چار ناول، چار ڳالهيون
اِن سموري ادبي صورتحال جو ڪارڻ گُهربل سنجيده تنقيد جو بِنهه نه هُجڻ ۽ وري اُن تي به تنقيد کي قبول نه ڪرڻ يا اُن تي اَرهائي محسوس ڪري، تنقيد ڪندڙ تي حملا آور ٿيڻ واري روش، غير سنجيده ماحول کي هٿي ڏئي ٿي. يا ليکڪ وٽ تنقيدي شعور نه هُجڻ ڪري هُو ٿيل تنقيد مان ڪجهه به مُثبت نه پرائيندي، پنهنجي لکڻيءَ کي تنقيد کان بالاتر سمجهندي، ڌڙا ڌڙ لکڻ ۾ مشغول ٿي وڃڻ ڪري، فني، فڪري، موضوعي، اسلوبي يا ٻين گُهربل ضروري ادبي گهرجن جي پورائي نه ڪري سگهڻ سبب ڪهاڻي يا ناول ۾ رهجي ويندڙ جهول، جيئن جو تيئن پنهنجين لکڻين ۾ رهڻ ڏيڻ، ڪري اُهي ليکڪ ادب جي دنيا ۾ هڪ عجيب نفسيات کڻي پيا غير تخليقي ادب جي وڌاري ۾ واڌ ڪندا آهي. تنهن ڪري هاڻ اُن ڳالهه ڏانهن اُنهن ڪهاڻيڪارن توڙي ناول نگارن کي گُهرجي ته هُو سنجيدگيءَ سان ڌيان ڌري پنهنجين تحريرن کي غور ۽ ويچار جي بٺيءَ ۾ پَچائين يا پنهنجن سينيئرس توڙي هم عصرن سان اُها لکڻي ونڊين، اُن جي راءِ کي مانُ ڏيندي اُن لکڻيءَ کي تنقيدي تناظر ۾ جانچي ڏسڻ کان پوءِ اُن ۾ موجود کوٽن ۽ خامين کي دور ڪري پنهنجي تحرير ۾ وڌيڪ نکار آڻي سگهاري ۽ تخليقي ادب جي واڌ ويجهه ۾ اضافو ڪن. پر مٿين خيالن جي عدم موجودگيءَ ڪري هاڻ سنڌي ادب ۾ پاڻ کي سڀ ڪجهه سمجهڻ واري روش به ڏاڍي تيزيءَ سان وڌندي پئي وڃي. مُطالعي ۽ مُشاهدي جو گهڻ طرفو پاسو ڇڏي هڪ مخصوص ڪُنڊ وٺي ويهڻ پڻ هڪ ليکڪ لاءِ هاڃيڪار آهي. گهڻ رُخو مُطالعو يا مُشاهدو هُجڻ بِنهه ضروري آهي۔مطالعي ۽ مشاهدي جي دنيا جيتري وسيع هوندي اوتري گهرائپ ۽ سنجيدگي توڙي فڪر ۽ فهم جي دنيا گهڻي ڦھلاءُ سان ليکڪ جي رهنمائي لاءِ سدائين موجود رهندي.
تازو ئي نوجوان ليکڪ ڪليم ٻُٽ جا چار ناول مطالعي هيٺ رهيا. خاص طور تي منهنجو گهڻو ڌيان ڪليم ٻُٽ جي ناول”راجا ڏاهر“پاڻ ڏانهن ڇڪايو. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي هن سياسي، تاريخي ۽ قومي اهم ڪردار ۽ هيرو مُتعلق اسان وٽ سياسي ادب کان سواءِ تخليقي ادب ۾ ڪنهن به اُن کي فوڪس نه ڪيو هو. تاريخي اعتبار کان ته”چچ نامي“۾ جنهن طرح اهڙي عظيم ڪردار جي نَفي ڪري، ڪوڙن الزامن جي ٽياس تي کيس ٽنگيو ويو آهي. اُهو راجا ڏاهر کي نه پر سنڌ جي پوري قومي تشخص کي ئي ملياميٽ ڪرڻ جي هڪ سوچيل سمجهيل سازش آهي. پر اُن سموري پس منظر ۾ سنڌ جي سيد ئي سنڌ جي ڀرپور حوالن سان هڪ مُدلل ۽ جديد تاريخ تحرير ڪري سنڌي قوم کي پنهنجي اصليت کان واقف ڪري، مذهبي آڙ ۾ گُمراھ ڪيل پنهنجي سُڃاڻپ واپس ورائي، مزاحمت جي هڪ نئين دور جي شروعات ڪئي آهي. اُن کان اعلاوه سنڌي شاعريءَ ۾ پڻ اُن لازوال ۽ امر ڪردار کي ڳايو ويو آهي. پر منهنجي محدود معلومات تحت اڃان تائين سنڌي ادب ۾ ڪنهن به راجا ڏاهر توڙي سندس تاريخ جي اصل دور جو ڪهاڻي يا ناول جي ڪيئنواس تي ڪو چتر نه چٽيو آهي۔سو اُن ڳالهه وڏو اُتساھ ڏنو ته نوجوان فڪشن ليکڪ پنهنجي تاريخي ڪردارن کي به تخليقي طور تي آرٽ ۽ ڪرافٽ جي زواين سان ڏسن ٿا. اهڙي ريت مون ڪليم جو ناول”راجا ڏاهر“جنهن اُتساھ سان پڙهڻ شروع ڪيو، منهنجو اهڙو اُتساھ مايوسيءَ ۾ مٽجي ويو۔
هي ناول جنهن جو مهاڳ ناليواري ليکڪ اعجاز منگي لکيو آهي۔تنهن هِن ناول جي مختلف پاسن تي لکڻ بدران تاريخي، قومي ۽ مزاحمتي حوالا ڏئي هڪ نوجوان ليکڪ کي صرف اُتساهيو آهي۔اعجاز منگي مهاڳ ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته، ”هي ناول جنهن جو فني ڪاٿو ڪرڻ وقت اسان جي پڙهندڙن کي اُن حقيقت جو احساس هُجڻ گُهرجي ته اِهو ناول اُن نوجوان جو پهريون ناول آهي جنهن ۾ تخليق جا جذبا، ڄامشوري جي چَرين هوائن وانگر پوري شور سان هلن ٿا. “۽ سچ ته هِن اهم موضوع واري ناول”راجا ڏاهر“۾ ليکڪ تخليق جي سانتيڪي سُرن کي چيڀاٽي، سطعي ۽ هوائي انداز سان هِن ناول جي دنيا کي پُرشور ڪري پڙهندڙ کي به بي دليو ڪري وڌو آهي۔
هي ناول 2015ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي پاران ڇاپيو ويو آهي. لڳ ڀڳ هڪ سو صفحن جو هي ناول ڇويهه حصن ۾ ورهايل آهي۔
ناول جي ڪهاڻي جي جيڪا ليکڪ اڻت ڪئي آهي۔اها دراصل جاسوسي ڊائجسٽڪ نموني جي آهي۔سڄو ناول هڪ پُراسرار نقشي جي حاصلات ۽ ٻئي پاسي مُک ڪردار فراز جو اُن نقشي جي آڌار تي اروڙ جي پهاڙي سلسلي ۾ نقشي مُطابق ڀٽڪڻ ۽ هڪ عجيب غيبي قوت جي آڌار تي پهاڙن مان وڃي اهم ڪاغذن جو هڪ ٿيلهو لڀڻ تي آهي. هِن ناول جو سڄو ڪئينواس فلمي انداز وارو سطعي ۽ غير دلچسپ آهي۔بيشمار پروف جو چُڪون هِن ناول جي پڙهڻي کي مُتاثر ڪن ٿيون۔ناول جنهن تخليقي انداز ۾ هُجڻ گُهربو هو اُن جي اُبتڙ هي ناول ليکڪ جي پنهنجي تصوراتي عام ڪهاڻيءَ جي هيئت ۾ ڦري ٿو. سڄي ناول ۾ ليکڪ ناول ۾ موجود آهي. ڪردارن کي فطري ۽ بي ساخته نموني ڪٿي به نه آندو ويو آهي. ٻيو ته هي ناول پڙهندي الائي ڇو منهنجي ذهن تي جڳ مشهور ناول نگار پائلو ڪولهو جو مشهور ناول”ڪيمياگر“ تري اچي ٿو. ”راجا ڏاهر“جي تاريخي اَهم مامري کي پَسِ پرده ڇڏي هڪ شهري زندگي جي ڪهاڻي کڻي آيو آهي. جنهن جو”راجا ڏاهر“جي دور، زندگي يا تاريخي جدوجهد سان ڪو خاص تعلق نه ٿو رهي۔بس تاريخ جي ڪتابن جا تاريخي حوالا ايئن ڏنل آهن ڄڻ ته ڪو تاريخ جو ڪتاب پڙهي رهيا هجون. اُن جي ابتڙ جيئن سراج ميمڻ”پڙاڏو سوئي سڏ“يا”مرڻ مون سين آءُ“، علي بابا ”موهن جو دڙو“، ڀڳوتي چرن ورما جو ”چتر ليکا“، قرت العين جو”آگ ڪا دريا“، هرمن هيس جو”سڌارٿ“ وغيره جڏهن پڙهون ٿا ته اُن تاريخي دور جي سڄي دنيا پنهنجي سموري رنگن ۽ ڍنگن سان ليکڪ جي تصور مان ڀڙڪو ڏئي پڙهندڙ ۽ ٻُڌندڙ کي مَنڊي موهي ڇڏي ٿي ته ليکڪ جي تخيلاتي سگهه ۽ تخليقي انداز ادب جو هڪ سگهارو حوالو بڻجي وڃن ٿا. پر ڪليم جي هِن ناول جي عجيب پُڄاڻي ٿئي ٿي۔جنهن ۾ نه اُهو نقشي وارو راز سَلجي ٿو۔۽ نه مليل نقشي جي آڌار تي اُهي ڪاغذ جيڪي فراز کي ملن ٿا، انهن ۾ موجود ڪا به ڳالهه سامهون اچي نه ٿي۔سچ ته ناول پڙهڻ کان پوءِ ايئن لڳي ٿو ته، هي سڄو ناول فلمي انداز ۾ سطعي پڻي سان تاريخ جي اهم موضوع سان، فڪشن جي نالي ۾ ڄڻ ڪا هٿ چُراند هُجي.
ايئن ڪليم ٻُٽ جا ٻيا ٽي ناول جن ۾
”وطن جن وساريو“پنجهتر صفحن تي، ”آزاديءَ جي اُپٽار“چوهتر صفحن تي ۽ ”مَري ٿيا نه مات“، ٻيانوي صفحن تي مُشتمل آهن. جيڪي پڻ نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي پاران ٽئي جُون 2017ع ۾ گڏ ڇپيا آهن۔اِهي ٽئي ناول پڻ سنڌ جي تاريخ جي مختلف دورن جي پس منظر ۾ تحرير ڪيا ويا آهن۔پر اُنهن ناولن کي ڪنهن به ڪهاڻي يا ناول جي نئين پيرائي ۾ تخليق نه ڪيو ويو آهي۔بس تاريخي حوالا کڻي اُنهن تي وڌيڪ غور ۽ ويچار ڪرڻ جي اُنهن کي ناول جي ڪيئنواس تي جيئن جو تيئن لاٿو ويو آهي۔اُنهن ٽنهي ناولن ۾ ڪنهن جو به ڪو مهاڳ يا رايو ڏنل ڪونهي نه ئي وري ڪو ليکڪ پاران ڪجهه لکيل آهي۔”وطن جن وساريو“ ناول سنڌ جي سومرا دور جي تاريخ تي لکيل آهي۔جنهن کي جديد دور جي ڪهاڻي ۾ فڪشنائزڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي۔پر اُن ۾ اُها ناول واري سگهاري تخليقي ۽ آرٽسٽڪ سطع نه جُڙي سگهي آهن۔سومرا خاندان جو فرد جيڪو سن فرانسسڪو شهر ۾ رهي ٿو۔اُن کي جادوئي انداز ۾ نانگ ڏسڻ ۾ اچي ٿو۔جيڪو کيس پيڇو نه ٿو ڇڏي ۽ پوءِ خوابن ۽ ڪنهن ڀوپي ذريعي کيس خبر پئي ٿي ته اُهو نانگ سندس ماضي يعنيٰ تاريخي دور سان تعلق رکي ٿو. جنهن جو توڙ سنڌ ۾ ئي موجود آهي. جيڪو نانگ کيس پيڇو نٿو ڇڏي. ۽ جتي ڪٿي اهو نانگ ساڻس عجيب طريقن سان ساڻس ملي ٿو. جنهن ڪري هُو سنڌ اچي ٿو۔۽ پوءِ هن سائنسي دور ۾ سنڌ جو پڙهيو لکيو، يورپ ۾ رهندڙ نوجوان مذهبي ۽ روايتي طور طريقا اپنائيندي انڊين نانگن جي ڪنهن روايتي ڊرامه سيريل جيان هن ناول کي به گُهمائي ڦِرائي کڻي پَٽ تي هڻي ٿو۔هنن ٽنهي ناولن ۾ پڻ پهرين ناول ”راجا ڏاهر“ جيان بي شُمار پروف جون غلطيون رهيل آهن۔نه ليکڪ پنهنجي لکڻيءَ تي ڌيان ڌريو آهي نه ئي پبلشر ڪا اُنهن کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي۔ٻيو ته گهڻين جاين تي جُملن جي بيهڪ پڻ متاثر ٿئي ٿي۔ناولن جا ڪتاب جي وچ ۾ ڪجهه صفحا بيهڪ ۾ ترتيب جي اعتبار کان اڳتي پوئتي ٿيل آهن. ۽ ٻيو ته ليکڪ تي اردو ٻوليءَ جو به مَڙئي سوايو اثر محسوس ٿئي ٿو. دراصل ليکڪ جي هنن ڪتابن سان ايتري لاتعلقي سچ ته هِنن ناولن سان ڪا ادبي ديانتداري نه ڪري سگهڻ جو ڪارڻ لڳي ٿي. ٻيو ته انهن ناولن کي پڙهندي ليکڪ جي شهرت واري نفسيات گهرائيءَ سان سامهون اچي ٿي. جنهن تحت ليکڪ گهٽ محنت تي تمام وڏي شهرت جي حاصلات جو گهرجائو لڳي ٿو. ناولن ۾ سڀ مُک ڪردار ليکڪ ڪليم ٻُٽ جي نمائندگي ڪندي محسوس ٿين ٿا. جيڪا هڪ ليکڪ جي وڏي ۾ وڏي ڪمزوري آهي. ايئن”آزاديءَ جي اپٽار“ ناول ۾ مخدوم بلاول جي تاريخي دور کي اسٽيج تي ڊرامي جي صورت ۾ آندو ويو آهي. اُن جو ليکڪ ناول جو مُک ڪردار ٻُٽ صاحب آهي۔ايئن کيس هڪ ڪردار ساڻس اچي ملي ٿو. جيڪو کيس پنهنجي ڪهاڻي ٻُڌائي ٿو. جنهن ۾ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ دوران شاگردن کي جيڪي قومي بنيادن تي مسئلا درپيش اچن ٿا، اُهي کيس ٻُڌائي ٿو. هي ناول پڻ پڙهڻ ۾ دلچسپيءَ جو دامن ڇڏائيندي بوريت طاري ڪري ڇڏي ٿو۔
”مري ٿيا نه مات“پڻ سنڌ جي ويجهي تاريخ ميرن ۽ انگريزن جي دور جي ڪهاڻي آهي۔جنهن ۾ ڪجهه ٻين بهادر ڪردارن سان گڏ سنڌ جي اَرڏي ۽ بهادر ڪردار هوش محمد شيدي کي انگريزن سان وڙهندي ڏيکاريو ويو آهي۔۽ ڪيئن نه انگريز سنڌ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي معرفت مُختلف ملڪن کي پنهنجون بيٺڪون بڻائيندا سنڌ لاءِ سازشون ڪندي، مَٿس ڪاھ ڪن ٿا۔هِن ناول ۾ منظر نگاري توڙي ڪردار نگاري ڪجهه وڻندڙ آهي۔پر ڪهاڻيءَ جو انداز ساڳي نموني روايتي ۽ غير دلچسپ آهي۔جنهن ڪري ڪليم ٻُٽ جي چئني ناولن جو مُطالعو ڪو خاص ادبي تاثر نه ٿو ڇڏي. نه ئي سندس اِنهن ناولن ۾ ڏنل تاريخ يا ڪردارن کي ڪليم ٻُٽ ڪو نئين سر تخليق ڪري پنهنجي تخيل جي سگهه سان ڪا نرالي صورت بخشي سگهيو آهي۔اُُن ڪري هي ناول سنڌي ادب ۾ ڳاڻيٽي ۾ ته واڌو ٿي سگهن ٿا پر معيار جي لحاظ کان منهنجي نظر ۾ هي ڪنهن به کاتي ۾ ڳڻپ جو حصو نه بڻجي سگهندا. ڇو ته ناول يا ڪهاڻي، هڪ سنجيده، تخليقي ليکڪ کان جيڪا محنت جي طلب ۽ توقع ڪندا آهن، اهي ٻئي ڳالهيون ڪليم ٻُٽ جي ناولن ۾ مون کي ڪٿي به ملي نه سگهيون آهن.
15/6/20