تِر جي جُستجوءَ ۾ ڀَٽڪندڙ نِگاهون
روس جي مشهور نامياري اديب چيڪوف هڪ هنڌ لکيو آهي ته، ”آرٽ ۾ اِهائي ته هڪ خُصوصيت ۽ خُوبي آهي ته اُتي دوکي بازي نه هلندي آهي. محبت ۾، سياست ۾، ميڊيسن ۾ ماڻهو ڪوڙ جو سهارو وٺي، ماڻهن کي دوکو ڏئي به ڇڏي بلڪ خدا سان به فريب ڪري پر آرٽ ۾ دوکو نه ٿيڻ گهرجي. “
چيڪوف جون مٿي ڏنل سٽن جي تناظر ۾ اگر سنڌ جو اديب سچائيءَ سان قلم جو رشتو سچ سان جوڙي ۽ پنهنجي دل مان مُنافقانه رَوين کي ڪڍي دور ڪري ته هوند سنڌي ادب جي دنيا ۾ مُنافقي يا ڪردار جي مُتضاد رَوين جي رَوش پيدا ئي نه ٿئي. اگر ڪنهن به قوم جا حساس ۽ اهم شعبه ادب ۽ سياست اهڙن سطعي رَوين جو شڪار ٿي وڃن ته پوءِ اُها قوم پنهنجي تشخص جو ڪهڙو دفاع ڪري سگهندي. ۽ پنهنجن بُنيادي حقن لاءِ ڪيئن پاڻ پتوڙيندي؟
اديب جيئن ته معاشري جي حالتن جي تبديليءَ جا والي هوندا آهن. جيڪي وقت ۽ حالتن جي نبض شناسي ڪندي ايندڙ هر خطري کان پنهنجي قوم کي اڳواٽ آگاھ ڪري کين سُجاڳ ڪندا آهن ته جيئن ايندڙ ڀيانڪ حالتن جو بڙدباريءَ سان مُقابلو ڪري انهن کي اڳتي وڌڻ کان روڪي سگهجي. پر اسان جا ڪجهه اديب، شاعر توڙي ڪهاڻيڪار يا ٻين شعبن سان لاڳاپيل فرد، هميشه قومي توڙي ادبي تضادن کي ختم ڪرڻ بَجاءِ اُنهن کي هوا پيا ڏيندا آهن ۽ پنهنجن مُفادن جي حاصلات لاءِ پنهنجي قلم جي مَس جو تقدس پائمال ڪندي دير ئي نه ڪندا آهن. پر جيئن ته سنڌي اديب سڀ اهڙي موذي مرض ۾ مُبتلا ڪين آهن. ۽ اهڙا موقعي پرستيءَ وارا رَويا هر سنڌي اديب جو نصب العين ناهن. ۽ ڀٽائي چواڻي ته،
”اڃان ڪي آهين، ڪَل جڳ ۾ ڪاپڙي“
سو اڃان سنڌ ۽ سنڌ سان لاڳاپيل هر شيءِ جا وارث توڙي عاشق ويٺا آهن. جنهن ڪري اسان جو سنڌي ادب، تاريخ، ڪلچر، ٻولي، ۽ قومي تشخص زنده آهن.
مٿين مُختصر اهم خيالن جي اُپٽار کان پوءِ اسان جڏهن سنڌي ادب ۾ ڪهاڻيءَ واري پاسي جو نظارو ڪنداسين ته اُهو ڪو ايڏو ڀرپور ڪو نه لڳندو ۽ نه ئي وري ڪو صفا گهٽ. پر اُهو اڃان پنهنجي تخليقي سفر ۾ ابتدائي دور ۾ پنڌ ڪندي نظر ايندو. جهڙي طرح جديد سنڌي ڪهاڻي پنهنجي سُهاني سفر ۾ پنهنجي پوري تخليقيت سان اڳتي وڌي رهي آهي اُن سفر ۾ جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جا پيرا پنهنجي مضبوطيءَ سان خارجي توڙي داخلي حالتن جي عڪاسي ڪندي سندس نوان ڏيک پنهنجي سموري تخليقي حسن سان نروار ٿي دل کي ڇُهندا محسوس ٿين ٿا. جن جي تخليقي سگهه سنڌي ادب جي روشن آئيندي جي پُختگيءَ سان ساک ڀَري ٿي.
َ”انگن چڙھيو اَنگ” جي پهرين وکن کان پوءِ “سرحدن کان اڳتي” ويندڙ ڪهاڻيڪار، ضراب حيدر جو مُسلسل ڪهاڻين جو حسين ۽ ٻوليءَ جي اعتبار کان شاعراڻو رنگ رکندڙ نرالو سفر هاڻ اُن سنڌي ڪهاڻيءَ جي پُختگيءَ وارين سرحدن ۾ داخل ٿي چُڪو آهي. جتي پُهچڻ لاءِ گَهري مُشاهدي، گَهڻ پاسائين مُطالعي، مَشق، غور، فڪر، سنجيدگي ۽ ڀرپور جُستجوءَ ۽ سچائي بنهه ضروري هوندي آهي.
ضراب حيدر جي ڪهاڻين جو ڪتاب “سرحدن کان اڳتي” جون ڪهاڻيون اڄوڪي معاشري جي پس پرده ٿيل براين تي هڪ ڀرپور تنقيدي چوٽ آهن. جنهن تنقيد سچ کي سنڌي سماج تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي. اُن جو ڪارڻ يا اُن مان مُراد اِها ئي ڪڍي سگهجي ٿي ته اسان جو سماج اڃان تنقيدي بلوغت جي سرحدن تائين رسائي نه ڪري سگهيو آهي. ۽ نه ئي پنهنجين ڪوتاهين کي ٻُڌڻ جو ساهس ڌاري سگهيو آهي. اهڙي بيحسي يا نااهلي ڪنهن به قوم جي ادبي توڙي سياسي شعور جي فقدان جي نشاني آهي. ڇو ته ڪابه قوم پنهنجي توڙي پاڙيسري يا قومي توڙي بين القوامي شعور يا معلومات کان لاتعلق هُجڻ ڪري اهڙي اَٻوجهائپ جو مظاهرو ڪري پاڻ کي هر حال ۾ صحيح سمجهندي آهي.
ضراب حيدر پنهنجين ڪهاڻين ۾ جن به موضوعن کي کنيو آهي اُهي سچ ته واقعي به اهڙا ته اهم ۽ سماج جا ڀيانڪ رُخ آهن جن تي اُن کان اڳ بِنهه گهٽ ئي لکيو ويو آهي. پر ضراب اُنهن موضوعن کي پنهنجي مُطالعي، مُشاهدي، سوچ سمجهه ۽ جنهن فنڪارانه انداز سان ڪهاڻين جي ڪئينواس تي آندو آهي. اُهو جديد سنڌي ڪهاڻي جي هڪ مُنفرد صورت گيريءَ سان اُجاڳر ٿي سامهون اچي ٿو ته سندس جادوئي بيان، ڪردارن جي تُز ڪردار نگاري، اُنهن جا ڊائلاگ، ڪردارن جو ڪفيتيون توڙي نفسياتي عڪاسي پڙهندڙن کي هڪ الڳ دنيا ۾ گُم ڪري ڇڏين ٿا. ضراب جي سڀني ڪهاڻين جي شروعات جو انداز ئي مُنفرد نموني سان ٿيندو آهي. جنهن ۾ اڪثر طور تي ٻولي جي مهارت جو رنگ اهڙو ته وڻندڙ، ٺهڪندڙ ۽ روح ۾ لهي ويندڙ هوندو آهي جو ڪهاڻي پنهنجن سڀني رُخن جي سُونهن سَميت دل ۽ دماغ تي نقش ٿي رت ۾ ولوڙ پيدا ڪري وجهندي آهي. ڇو ته اهڙو فنڪارانه انداز، ضراب کي پنهنجي همعصر ٽهيءَ ۾ بنهه الڳ ٿلڳ ڪري بيهاري ٿو. سندس ڪهاڻين ۾ ڪردارن جي گُفتگو جو دلچسپ سلسلو، منظر ۽ ڪردار نگاري، يا اُنهن سڀني عنصرن تي جيڪو ڪهاڻيپڻو ڇانيل آهي اُهو ڪمال پڻو ضراب جي ذهني ۽ فني ڪاوشن جو ئي نرالو روپ بڻجي سگهيو آهي. اهڙيون آرٽسٽڪ خوبيون ضراب جي هن ڪتاب ۾ پڙهندڙ گهرائيءَ سان پرکي، پروڙي، محسوس ڪري سگهن ٿا. سندس هن ڪتاب جي ٽائيٽل ڪهاڻي “سرحدن کان اڳتي” ۾ ضراب جي وسيع سوچ سمجهه ۽ اعليٰ شعور جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ڇو ته هن ڪهاڻيڪار وٽ ذات پات، اوچ نيچ، مذهب، رنگ، نسل، ٻولي ۽ سرحدن کان مٿاهين حيثيت صرف ۽ صرف انسان جي آهي. هڪ انسان پاران ٻئي انسان جي آزادي، عزت، آسن ۽ اميدن سان هٿ چراند ڪرڻ جهڙي جهالت ضراب جهڙي حساس دل ليکڪ جي اندر جي جبل جي ٻَڙڪندڙ لاوي کي ٻَڙڪائي وجهي ٿي ۽ هُو سرحدن ۾ ورهايل ڌرتيءَ جي هڪ ساڳي وچان ليڪ ڏنل حصي تي رهندڙ ظالم، وحشي، ڪوڙي قانون جي ٺيڪيدارن سان نفرت جو اظهار بنا ڪنهن ڊپ ۽ ڊاءُ جي پنهنجن ڪهاڻين ۾ بي تحاشا ڪري ٿو. انهن مجبور انسانن جي روحن کي پنهنجين تخليقن ذريعي شانتي پهچائي ٿو. امن ۽ اَهنسا جو چاهيندڙ ضراب عام ماڻهن کان مَٿاهون ٿي عالمِ انسانيت سان پيار ڪندڙ هڪ اهڙو ليکڪ ڏسجي ٿو جنهن لاءِ هي سڄي ڌرتي سندس ديس وانگر آهي.
”ڪوجهائپ کي ڪوملتا جي ڳولا” ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪ جي اذيت ناڪ پيڙا جو عڪس ملي ٿو. جنهن ۾ هن پيار ۾ پاتل ۽ پوءِ وڃايل پنهنجي دل جي ڪهاڻيءَ جي ڪردارن جي يادن کي سهيڙيو آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ توڙي جو ليکڪ جي اندر جي مايوسي نمايان نظر اچي ٿي پر اُن سان گڏوگڏ ليکڪ سچائيءَ جو به دامن نه ڇڏيندي نظر اچي ٿو. ڪهاڻي پنهنجي پلاٽ ۽ بيهڪ ۾ ٺيڪ ٺاڪ آهي جڏهن ته ٻوليءَ جي شاعراڻي استعمال ڪهاڻي کي کي لُطف اندوز بڻائي ڇڏيو آهي.
”آئوٽ بيئڪ” ڪهاڻي جي شروعات توڙي جو روايتي انداز سان ٿئي ٿي. پر اُن ڪهاڻي کي وڏي مهارت سان بيان ڪيو ويو آهي. هڪ ماءُ جي اولاد لاءِ محبت کي جنهن جذبي، سچائيءَ ۽ مهارت سان اُڻيو ويو آهي. اهڙو فني هُنر، ضراب جي حِساس طبيعت جي ساکي هئڻ سان گڏ سندس اندر ۾ موجود بهترين ڪهاڻيڪار جو چٽو ثبوت پڻ آهي. يا جنهن ريت ضراب هِن ڪهاڻيءَ جي هيئت ۾ هِن سڄي واقعي جي بيهڪ کي سَنواري بيهاريو آهي اُها خوبي به فن جي مَٿاهين پُهچ کي ظاهر ڪري ٿي. سندس ڪهاڻي لکڻ جي جادوگري به پنهنجو مثال پاڻ آهي. يا”سگريٽ کي ڪٿان دُکائجي“ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪ جنهن طرح سان هڪ عورت جي اندر جي جذبن جي عڪاسي سان گڏ معاشري جي چهري تان جيڪو ٻھروپيي جو نقاب هٽايو آهي. اُهو به پنهنجي جاءِ تي بي باڪي سان، فني اُڻت ذريعي هڪ بهترين ادبي شاهپاري جي روپ ۾ سامهون اچي ٿو. دراصل هي ڪهاڻي درگاهن تي ڪهي ايندڙ بظاهر پنهنجون آسن ۽ اميدن جي َاَگهامجڻ جون دعائون گُهرندڙ مردن توڙي عورتن جي باسن جي روپ ۾ سماجي لِڪل ۽ ڇِرڪائيندڙ هڪ اهڙي حقيقيت جي ڪهاڻيءَ ۾ عڪاسي ڪئي وئي آهي. جنهن کي لفظن جي صورت ڏئي ضراب سماج جي هڪ ڪُرندڙ زخم تي تيزاب هاري ڇڏي ٿو. هي ڪهاڻي پڙھڻ کان پوءِ ليکڪ جي مُشاهدي واري حِس انتهائي تيز محسوس ٿئي ٿي. ضراب حيدر اهڙيون ڳالهيون رُڳو ُٻُڌي يا پڙهي ڪهاڻي ڪو نه لکيون آهن بلڪ هُن خود اُنهن حالتن جو ڀرپور انداز سان تيز ۽ تکي آرٽسٽڪ نگاھ ذريعي مُشاهدو پڻ ماڻيو آهي. جنهن جو مثال هي ڪهاڻي خود ڏَسي رهي آهي. ٻي ڳالهه ته ضراب جي ڪهاڻين جا عُنوان به ڏاڍا نرالا، وڻندڙ ۽ اَڇوتا هوندا آهن. جن ۾ پڻ ڪيئي ڪهاڻيون پَساھ کڻندي پيون محسوس ٿينديون آهن.
ضراب حيدر جون ڪهاڻيون پڙهي مان اڪثر سوچيندو آهيان ته اُها آخر ڪهڙي پيڙا، تڙپنا، جذبات ۽ اُڌما آهن جيڪي ضراب کي ايڏيون پيڙائتيون ۽ گهريون ڪهاڻيون لکڻ تي مجبور ڪن ٿا. اُها ڪهڙي اَڻ پوري آس، خواهش آهي جيڪا روپ مٽائي مٽائي سندس ڪهاڻين ۾ پوري آب ۽ تاب سان پنهنجين سڀني دردن سان پُر ٿي دل جي گهراين ۾ لهي روح کي جهنجهوڙي ڇڏي ٿي. مَنجهس نيٺ اُها ڪهڙي جُستجو آهي يا ڳولا جو اُهو ڪهڙو جذبو آهي جيڪو اڳتي کان اڳتي وَڃڻ ڏانهن ليکڪ کي اُتساهي ٿو. جنهن جو اَنت ماڳ جي ماڻڻ ۾ پوشيده آهي. پر اُها منزل تائين پُهچڻ واري تمنا، زندگي جو اهم ۽ خاص مقصد بڻجي ضراب جي زندگيءَ ۾ سَمائجي چڪو آهي.
شيخ اياز پنهنجي آتم ڪٿا جي ٽين ڀاڱي”ڪٿي نه ڀَڃبو ٿَڪ مُسافر“۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته، ”مان ڀانيان ٿو ته رُومان اُهو خواب آهي جنهن ۾ ٻَه ماڻهو پنهنجي ڪائنات تخليق ڪن ٿا ۽ جڏهن هُو پيار ۾ ٽُٻ آهن ته وقت بيهجي وڃي ٿو. اُهو جيءُ جو جادو آهي، ٺَهه پَهه آهي، اُهو فقط طلب آهي، حاصلات نه آهي. اُهو رشتو ناتو گهٽ، روح جو ريلو وڌيڪ آهي. “
اهڙو روح جو ريلو ضراب جي ڪهاڻين جي وجود جو اصل مُحرڪ جذبو آهي. محبوب جي ڏُک کان دنيا جي درد تائين جي سُرمئي سفر ضراب جي ڪهاڻين ۾ ڪيترائي احساسن، جذبن، لُڙڪن، پيڙائن، يادن، خيالن جا سيلاب آڻي ڇڏيا آهن. پر پوءِ به ضراب جي جيءُ جي اُڃ، اُجهامڻ ۾ ڪا به گهٽتائي ڪين آئي آهي. ۽ ضراب جيئن پوءِ تيئن رُڃ جي طلب ۾ تانگهندو وڃي رهيو آهي. اُها اُڃ ايتري ته پُرڪشش آهي جو اُها ڪڏهن به ڌرتيءَ جي دريائن توڙي سمونڊن سان ختم ٿيڻي ئي ناهي.
”پيرن ۾ ڪِريل آسمان” ڪهاڻيءَ ۾ سماجڪ بي حسي ۽ ناانصافي جي بهترين عڪاسي ٿيل آهي. جنهن ۾ ڪجهه ماڻهن کي پنهنجي جسم جي جنسي تسڪين جي حاصلات جو اَنڌو جنون ذهنن تي سوار آهي ته ٻئي پاسي هڪ مجبور عورت سان ٿيندڙ ڏاڍائي ۽ سندس هيڻائيءَ جو درد اهڙي ريت پيش ڪيو ويو آهي جو پڙهندڙ جي دل پڻ اُن تڪليف ۾ جُهري پَوي ٿي. ۽ سوچن ۽ خيالن ۾ معاشري جي بَدنُما بيهڪ کان بغاوت جا طوفان پيدا ٿي پَون ٿا.
هِن ڪهاڻي جو پلاٽ ۽ مقصد ايترا ته ڀرپور آهن جو ڪهاڻي پڙهندڙن جي ذهنن تي پنهنجا نقش چٽي، کين اُنهن ۾ تَحليل ڪري ڇڏي ٿي. شروع کان آخر تائين جنهن تسلسل سان ڪهاڻي لکي وئي آهي اُهو روانيءَ جو رنگ ساراھ جوڳو آهي. ٻئي طرف هِن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ اهڙي پِير جي نيشاندهي ڪئي وئي آهي، جيڪو پڻ هِن سماج ۾ گندگيءَ ڦھلائيندڙ غنڊن، جيان برابر جو ڏوهاري ۽ سندن پاٿاريدار پڻ آهي.
”ڪارا ناسي ڪنگڻ” رومانس جي ڪلاسيڪل انداز ۾ رچيل هڪ شاندار ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ ضراب وڏي فنائتي نموني سان پيار جي پيڙا کي وڻندڙ خيالن، خوبصورت منظرنگاري، ۽ سُريلي پر پُردرد ٻوليءَ ۾ وڏي سيبتائيءَ سان سهيڙيو آهي. ڪهاڻي جو اهڙو ڀرپور فني انداز ظاهر ڪري ٿو ته ضراب ڪنهن به ڪهاڻيءَ جي گهرائيءَ ۾ لهي ڪري، ڪهاڻيءَ جي جوهر کي دريافت ڪري ڄاڻي ٿو. اُها خُصوصيت ئي هُن جي بهترين ڪهاڻيڪار هُئڻ جي ساک ڀَري ٿي. اُن کان اعلاوه”مُجسمو“، ”۽ وَڇ ڀڄي وئي“، ”خدا!تنهنجا سڀ آسمان مون وٽ گِروي آهن“، ”سنڌ جو مُجاور“، ”مُحبتن جي ديس مان جلاوطن شخص“، ”فخروءَ جي ڌيءَ جو گُڏو“، ”ڪَٽجي ويل بوگي“ڪهاڻيون پنهنجي پنهنجي اندر ۾ هڪ وسيع مَعنائون ۽ مُنفرد دنيائون کڻي لفظن مان اُڀري ظاهر ٿي پَون ٿيون. ته جديد سنڌي ڪهاڻي ۾ ايمان تازو ٿي پوي ٿو. ۽”مري ويل ڪهاڻي“وارو اَجايو خيال يا تصور پنهنجو پاڻ خاڪ ۾ ملي وڃي ٿو.
مان سمجهان ٿو ته ضراب حيدر جون مٿي حوالي طور پيش ڪيل ڪجهه ڪهاڻيون پنهنجي توڙي ايندڙ وقت جون پڻ شاندار ڪهاڻيون آهن. اسان وٽ سنڌي ادب ۾ اڄ توڙي سُڀاڻڪي ادبي تاريخ ۾ جڏهن به هڪ سُٺي ۽ تخليقي ڪهاڻيڪار جو ذڪر ايندو ته اُنهيءَ ۾ ڪهاڻيڪار ضراب حيدر جو نالو پڻ ضرور ايندو. اُنهي اعتبار جو ڪارڻ سندس ئي تخليقي ڪهاڻيون آهن.
اڄ جي لکجندڙ ڪهاڻين جي اڪثر روايتي رنگ توڙي ڍنگ کي لَت هڻي عالمي ادبي سفر ۾ هلندڙ سنڌ جا ڪُجهه ئي ڪهاڻيڪار آهن جيڪي ڪهاڻيءَ جي روشن مُستقبل جي ضمانت پڻ آهن. اُنهن چند ڪهاڻيڪارن ۾ ضراب حيدر جو ادبي پنڌ توڙي پورهيو پڻ ڪنهن طور تي به گهٽ نه آهي پر جيڪو نرالي هُئڻ سان گڏ مُشڪل پڻ ضرور آهي. جنهن جي منزل به”سرحدن کان اڳتي“وڌي هِن پوري ڪائنات ۾ سمائي وڃي ٿي.
ضراب حيدر جي ڪهاڻين جي ڪتاب ”سرحدن کان اڳتي“۾ ڏنل آخري ڪهاڻي ”اَلف کي ڪو به نُقطو نه آهي“طويل هوندي به هڪ دلچسپ ۽ پاڻ ۾ تحليل ڪري ڇڏيندڙ ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ هڪ ڪردار جي جستجوءَ جي انتها جو اندازو لڳائي، من ۾ بيقرار ٿي سگهجي ٿو. جنهن جي زندگيءَ جي جُستجو، هڪ اھڙو نُقطو ڏيکاري وئي آهي، جيڪا سندس زندگيءَ جو مقصد بڻجي وڃي ٿي ۽ سموري ڪهاڻيءَ کي هڪ اهڙو سفر بخشي ٿي جنهن سان ڪهاڻيءَ جي پلاٽ ۾ انتهائي گهڻي سگهه پيدا ٿي پوي ٿي. موضوع جي رومانوي الڳتا، وڻندڙ ٻوليءَ ۾ گُفتگو جو نرالو رنگ توڙي ڍنگ ۽ بنيادي ڳالهه ته هِن ڪهاڻي کي تسلسل يا رواني ۾ جنهن نِڀاھ سان کنيو ويو آهي. اُها ڪنهن به عام ڪهاڻيڪار جي وَس کان مَٿاهين ۽ مُشڪل ڳالهه آهي. ڪهاڻي جو ڪلائميڪس ڇِرڪائيندڙ ۽ انتهائي دل آويز انداز سان پيش ڪيو ويو آهي. ڪهاڻي پنهنجي سلسلي ۾ ڪٿي به ٽُٽي، جهول ڪو نه ٿي کائي يا وري حال مان اوچتو ماضي(فليش بيئڪ)۾ ڪهاڻيءَ جي رُخ کي موڙڻ ۽ وري ماضيءَ مان حال ۾ کڻي اچڻ، ڪهاڻي جي خوبصورتي ۽ مُڪملتا جا اهم اُهڃاڻ آهن. رومانس جي شديد جذبن سان سَرشار هي ڪهاڻي پنهنجي ڪهاڻيپڻي واري سگهاري اُڻت ۾ اعليٰ ۽ اَڇوتي آهي.
ڪهاڻي مان ڪجهه جُمله، جيڪي پڙهي ڪري دل ۾ لهي وڃن ٿا ۽ ضراب حيدر جي تخليقي ذهن جي سطع پرکي سندس مُطالعي، مُشاهدي ۽ فني پُختگي تي پيار اچي وڃي ٿو.
”پريت ته هر عورت ڪري سگهي ٿي. ۽ پريت به هر عورت بڻجي سگهي ٿي. پر سُريت ڪا ڪا عورت بڻجندي آهي. “
”جهول ماءُ جي هُجي، محبوبا جي هُجي، زال جي هُجي يا رَنڊيءَجي هُجي، آٿت هوندي آهي. اُتساھ هوندي آهي. “
”روح توڙي جسم جي آزادي ڏيڻ مُحبت جو معراج آهي. “، ”ماڻهو زنده هوندو آهي ته فاصلن جي باوجود به دل کي آٿت هوندي آهي، ته ڪڏهن نه ڪڏهن مِلڻ ۽ مُرڪڻ جي مُند ايندي. “، ”جيڪي عورتون کائڻ جي معاملي ۾ بي باڪ ۽ بي حساب هونديون آهن، اُهي پنهنجي جسم جي بُک جو وڏي سِر اعلان ڪنديون آهن. “، ”پيار جا سادا اظهار، دنيا جي سمورن فلسفن تي ڪيڏا نه ڀاري هوندا آهن. “، ”مُحبت جي قوت ڪيڏي به پُرجوش ڇو نه هُجي، پر حَياءُ ۽ شَرم جي سَرزمين تي تَپي ويل سج جي گولي جيان هوندي آهي. مُحبت جي سج جون ڄِڀيون وِسامن يا ڦاٽن پر حَياءُ جي”اوزون ليئر“کي تباھ ناهن ڪري سگهنديون. حَياءُ جو ڳاڙهو”اوزون ليئر“ مُحبت جي سج جي حدت سبب ٽُٽي پوندو آهي ته اسان جي جذبن ۽ احساسن ۾ ڪيتريون ئي آلودگيون ڪاهي پونديون آهن. پوءِ دل جون ڌرتيون صدين تائين ڀوڳينديون آهن. “
”درياھ ڪنهن شفيق پوڙهي ماڻهو وانگي لڳندو آهي. پر درياھ جو وهڪرو عورت جي ساهن جي سهڪي وانگر لڳندو آهي. “، ”ڌرتيءَ تي هر فطري تخليق جو جنم سج جي غير موجودگيءَ ۾ ٿيندو آهي. عبادت جا عَلم ۽ گُناهن جا اَلميا رات جي پيٽ ۾ پَلجندا آهن. “، ”مُحبت ۽ جنگ ۾ ڪو به قانون ناهي. مُحبت ۾ ماڻهو حق تي هُجي يا ناحق تي، ماڻهوپاڻ کي صحيح سمجهندو آهي. “،
”محبت ماڻهپو ڏيندي آهي ۽ ماڻهپو چَوي ٿو ته مُجرد زندگي گُذارڻ جي ڄاڻي واڻي يا اڻڄاڻائيءَ ۾ ڪيل ڪوشش گُناھ آهي. عورت کان سواءِ زندگي بَسر ڪرڻ جو تصور به فطرت جو وڏي ۾ وڏو ڏوھ آهي. “، ”مون دنيا ۾ اِهو ڄاتو آهي ته ڪنهن جو ڪوئي تڏهن ٿيندو آهي جڏهن ماڻهوءَ جي پنهنجي مَن ۾ ڪنهن جي ٿي وَڃڻ جو سوداءُ سَمائجي وڃي. “
اهڙيءَ طرح”سرحدن کان اڳتي“۾ ڏِنل آخري ڪهاڻيءَ ۾ هڪ تِر جي جُستجو نه ئي پوري ٿي سگهي ٿي ۽ نه ئي ضراب حيدر اِن جُستجوءَ کان وانجهو نظر اچي ٿو. ڳولا جي اِها بي چيني يقينن سنڌي ادب کي اهڙيون نِراليون ۽ تخليقي ڪهاڻيون ڏيندي رهندي. . . .