعتراف
هر پڙهندڙ توڙي لکندڙ جا معيار، ماڻ ۽ ماپا ذاتي پسند يا ناپسند جي، بي بنياد جوازن تي جُڙيل هُئڻ ڪري اسان”سچ ۽ ڪچ“۾ ڪوبه واضح فرق نه ڪري سگهيا آهيون. اهوئي ڪارڻ آهي جو اسان سنڌي ادب کي سطحي ۽ ذاتي تنقيدي نقطي نظر واري پاتل مصنوعي، دانشوراڻي، پلاسٽڪ جي ڌُنڌلي عينڪ جي نظر ڪري اجتماعي قومي بقا واري نظريي کي اَجايو پنهنجي اَنائن جي جوٽيل، بي مقصد جنگ ۾ تباهه ۽ برباد ڪري انفرادي سُڪون ماڻڻ جا مُتلاشي بڻجي، پنهنجي اصل اديباڻي مَنصب کان ڪٽجي، پنهنجو روحاني ۽ فطري قُطب نُما وڃائي بي حسيءَ، غير ذميواري ۽ غير سنجيدگيءَ جي وَر چڙهي ڀٽڪي رهيا آهيون، مَڃتا جي اُن رُڃ ۾ ڀٽڪندي، ڀٽڪندي مَڃتائن جي مُستحقن کي مانُ ڏيڻ هاڻ اسان جي اَنائن جو وڏو مسئلو بڻجي رهجي ويو آهي، اسان پنهنجي ذات جي زهر ۾ ايترا ته زهريلا بڻجي چُڪا آهيون جو هاڻ اسان پنهنجي تخليقي جوهرکي ڏنگي ڏنگي، پنهنجي قلم جي مُقدس مَس مان زهر اوڳاڇي اوڳاڇي ڪوڙي تسڪين ماڻڻ جا شوقين بڻجي پيا آهيون. پاڻ کي ته هر حال ۾ مڃتا گهرجي ئي پر ٻين کي مڃتا ڏيڻ اسان جي اَنائي نظريي جي خلاف آهي. اهڙي صورتحال ۾ هڪ فطري ۽ نِج تخليقڪار/ ليکڪ کي پنهنجين مِڙني سچاين ۽ ايماندارين سان اَجاين ڳالهين/ مَنفي لاڙن کان ڪن لاٽار ڪري مقصد وارو لکڻ اڄوڪي ادبي ڪال واي دور ۾ وڏو تخليقي جهاد آهي. هونءَ به هڪ ليکڪ وٽ تنقيدي شعور جو هُئڻ انتهائي ضروري آهي جنهن جي ڪسوٽيءَ جي آڌار تي هُو پنهنجي توڙي ٻين لکڻين تي ٿيندڙ تنقيد کي حقيقت پسندي جي نگاهه سان پرکي ۽ اُن جي مُثبت رُخن تي غور ويچار ڪندي اڳتي قدم کڻندو هلي. ڇاڪاڻ جو زندگي ماضيءَ حال ۽ مُستقبل جو مُنجھيل هڪ ڍيروآهي ۽ ادب اُن الُجھنن جو سُلجهاءُ آهي جنهن جي مُحافظي هر اديب جو اولين فرض آهي،
جديد سنڌي ادب جي ڪهاڻيءَ جي ڪئينواس تي جن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ڪهاڻيڪارن پنهنجي فني، فڪري ۽ تخليقي جوهر جا جَلوا پَسايا آهن اُنهن مان تمام گهٽ عرصي ۾ ڪهاڻي جي بُلندين کي چُمي، مڃتا ماڻيندڙ ڪهاڻيڪار نسيم پارس گاد مونکي نوي جي ڏهاڪي کانپوءِ پنهنجي مُنفرد سُڃاڻپ سان اڄ تائين پنهنجي ڪهاڻين توڙي ٻين لکڻين ۾ ڏاڍو نئون نئون، تازو توانو ۽ سنڌي ڪهاڻي جي نِرڙ تي بنديا جيان چمڪي روشني ڦهلائي نئين لاٽ ۽ واٽ جو ڀرپور ڏس ڏيندڙ پانڌيئڙو لڳي ٿو، اهڙو احساس مون کي هڪ ننڍڙي لکندڙ ۽ پڙهندڙ جي ناتي اڪثر طور تي سندس لکڻيون پڙهندي شدت سان ٿيو آهي. بلڪه ائين چوڻ مُناسب ٿيندو ته نسيم پارس جون تحريرون روح جي گهراين ۾ لهي، دل جي تارن کي ڇيڙي اُن احساس کي جنمين ٿيون.
نسيم پارس جو پهريون ڪهاڻي ڪتاب ”ڪولاج ٿيل شخص جو پورٽريٽ“ سنڌي ادب جي لائبريري لاءِ ڪهاڻين جي شوڪيس ۾ پنهنجا سمورا تخليقي رنگ سمائي پنهنجي فني، وجودي، سَريئلسٽ ۽ فڪري پُختگي جي گُڻن سان نِروار نظر اچي ٿو، اِها ٻي ڳالهه آهي ته اُن”مرڪزِ نگاهه“ڪتاب کي نظراندازيءَ واري روايتي بي حسيءَ جي اَنگاس تي چاڙهي سنجيدا ۽ ذميوار سڏائيندڙ ادب جا علمبردار پنهنجي جوٺين انائن کي عارضي تسڪين ڏيڻ لاءِ ڪوڙا دلاسا ڏئي ڏئي پيا پنهنجي ذات کي مُطميئن ڪن، ته نسيم پارس جون ڪهاڻيون ڪنهن جي تقليد آهن، ڪنهن جو اُڻ پورو عڪس آهن يا اُهي اڃان ڪهاڻي پِڻي کان خالي لفظن جا بي مقصد مجموعا آهن، بحرحال اِها سوچ يا راءِ ته ادبي نيت ۾ نانگ واري ڳالهه ٿي پر حقيقت بِلڪل اُن جي اُبتڙ ۽ برعڪس آهي، جنهن کان سندس هم عصر يا سينئر سندس ڪهاڻين کي دل ۽ دماغ جا دروازا بند ڪري رڳو خالي نظرن سان پنن تي اکرن جي لاحاصلات رولاڪي ڪري ڪا تڪڙي ۽ وائڙي راءِ قائم ڪرڻ پنهنجو ادبي اولين فرض ڄاڻين ٿا.
مان هت نسيم پارس جي ڪهاڻين لاءِ شُوپنهار جا لفظ ورجائيندس ته، ”ليکڪ پنهنجي تخليق ۾ پنهنجو ساهه، سَرير ۽ رَت سَت شامل ڪندو آهي پوءِ اُها تخليق ٿي پوندي آهي. ساهه کڻڻ، روئڻ، کلڻ ۽ ڳالهائڻ لڳندي آهي، شوپنهار جي مٿين ڳالهه جو ڀرپور جوهر نسيم پارس جي ڪهاڻين جو ئي روح آهي.
”ڪولاج ٿيل شخص جو پورٽريٽ“ چوڏهن ڪهاڻين جو هڪ اهڙو مجموعو آهي جنهن جي هر ڪهاڻي وڏي فنائتي، فڪري گهرائي واري انداز سان اُڻيل اصل ڪهاڻيءَ جي ڪرافٽ کي رَچي هڪ نئون سريئلسٽ گس جوڙيو ويو آهي. جنهن ۾ مقصد ۽ مفهوم کي ليکڪ ڪٿي به مَجروح نه ڪرڻ ڏنو آهي. ڪنهن به چونڊيل موضوعن کي ڪهاڻي جي حسين پيڪر ۾ سمائڻ ۽ نڀائڻ جو تخليقي فن ليکڪ جي ڪهاڻيڪار هُجڻ جي ساک ڏئي ٿو، هر ڪهاڻي پڙهندي پنهنجي سڀني حُسناڪين سان شعور رستي روح ۾ لهندي محسوس ٿئي ٿي، سارتري وجوديت جي اثر هيٺ لکيل هي سريئلسٽ ڪهاڻيون پنهنجي اسلوب جي اَبهام ۾ فن ۽ فڪر جو دامن هٿان نه وڃايو آهي. نسيم پارس پنهنجي ڪهاڻين ۾ هڪ ڀرپور اضافو اِهو به ڪيو آهي ته اَسلوبي اَبهام ۾ هُن پنهنجي فن جي ڪمال جي سگهه سان مُناسب حد تائين ابلاغي سلاست به پيدا ڪئي آهي، سندس ڪهاڻين جا ڪردار خوابي ۽ اجنبي نه پر پنهنجي معاشرتي ڍانچي مان تخليق ٿيل ملن ٿا، ڊائيلاگن جي نفاست ۽ انفراديت ۽ وري اُنهن ۾ معنيٰ خيز جُملن جو استعمال ڪهاڻي کي پنهنجي فطري انداز سان منطقي نتيجي تي پُڄائڻ، ٻولي ۽ تشبيهن جي اُجرائپ پُڄاڻيءَ جا نوان، نوان حيران ڪندڙ انداز گهٽ مان گهٽ مون جهڙي معمولي پڙهندڙ ۽ ليکڪ کي جديد سنڌي ڪهاڻي ۾ تيلي ٻاري روشني ڪرڻ کي ڪهاڻي ڄاتو آهي. اهي ئي ڪهاڻي جي ڪهاڻي پڻي کي پنهنجي پنهنجي روح مان تخليق ڪري سگهيا آهن.
”مياڪن چواڻي“ته”قدرت انسان ۾ جن شعوري شين کي امانت ۾ رکيو آهي تن جي اظهار کي ادب چئجي ٿو“ ۽ سنڌ جي نامياري اديب ڊاڪٽر رسول ميمڻ جي نظر ۾ ته”اديب ٿيڻ لاءِ لکڻ ائين آهي جيئن مذهبيءَ لاءِ مَراقبو. “يا سنڌي ڪهاڻي ۾ ماڻڪ ۽ اُن جي هم عصرن وٽ تجريدي جدت نظر اچي ٿي، جيڪا سندس وفات کانپوءِ اُن ساڳي گهاڙيٽيءَ ۾ گهٽ نظر اچي ٿي، پر نسيم پارس جو انداز ان ساڳي تجريدي سلسلي بجاءِ هڪ نئون انداز آهي جيڪو نسيم پارس جو پنهنجو آهي، هن جي ڪهاڻين جهڙو گهاڙيٽو ۽ پيش ڪش جهڙو انداز اُن کان پهرين مون نه پڙهيو آهي. هُو مڪالماتي ڪهاڻيڪار آهي ۽ هُن جي وکريل مڪالمي ۾ هڪ ڳُجهو تسلسل آهي“.
اصل ۾ هر سچو تخليقڪار ئي ڪنهن جي تخليق جو قدردان ٿي سگهي ٿو بقول”اوشو رجنيش جي ته “برسات ته ساڳي ئي هوندي آهي پر اُها مُختلف جاين تي وسندي آهي، اگر اُها بارش ڪنهن باغ تي وسندي ته اُتان خوشبو ئي خوشبو اُٿندي پر جي اُها ساڳي بارش ڪنهن گندگي جي ڍير جي مٿان پوندي ته اُتان بَدبوءِ ئي بدبوءِ اُٿندي. ”
پنهنجي دور جي تخليقي ادب کي احترام جي نگاهه سان ڏسڻ ۽ اُن کي پڙهي پُرجهي پنهنجي هانءُ سان هنڊائڻ ۽ اُن تي تنقيدي نظر رکي ايماندارانه راءِ قائم ڪرڻ ئي سڀ کان وڏي مُنصفانه وَٿ آهي. هونءَ به تنقيد جي معنيٰ نقد آهي ڪنهن به تخليق جي خوبين ۽ کامين کي سچائي سان بنا ڪنهن رُڪاوٽ جي پيش ڪرڻ آهي پر اسان وٽ هِت سنڌي ادب ۾ تنقيد ڪندڙ ڄڻ ڪو جلاد هُجي، جنهن جي لاءِ نصير مرزا جي راءِ به وڏي اهميت رکي ٿي ته نقاد جي اک اُن مَک وانڱر هوندي آهي جيڪا سُٺين شين کي ڇڏي سدائين گند تي ويهڻ پسند ڪندي آهي. “حالانڪه ڏٺو وڃي ته نقاد پنهنجي مَنصب ۾ اُن ماهر سَرجن وانڱر هوندو آهي جيڪو پنهنجي هُنري، فني ۽ فڪري مَهارت سان ڪنهن به جسم ۾ موجود ناڪاره عُضون کي وڏي محنت، غور ۽ فڪر سان ڪٽي ڌارڪري اُن مفلوج جسم کي صحتياب ڪري نئين زندگي بخشي، پنهنجي پيشي جو مانُ مٿاهون ڪندو آهي. اُن ڪري به اسان وٽ تنقيد جو بُنياد بنا ڪنهن تنقيدي شعور ۽ ڳوڙهي تحقيق جي هاڻ فقط هوا ۾ لٺيون هَڻڻ جو فيشن اختيار ڪري ويو آهي.
نسيم پارس جي ڪهاڻين جي مواد ۾ زندگي سان پيار جو درس ملي ٿو، مَنجهس فڪري ۽ فني گهرائي سان زندگي جي حُسناڪين جو احساس ڪري موڙي جاڳي پوي ٿو، اهڙو هڪ مثال”بُندو خان ڪاسائي“جي عنوان سان لکيل ڪهاڻي ۾ ڀرپور انداز ۾ ملي ٿو. جيڪا علامت نگاريءَ جو هڪ شاندار مثال آهي. مُعاشري جي انتشار جي ڪَرب مان ڦُٽي نِڪرندڙ زندگيءَ جو من موهيندڙ اُتساهه صرف ۽ صرف نسيم پارس جهڙو فنڪار ڪهاڻيڪار ئي پيدا ڪري سگهي ٿو، سندس اُن ڪهاڻيءَ مان ھڪ ٽُڪرو پيش ڪيان ٿو جيڪو اُن ڪهاڻيءَ جو هڪ ڀرپور ڪلائمس پڻ آهي. ”رات، هُن جي دُڪان ۾ لهي اچي ٿي ۽ بندو خان جا نيڻ کڻي هلي وڃي ٿي ته رات ستارن جي جهرمر سان چمڪڻ لڳي ٿي. بندو خان آخري گراهڪ جي انتظار ۾ آهي جو هُن جي وجود جو باقي رهيل ٽڪرو کڻي هليو وڃي. ايتري ۾ هڪ ڇوڪري هُن جي دوڪان ۾ داخل ٿئي ٿي. هُوءَ، هُن جا چَپ کڻي هلي وڃي ٿي ۽ بندو خان وٽ فقط ٽهڪ رهجي وڃن ٿا، هُن جو دُڪان ٽهڪن جي پڙاڏن سان گونجي پوي ٿو” هِن ڪهاڻي ۾ نيڻ، ڇوڪري، چَپ ۽ ٽهڪ زندگي جي ڀرپور علامت ۽ جماليات جو حسين استعارو آهن. ڪهاڻي”گهٽيءَ مان الوپ ٿي ويل وجود“مان هڪ جُملو ته، “يار!اِهي گولڊن ڊراپس گُلن تي پَکڙيل ماڪ جيان هوندا اٿئي، ٻيلي! خيال سان جي هڪ به ڊراپ زمين تي ڪِري پيو ته پوءِ ملائڪ به شرابي بڻجي پوندا“. ”جيون جُهوٽو لوءِ جو“۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته، ”مان سوچيندو آهيان جڏهن طوطو زيتون کي ٽُڪيندو آهي ته پوءِ زيتون مِٺو ڇو ٿي ويندو آهي، مِٺاڻ زيتون ۾ آهي يا طوطي جي ٽُڪڻ ۾. “ ”ڪولاچ ٿيل شخص جو پورٽريٽ“مان هڪ ٽڪرو، ”مان هر شيءِ کي نئين انداز ۾ جنم ڏيڻ ٿي گُهران، جئين تون هر جنم ۾ منهنجو رهين، مون کي خواب ۾ آيل اُن گُم ٿيل گلاب جي تلاش آهي جو هوءِ کڻي وئي آهي، اُن گلاب ۾ تنهنجي جسم جي خوشبوءِ سَمايل آهي ۽ تنهنجي جسم تي منهنجي هزارين چُمين جي اَرپنا ٿيل آهي، مان چُمين جي واس مان جُڙيل گل جو سودو ڪرڻ لاءِ تيار ناهيان، مونکي اُن گلاب جي تلاش آهي جنهن، محبت جي چُمين جي بارش مان جنم ورتو ۽ اُهو خزان ۾ ٽڙيو هو، خران ۾ ٽڙيل محبت جا گُل آسماني صحيفن کان وڌيڪ پَوَتر هوندا آهن جن منجهه صدين جو سوداءُ، اَيامن جي محبت سفر طئه ڪري گُل کي ڳاڙهو لال بڻائي ڇڏيندي آهي“.
”چنڊ مان ٺهيل چوڙيون“مان ڪجهه سٽون، ”چنڊ کي پَرَ ناهن ڪيئن اُڏرندو؟ موتيا تجسُس مان چوي ٿي. ٻئي ڄڻا اُنهيءَ ڳڻتيءَ ۾ وَهلورجي پَون ٿا. چنڊ کي پَرَ ڪٿان ايندا؟ ماڻڪ، سوچ ويچار کانپوءِ چوي ٿو. ڀنڀوريءَ جا پَرَ پَٽي چنڊ کي هڻنداسين، پوءِ ٻئي ڄڻا چنڊ تي چڙهي دنيا جو سير ڪنداسين“.
“چريا ڀنڀوريءَ جا پَرَ پَٽبا ته اُها ڀيندي ٿي پوندي، مون کي بُک لڳي آهي مان ته ڀينڊي تَري کائي ويندم“. موتيا چئي ٿي ۽ ٻئي ڄڻا راند ۾ مشغول ٿي وڃن ٿا“.
”ڪرسمس جو وڻ“مان ڪجهه سٽون، ”ننڍڙو يسوع بينچ تان پيرين اگهاڙو مٿي اگهاڙو، يخ سَرديءَ ۾ وڃي ٿو. روڊ تي ڊوڙندو پنهنجي ننڍڙي ذهن ۾ اَڏيل ماڳ ڏانهن، جتي”ڪرسمس جو وڻ“آهي. جتي”سينتا ڪلاز“ننڍڙي يسوع لاءِ ستن اوٻاريل آنن جو تحفو کنيو سندس اوسيئڙي ۾ آهي“.
”هڪ شخص جو چنڊ بڻجي نه سگهيو“ مان هڪ ٽڪرو ته”اسان مان هر ڪو اذيت پسنديءَ جي دائري ۾ ڦاٿل آهي. جئين ڪنهن چرچ جي راهبا سڄي عمر ڪنواري بڻجي پنهنجي ڪنوارن جذبن کي چيڀاٽي ڇڏيندي آهي. پوءِ سڄي ڄَمار ڪنوار پڻي مَنجهان لذت وٺندي رهندي آهي. . . . . . . ائين اسان مان هر ڪو. “
“ڪنوار پڻو پوءِ به زندگي آهي پر اوندهه ڪا زندگي ته ناهي“؟هُن جو جوابي جُملو ٻُڌي مان دنگ رهجي ويس“.
”وکريل وجود جو الميو“
”تون نه هُئينءَ، مون ديوار کي سوراخ ڪيو. ۽ کيس زال بڻائي ڇڏيم. ديوار کي مون مان پيٽ ٿي پيو آهي ۽ روئي رهي آهي، توکي خبر ناهي ته گڏهه، ڪُتيون، گهوڙيون به روئي رهيون آهن. هُنن سڀني کي مون مان پيٽ ٿي پيو آهي. . . . . . . . .
تون هُجين ها ته ائين هرگز نه ٿئي ها. اچ ته انهن سڀني وحشتن کي دفنائي ٿا اچون. جن سان ديوارون حامله بڻيون آهن“.
”اي زندگي! تون ڪٿي آهين؟“، ”مان پيرن اگهاڙو تتل صحرا ۾ بيٺو آهيان. مان تتل صحرا تي وڃان ٿو ڊُوڙندو ۽ رڙيون ڪندو. مان تيز ڊوڙندو وڃان ٿو. منهنجا پير مونکان ڇڏائجي پوئتي رهجي وڃن ٿا. مان پنهنجا پير تَتل صحرا ۾ وڃائي ويهان ٿو. صحرا مان هڪڙو ننڍڙو ڇوڪرو گُذري ٿو جنهن جي پيرن ۾ چپل ناهي هُن جي نظر منهنجي پيرن تي پوي ٿي هُو خوشيءَ مان منهنجا ڇڏائجي ويل پير پائي نچي ۽ ڪُڏي ٿو. “ يا ”قبر جي گُهگُهه انڌيري ۾ خواب ڏسي نه سگهندس. اُنڪري مان پنهنجا نيڻ ٻاهر آڳُر ۾ کُلندڙ دريءَ جي گِرل ۾ رکيو ٿو وڃان. جيئن خواب ڏسي سگهان“.
”ماڻڪ جو موت“. ”ماڻڪ! تنهنجا ڪتاب ڳڙڪائي هَضم ڪري ورتا اٿم ۽ مونکي تنهنجي لکيل جُملن مان پيٽ ٿي پيو آهي. “يا”ڏسُ دل ۾ ڪَيَئي نه!مان چَري آهيان نه، توکان ڇا گُهريو اٿم. تون خاموش هوندو آهين. ڏاڍو وڻندو آهين تنهنجي خاموشيءَ کي هٿن ۾ دُکايل سگريٽ وانگي محسوس ڪرڻ ٿي گهران. تون خاموش هوندي دُکايل سگريٽ جيان لڳندو آهين. اُن ڪري چيم ته مون کي پنهنجي خاموشي ارپي ڇڏ. مان گُهگُهه انڌيري ۾ تو پاران ارپيل خاموشيءَ ۾ دُکايل سگريٽ جيان ٻَرڻ ٿي چاهيان“.
”مُئل ماڻهو ڪجهه به ناهن موٽائيندا“ ”ها مان شام، رات، موسمن ۽ خوبصورت لمحن جي اذيتن کان مُڪت ٿيڻ ٿي گهران. مونکي ائين ٿو لڳي مان اُن ڪري زنده آهيان. جيئن تنهنجي اچڻ، ڳالهائڻ، ڇُهڻ جي انتظار ۾ زندگي گُذاري رهي هُجان. ڏِس نه محبت ماڻهوءَ کي وقت، موسمن، ڏينهن، راتين جي ڪيفيتن کي ڇُهڻ، محسوس ڪرڻ جي سگهه ارپي ٿي“. يا ”تون نه ٿي سمجهي سگهين، هر ساهه کڻندڙ ماڻهو زندهه ناهي هوندو. هُو ڪٿي نه ڪٿي مُئل ضرور هوندو آهي“.
”خوابن جي رنگينيءَ مان اُسرندڙ ڪائنات“
”مون کي ترتيب ناهي وڻندي، بي ترتيبي تخليقي حُسن پيدا ڪندي آهي. هي ڪائنات”بگ بئنگ“ جي بي ترتيبي جو مظهر آهي ۽ مان هر بي ترتيبي جو خالق آهيان. جڏهن توکي چوٽي ٿيل ڏسندو آهيان. توتي جَکِ ايندا اٿم. تون وارن کي چوٽيءَ ۾ قيد ڪري کائُن بي ترتيبي کَسي، سُونهن جي تصور کي ختم ڪري ڇڏيندي آهين. تنهنجا وکريل وار ڪيڏو نه ڀرپور رومانس جو احساس ڏياريندڙ هوندا آهن. چري! جيڪو مزو بي ترتيبي ۾ آهي اُهو ڪٿي به ناهي. مان وکريل وارن جي بي ترتيبيءَ جيان وکري وڃڻ چاهيان ٿو“.
”اوندهه مان اُسرندڙ سورج مُکي“
”هُن اُوندهه کي هٿ سان ڇُهيو ته اُوندهه جي مُک تي مُرڪ تَري آئي ۽ هُو کَلي ويٺو. هوريان هوريان هُو اوندهه جي چپن سان کيڏڻ لڳو ۽ اوندهه جي چپن تي چُمي ڏني ته هُن جي چپن تي تِرُ ٺهي پيو“.
”اَڻپوري غم ۾ ماڻيل مزو“
”هُن کان اڃان به ماڻهن جا ڊيزل جي واڌ سبب، ڪِروڌ ڀريا چهر نه ٿا وسرن. معصوميت مان پُڇيس ٿو: ٻُڌ، جي ڪِرايا وَڌيا ته پاڻ تي ڪهڙو اثر پوندو“. هوءَ اُن سوال تي پريشان ٿي وڃي ٿي.
“جي ڪِرايا وڌيا ته پاڻ کي”ديسي ڪنڊوم“تي ئي گذارو ڪرڻو پوندو“. هُن جي ائين چوڻ سان هُن کان ٽهڪ نڪري وڃي ٿو. هُو وڏا ٽهڪ ڏين ٿا. هُن جي چهري مان اُداسي غائب ٿي وڃي ٿي. هُو سگريٽ ايش ٽري ۾ ڦِٽو ڪري کيس ٻانُهن ۾ ورائي پنهنجو مُنهن سندس ڇاتين ۾ لِڪائي ڇڏي ٿو“.
مٿي پيش ڪيل ڪهاڻين جا عُنوان ۽ اُنهن مان کنيل ڪجهه چُونڊ ٽڪرا پڙهي ڪري بي ساخته چئي سگهجي ٿو ته نسيم پارس جون سڀ ڪهاڻيون موضوعاتي اعتبار کان جديد سنڌي ڪهاڻي جو دل لڀائيندڙ فخر آهن. اِن ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته هر ڪهاڻي کي نظم جي بيهڪ ۾ بيهارجي ته اُهي اهڙا ته شاندار نظم بڻجي پوندا جن جي اڄ جي جديد سنڌي شاعري کي اهم ضرورت آهي. نسيم پارس جي ڪهاڻي ۾ سوچ، ويچار جو فڪري انداز ڏاڍو نفيس ۽ چٽو آهي. اهو آرسيءَ وانگر اُجرو، هر پڙهندڙ کي پنهنجو عڪس پسائيندڙ آهي. نسيم پارس جي ڪهاڻي ”چنڊ مان ٺهيل چوڙيون“. منهنجي نظر ۾ ڪهاڻي جي جديد کيتر ۾ رُومانس ۽ جماليات جو حسين پيڪر آهي. اُن ڪهاڻي جو حُسناڪ تاثر اڄ به منهنجي روح ۾ رچيل آهي. اهو ئي ڪارڻ هو جو اُن ڪهاڻي کان متاثر ٿي ڪري مون کان هڪ نظم به لکجي ويو. اِهو نسيم پارس جي ڪهاڻين جو ڪمال آهي. جنهن منهنجي شاعراڻي تخليقي حسن کي ڇُهي، منهنجي قلم کي جُنبش ڏئي، ”اسٽاپ“جي عنوان سان نظم لکايو. ايئن ادب جي سفر ۾ هلندي هلندي نسيم پارس سان جڙيل تعلق جون ڪجهه حسين يادگيريون پڻ ادبي تعلق جو حصو محسوس ٿين ٿيون. ڇاڪاڻ ته
نسيم پارس گاد سان منهنجي دوستيءَ جو رشتو لڳ ڀڳ 1993 کان وٺي اڄ تائين ٿو هلندو اچي. جڏهن نسيم پارس مهراڻ انجينئرنگ يونيورسٽي نوابشاهه ۾ BE اليڪٽريڪل جو شاگرد هو. اُن وقت به هُو مُشڪل تعليم سان گڏ علم ۽ ادب جي مُطالعي سان ڀَڙ هوندو هُو. مون کي اڄ به چڱي ريت ياد آهي ته نسيم پنهنجي طبيعت ۾ ڏاڍو خاموش، حد درجي جو حساس ۽ خوش مزاج پڻ هوندو هو. مون ساڻس گڏجي نوابشاهه جي ڪُشادن رستن کان وٺي عظيم ڪالوني جي سوڙهين گهٽين ۾ رولاڪيون ڪندي۔کوڙ سارو يادن ۾ رهجي ويندڙ حسين وقت گڏ گڏ گذاريو آهي. اُنهن مان هڪ ياد اُن رات واري مُلاقات جي پڻ آهي جنهن رات جو ذڪر منهنجي سنڌي غزل جي پُختي شاعر، دوست منور سولنگي منهنجي شاعريءَ جي ڪتاب”مٽيءَ جي خوشبو“ لاءِ لکيل لکڻي ۾ به ڪيو آهي. اُن رات تيز بارش ۾ ڀِڄندي مان اڪيلو ڪيئن نه مهراڻ يونيورسٽي نوابشاهه هاسٽل جي B بلاڪ تي نسيم جي روم نمبر 29 تي پُهتوهئس. جتي اڳ ئي نسيم وٽ مُنور سولنگي، حفيظ فائز سومرو (جيڪو اُن وقت لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ ادبي رسالي ”ڪونج“جو ايڊيٽر هو) موجود هئا. اسان اُن ئي وسندڙ تيز برسات ۾ ڀِڄندا شهر اچي ڪنهن هوٽل تي ماني کاڌي هُئي. مونکي ياد پيو اچي ته اسان دلشاد سيمنا ۾ ڪا فلم ڏسڻ جي خيال سان ويا به هئاسين پر سنيما جي مين گيٽ کان سنيما تائين واري مُفاصلي جي وچ واري ميدان تي ايترو ته مينهن جو پاڻي وڌي جمع ٿي چُڪو هو جو اسان پنهنجا جوتا هٿن ۾ کڻي وَر مٿي ڪري جڏهن پاڻي ۾ لهي اڳتي وڌيا هُئاسين ته پاڻي گوڏن کان به مٿي چڙهندو وڃي رهيو هو. جنهن ڪري اڳتي وڃڻ بَجاءِ پوئتي موٽي هاسٽل تي آيا هئاسين، جتان پوءِ مان رات جو هڪ ڏيڊ وڳي کنوڻين جي تجلن ۾ مينهن ۾ ڀڃندو واپس گهر آيو هُئس، يا هڪ ڀيري نسيم مون وٽ غريب آباد ۾ منهنجي ڪرائي جي جاءِ تي آيو هو. سندس طبعيت ڏاڍي خراب هُئي. ايتري قدر جو هُن اُتي ئي رستي جي پاسي کان اُلٽي به ڪئي هُئي. مون پاڙي جي ڪنهن دوست جي بيٺڪ تي کيس بُخار جي ڪا گوري کاراءِ بستري ۾ سُمهاري مٿان ٻه ٽي رليون گڏائي وجھي ڇڏيون هُيون، ڪلاڪ، اَڌ کانپوءِ نسيم کي پگهر نڪتو ۽ بُخار ٽُٽو ته پوءِ ڪنهن ڊاڪٽر کي ڏيکاري دوا وٺي کيس هاسٽل تي ڇڏي آيو هُئس، طبعيت ۾ مزاجن جي هڪ جهڙائي هُئڻ ڪري اسان هڪ ٻئي سان دل جون ڳالهيون به ڪندا هئاسين، هڪ ڀيري نسيم روز روز هوٽل جي ماني کائڻ کان تنگ اچي ڪري(جيڪا کيس بيمار ڪري وجھندي هُئي)”مونکي چيو هو، يار بخشل!هوٽل جي ماني مونکي بلڪل به ڀانءِ نٿي پوي. مونکي تنهنجي حالتن جي به خبر آهي اگر تون مُناسب سمجهين ته مان توکي مهيني مهيني تي سامان وٺي ڏيان، ۽ مان تو وٽ گهر جي مان کاوان. “ سچ ته اُنهن ڏينهن ۾ نئين نئين ماستري ملڻ جي باوجود به بيروزگاري جهڙو روز، روز زهر پي ڪري پيو جيئندو هُئس. ڇاڪاڻ جو ڪنهن سبب جي ڪري اُنهن ڏينهن ۾ منهنجي پگهار اڃان مونکي نه ملي سگهي هئي. جيڪا پوءِ به مونکي چڱي طرح ياد آهي ته تيرهن مهينا ڏهه ڏينهن تائين ڪونه ملي هُئي)مون نسيم کي ڪوبه جواب ڪونه ڏنو هو. جنهن کي اڄ هِن لکڻي ۾ پنهنجي يادگيرين ۾ محفوظ ڪندي مونکي سارتر جا لفظ ياد ٿا اچن ته، ”هر اهو لفظ جيڪو اسان هڪ ٻئي جي آڏو اَدا ڪري نه سگهياسين. اسان جي هار جو مُڪمل اعتراف آهي. “حالانڪ اُها لفظ نه اَدا ڪري سگهڻ واري هار جو اعتراف منهنجي اُن وقت جي مُعاشي مُفلسيءَ جي هار جو اعتراف آهي. جيڪو مان نسيم جهڙي سچي ۽ معصوم دوست سان خاموشي جي روپ ۾ ڪيو هو. باقي اسان جي ته دوستي واري محبت تڏهن کان اڄ تائين تازي تواني ۽ جوان رهندي آئي آهي، اُن ئي ماضي واري سَنهڙي ۽ هاڻوڪي بُت ۾ ڀريل، خاموش، بي انتها حساس پر پنهنجي عمل ۾ ڪميٽيڊ نسيم پارس علم ۽ ادب جي شعوري سفر ۾ ڪِٿ به ويهي ٿڪ ناهي ڀڳو. بلڪه هُو ته مُسلسل سوچيندڙ، لوچيندڙ، لکندڙ ۽ پڙهندڙ رهيو آهي. هُو گهڻ پڙهيو، غور ۽ فڪر ڪندڙ ۽ دنيا جي ڪلاسڪ ادب کان وٺي جديد ادب تائين کي گهرائي سان پڙهندو ۽ پُرجهيندو رهيو آهي. اِهوئي ڪارڻ آهي جو نسيم جي ڪهاڻين جي دنيا ”يوٽوپيائي“نه بلڪه حقيقت جي ڏاڍي نرالي ۽ حسين دنيا آهي، هُو سنڌي ادب ۾ ڪهاڻي جي کيتر ۾ مون کي ائين لڳندو آهي جئين مون کي اردو ادب ۾ شاعريءَ ۾ گلزار. جئين گلزار جا ڪتاب”چانڊ پُکراج ڪا“۽ افسانن تي مشتمل ڪتاب ۾”دستخط“ جيڪي پڙهندڙ جي دل ۽ دماغ کي مَنڊي ڇڏين ٿا. بلڪل ائين جديد سنڌي ڪهاڻين ۾ نسيم جو ڪهاڻين جو ڪتاب ”ڪولاج ٿيل شخص جو پورٽريٽ“پڻ آهي. اِها ٻي ڳالهه آهي ته هي ڪتاب اڄوڪي ادبي ٻيائي واري نظر ٿي ويو آهي. جئين ڪٿ مشهور افسانه نگار سعادت حُسين منٽو چيو هو ته، ”مان هڪ سُٺي ڪهاڻي ته لکي سگهان ٿو پر آغا حشر ڪاشميري جي ٽيڏي اک سِڌي نٿو ڪري سگهان. “اُها اکين جي ٽيڏائپ سنڌي ادب ۾ به ڏينهون ڏينهن گهٽجڻ بَجاءِ ڪنهن وَبا وانگر وڌي رهي آهي. پر جنهن تخليق جي مُقدر ۾ مَڃتا جا گلاب هوندا آهن اُهي ته اُن کي هر حال ۾ ملندا ئي آهن. جئين مثال طور”جارج آرويل“جي جڳ مشهور ڪتاب (Animal Form) کي ٽي. ايس ايليٽ جهڙي اديب اُن وقت ٽي ڀيرا رد ڪيو هو، جڏهن ايليٽ آمريڪا جي هڪ وڏي اشاعتي اداري جو چيف ايڊيٽر هو. ۽ جڏهن اڳتي هلي اسپين جي گهرو ويڙهه ۾ آرويل پاڻ هٿيار کڻي وڙهيو هو ۽ هُن جي اُن ڪتاب تي ڀرپور تعريفي تبصرا ٿيا ته ايليٽ جون اکيون کُلي ويون“. بحرحال اُهي ٽي ايس ايليٽ جهڙي اديب جون اکيون هُيون جيڪي پنهنجي وقت تي کُلي ويون. پر سنڌ جي اديبن جي اکين کي ڪير کولي؟ڇاڪاڻ جو هُو حقيقت پَسندي کان ايڏا ته ڊنل آهن جو هُو اکيون پوري ئي يا وري ٽيڏيون ڪري ئي ادب ۾ پنهنجون مصنوعي جيئندان پائي سگهن ٿا.
نسيم پارس جي روح توڙي جسم جون پُر اسرار اکيون مُڪمل شعوري چمڪ سان کُليل، سُجاگ ۽ روشن آهن. تڏهن ئي ته سندس ڪهاڻيون پڙهندڙ ۽ ٻُڌندڙ جي آڱرُ پَڪڙي پنهنجي توڙ تائين رسائي، حيرانگي جي عالم ۾ پُهچائي ڇڏين ٿيون، هونءَ به نسيم پارس پنهنجي هم عصر ٽهيءَ ۾ گهڻ پڙهيو غور ۽ فڪر ڪندڙ هڪ مُڪمل ڪميٽيڊ ڪهاڻيڪار آهي، آخر ۾ مان سنڌ جي من موهيندڙ آرٽسٽ آفتاب سُرهيو جي نسيم پارس بابت لکيل راءِ طور ڪجھ سِٽون ڏيڻ چاهيندس ته، ”وان گوگ جڏهن ڪَنُ ڪَپيو هُيو تڏهن رنگ ڪافور بڻجي ويا هئا ۽ جنهن ڏينهن نسيم پارس ڄائو هُيو تنهن ڏينهن چادر بڻجي زمين تي ڪِريا هُئا، جڏهن امُر ٿيس تڏهن شهر جي مُک چوڪ تي بيهي رَڙ ڪندي چيو هُئائين. ”مان ڪهاڻيڪار ٿيندس“، دوستن مان ڪِن چَيسُ تون مصور ٿي، وان گوگ ٿي. هُن چيو”نه وان گوگ ڪن ڪپيو سو ڪپيو!مان نڪ نه ڪپرائيندس. مان ڪهاڻيڪار ٿيندس“ پوءِ جڏهن هُن ڪهاڻي”بندو خان ڪاسائيءَ“ لکي تڏهن مونکي پَڪ ٿي وئي ته هي سَچو ڪَپجي، وڍجي ويندو پر نڪُ نه ڪپائيندو. داد ڏيندي چيومانس نمبر ون ڪهاڻيڪار آهين. خاموش ٿي ويو، بلڪل خاموش!هُن جي خاموشي مونکي ڏاڍي ڀيانڪ لڳندي آهي ۽ پوءِ چيائين مونکي نمبر ون ڏئي محدود نه ڪر مونکي (Zero) ڏانهن وڃڻ ڏي. ڇو ته مان پنهنجن سوچن کي وسعت ڏيڻ ٿو چاهيان. مان اُنهن کي ۽ اُنهن ۾ لامحدود ٿيڻ ٿو چاهيان. “هاڻي مون پڪ سان ڄاڻي ورتو ته واقعي نسيم پنهنجو ۽ سنڌي ڪهاڻيءَ جو نڪ ڪپجڻ کان بچائيندو“. بلڪه مان ٿورو وڌيڪ اهو به چوندس ته نسيم واقعي سنڌي ڪهاڻيءَ جو نڪ ڪپجڻ نه ڏنو آهي، بلڪه سنڌي ڪهاڻيءَ جو مورن جيئن ڳاٽ به اُوچو ڪري ڏيکاريوآهي.
10/7/2009