مختلف موضوع

ڪتاب پڙھڻ کانپوءِ

مختلف ڪتابن تي لکيل اڀياس تي مشتمل ھن ڪتاب بابت بخشل باغي لکي ٿو:”سچ اِهو بہ آهي تہ شاعريءَ مون کي نثر جي جھان جو ڏس ڏنو ۽ نثر وري شاعريءَ جي شعور جي شمع تي منھنجن خيالن، احساسن ۽ ڪيفيتن جي پروانن کي لَھسائي، جَلائي ڀَسم ڪري هڪ لافاني جلا بخشي ڇڏي آهي. ”ڪتاب پڙھڻ کانپوءِ“ اصل ۾ ڪتابن جون نہ پر محبوبن جون ڳالھيون، پَچارون آهن. فن، فڪر، آرٽ، علم ۽ ادب جون ڳالھيون آهن. ڇاڪاڻ تہ ڪتابن سان عشق مون کي هِن دنيا جي بي رحم حالتن ۾ آسيس ڏئي زندگي کي جيئڻ جا نوان نوان زاويا، ذائقا توڙي ڍنگ سيکاريا آهن.“

  • 4.5/5.0
  • 9
  • 5
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بخشل باغي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪتاب پڙھڻ کانپوءِ

اِدراڪُ جي آڏاڻي تي اُڻيل ريشمي نَثُر

ڪنهن به شيءِ جي يڪسانيت يا ورجاءُ جو احساس ماڻهوءَ جي طبيعت کي ٿڪائي ، مُنجهائي کيس بي دِليو ڪري وجهندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ باشعورذهن، نئين جي ڳولا جو مُتلاشي بڻجي، جُستجوءَ جا نوان، نوان دڳ ووڙيندو رهندو آهي. ۽ پوءِ ڳولا جي اُها ڳڻ ڳوت کيس سُڪون سان ويهڻ نه ڏيندي آهي، جنهن مان ڀٽائي جو اُهو کاهوڙي، تخيل جي ڪائنات مان نِڪري نروار ٿي پَوندو آهي. جيڪو ڪڏهن به پير پساري سُک سان نه ويٺوآهي ۽ سدائين پنڌ جي اوسيئڙي ۾ آس جا ڏيئا روشن رکندي پئي جيئندوآهي ياوري ايازجي جِهرڻي جهڙي سدائين نئين رهندڙ نثرمان“ڪٿي نه ڀڃبو ٿَڪ مُسافر”جهڙو پُر عزم جاکوڙي، پانڌيئڙو، پنڌ جا اوکا پيچرا جهاڳڻ نڪري پوندو آهي. جنهن جي کنيل هرقدم ۾ جيئڻ جو نئون ساهس، نئين رنگ ۽ ڍنگ سان نِکري پوندوآهي. اهوپنڌ، شعور، اِدراڪ، فڪر، فهم، سوچ ۽ ويچار جو اهڙو ته ڳانڍاپو جنمي، جوڙي ٿو، جو ماڻهو تبديليءَ جي تناظر مان گُذري، شعور جي هڪ اهڙي سفر تي روانو ٿي پوي ٿو جيڪو پنڌ، پنهنجي جوهر ۾ پهاڙن جهڙيون سختيون ۽ مُشڪلاتون رکي ٿو. ظاهر آ ته اهڙي سوچ جي سفر ۾ ذهنن جا زنگ مِٽجي، اُجارجي پوندا آهن ۽ شعو ر ۽ اِدراڪ جا دڳَ، ڌوپجي اُجرا ٿي پوندا آهن، ۽ اوسيئڙن جا اُجهاڻيل ديپ روشن ٿي نئين اُتساھ جي سُهائي ڦهلائي ڇڏيندا آهن. جنهن سان ادب سميت زندگيءَ سان لاڳاپيل سڀئي شعبا پنهنجي اصل معنويت ماڻي، مُڪملتا جي پنڌ جو آغاز ڪندا آهن. ادب ۾ نثر ۽ نظم، انساني اِظهار جا ٻه اهڙا ته ڀرپور ذريعا رهيا آهن جن جي آڌار تي اِنسان پنهنجا خواب توڙي خواهشون، خيال توڙي احساس، آهون توڙي اُمنگون سمائي، اندر جي آنڌ مانڌ کي ٻوليءَ جي لطيف لفظن سان ڪرافٽ جون نيون نيون ڪائناتون تخليق ڪري ڇڏيندو آهي. جن کي پڙهي توڙي ٻُڌي روحاني آسيس جو حسين احساس جنم وٺندو آهي. ته ماڻهون جي اُداس من جي دُنيا تي اُتساھ جي آنند جون گهنگهور گهٽائون جُهومي برسي پونديون آهن. زندگيءَ سان ڀرپور اهڙو صحتمند ادب قومن جي اُلجهيل تقديرن کي سُلجهائي کين زندگيءَ جي کڏن ۽ کوٻن واري ڪچن پيچرن تان گُذاري شعور جي شاهي رستي تي آڻي بيهاريندو آهي. جتان کان ئي “نئون ادب نيون ڳالهيون” جنم وٺنديون آهن. جن جي مهنداري چندر ڪيسواڻيءَ جهڙا باشعور، سُجاڳ، پڙهيل، لکيل ۽ ڪڙهيل اديب ئي ڪري سگهن ٿا. جيڪي زندگيءَ جي تجربن، لاهن توڙي چاڙهن۽ڪٺن حالتن ۾ پچي ڪُندن ٿيل هوندا آهن. چندر ڪيسواڻي جو ناءُ منهنجي شروعاتي ادبي سانڀر ۾ اُنهن چند نوجوان اديبن جي نالن سان شناسائي رکندو هو جيڪي فني توڙي فڪري، نظرياتي توڙي تنقيدي فڪر سان سلهاڙيل هُئا. جن معاشري جي ڀيانڪ روپ کي ادب ۾ پنهنجي تحريرن ذريعي ۽ سياست ۾ عمل جي رستي تي هلندي تبديليءَ جي خوبصورت ساڀيان لاءِ پاڻ پئي پتوڙيو. جن پنهنجي علمي شعور سان سنڌي ادب تي مڙهيل انارڪي ۽ قنوطيت کي ميسارڻ پنهنجو مقصد پئي ڄاتوآهي. چندر ڪيسواڻي ادب ۽ زندگيءَ جي مُثبت سوچ ۽ روين جو اهو سگهارو ليکڪ آهي، جنهن جي تحريرن ۾ترقي پسند ڳوُڙهي فڪر سان گڏ سڄڻ ۽ ساڻيهه جو شعور ۽ اِدراڪ پنهنجي عروجي سطع تي نظر اچي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو سندس آيل نئون نثري ڪتاب “نئون ادب نيون ڳالهيون”اڄ واري سنڌي ادب ۾ اهم جاءِ وِلاري ٿو. چندر ڪيسواڻيءَ جي هن نثر جي شاندار ڪتاب کي پڙهي ڪري مون کوڙ ساري وقت کان پوءِ سنڌي ادب جو مُطالعو ڪندي روحاني راحت ۽ مُطالعي جو لُطف ماڻيو آهي. ۽ نثر جي اهڙي حُسناڪي، گهرائي، سُجاڳي، ذميواري منهنجي ذهن کي نين راهن ۽ رستن جا ڏس ڏئي ڇڏيا آهن. ۽ مون کي پنهنجي ڪيل محدود مُطالعي ۾ سائين جي ايم سيد جي اهم ڪتاب“ديارِدل داستانِ مُحبت”، علامه آءِ آءِ قاضيءَ جو“ساهڙ جا سينگار” (سائين جي ايم سيد ڏانهن خط) محمد ابراهيم جويو جو“مُٺ مُٺ موتين کاڻ”، ، اياز جو“ڪٿي نه ڀڃبو ٿَڪ مُسافر”۽ سندس ٻيا نثر جا ڪتاب، عبدالواحد آريسرجو “ڇا ته شخص هو”، لڇمڻ ڪومل جو“وهي کاتي جا پنا”موهن ڪلپنا جو“بُک، عشق۽ ادب”، ريئس ڪريم بخش نِظاماڻي جو ڪتاب“ڪيئي ڪتاب”(ٻه جُلد)، عبدالقادر جوڻيجي جو ڪتاب“وڻ وڻ جي ڪاٺي”، اجيت ڪور جو“خانه بدوش” اعجاز منگيءَ جا خوبصورت مضمون، مولانا عبدالڪلام آزاد جو“غُبارِ خاطر”، رسول حمزه توف جو جڳ مشهور ڪتاب“ميرا داغستان”، انعام شيخ جو“سوچ جو سفر”، نصير مرزا جو“خيمي ۾ شام”، سردار شاھ جو “مي رقصم”، “اڪبرلغاريءَ جو “فلسفي جي مُختصر تاريخ”، ضراب حيدر جو“زندگيءَ جو سفر تون ۽ مان”، فياض لطيف جو “خط، خوشبو، خواب” واري نثري مي ڪشي ياد اچي وئي آهي. چندر ڪيسواڻيءَ جو “نئون ادب نيون ڳالهيون” ڏيهي توڙي پرڏيهي شعور سان سنواريل هڪ اهڙو ڪتاب آهي جنهن جو اُجراءُ هن وقت سنڌي ادب ۾ اِنتهائي لازمي هو. جيڪو سنڌي ادب جي جمود واري هِن دور ۾ هڪ تحرڪ جو احساس ڏياري ٿو. “نئون ادب نيون ڳالهيون” چندر ڪيسواڻيءَ جي ادبي ۽فڪري، مضمونن، مهاڳن ۽ مقالن جي خوبصورت ويچار ڌارئن جو ڪارائتو ڪارنامو آهي جنهن تي اڄ جي ادب کي فخر ٿي رهيو آهي. چندر ڪيسواڻي گهڻ رُخي ادبي شخصيت جومالڪ آهي. سندس تنقيد ۽ تحقيق جي ميدان ۾ هِڪ گهڻ پڙهئي جي ادب سان شناسائي رکندڙ ليکڪ جي حيثيت ۾ هُن جيڪو به تنقيدي، تحقيقي ۽ اڀياسي ڪم ڪيو آهي اُهو سنڌي ادب جو اهم ۽ مانائتو حصو آهي. “نئون ادب نيون ڳالهيون”ڪتاب ٽن حصن ۾ ورهايل آهي. جنهن جي پهرين حصي ۾ “نئين سوچ ”جي سِري هيٺ مُختلف موقعن تي لکيل مضمون ڏنا ويا آهن. ٻيو حصو“ڏيهي ادب” جي اڀياس جو آهي، جنهن ۾ مُختلف ڪتابن تي اڀياس آهي. جڏهن ته ٽيون حصو“عالمي ادب” جي اڀياس مُتعلق آهي. جنهن جي مُطالعي مان چندر ڪيسوڻيءَ جي عالمي ادب، فڪر، فلسفي جي مُطالعي جي ڀليءَ ڀُت ڄاڻ پوي ٿي. “نئون ادب نيون ڳالهيون” جي پهرين حصي “نئين سوچ”جو پهريون تحقيقي مضمون “سنڌي عورت جو سماجي اڀياس” انتهائي شاندار نثر جو نمونو آهي. جنهن ۾ عورت جو سماجي ۽ تاريخي اڀياس، سائنسي انداز ۾ نئين فڪر ۽ فهم سان ڪري عورت جي فطري اهميت ۽ افاديت کي اُجاگر ڪري چندر ڪيسواڻيءَ پنهنجي روشن خياليءَ جو اعليٰ جائزو پيش ڪيو آهي. ۽ انگن اکرن سان سنڌي عورت سان درپيش مسئلن کي وائکو ڪيو آهي. “سنڌي ادب جواٻوجهائپ ڪلچر” ۾ چندر ڪيسواڻيءَ اديب جي مُثبت ۽ منفي ڪردار جي اوک ڊوک ڪندي سندس اڄوڪي جمود واري صورتحال ۾ غير مُطئمن نظر اچي ٿو. جنهن ۾ هُن بنا رک رکاءُ جي اديب، سياستدان، صحافي ۽ مُثبت تنقيد جي کوٽ واري حال تي سخت تنقيد ڪري، اُنهن کي پنهنجو روپ پسايو آهي. “شيخ اياز_پڇاڙڪو عڪس” ۾ ته چندر وڏي ڪمالِ فن۽ مهارت سان اياز سان مُلاقات واري عڪس کي چِٽيو آهي. جنهن کي پڙهندي چندرنثر جي حسين ڪرافٽ کي تخليق ڪري ڇڏيو آهي. جنهن کي پڙهي ڪري منهنجي من کي هڪ عجيب سحر پاڻ ۾ سوگهو ڪري ڇڏيو. ۽ آءُ اڻ پيتيءُ جي خُمارن جا سرور محسوس ڪندو رهيس. هن مضمون ۾ چندر خود ڪلاميءَ جي فڪري تخيل جي تازگيءُ جو انوکو ڏانءُ تخليق ڪري نثر جي نئين منظر نگاريءُ جي تصوير ڪشي ڪئي آهي. مثلن “پرنس ڪمپليڪس جي “اي ٽاور”۾ چوٿين ماڙ تي ساڄِي ڪُنڊ ۾ کوڙيل در جي بيل وڄڻ سان ڪا اَکَ “آئي هول” ۾ اٽڪي تڪڻ لڳي. در کُليو، ڪو ڇوڪَر اسان جا نالا پُڇي، وڃي وري موٽي آيو. اسان کي وٺي وڃي هُن اياز جي اڀياسي روم ۾ ويهاريو. روم جي ڇِتِ تائين سٿيل ڪتابن جا شيلف، بُخارا واري شاهي قالين جي مُهڙ ۾ رکيل اڪيلي صوفا مٿان ڇپر جيڏي گلوب جون هيڊيون بتيون سنهڙي سوجهري جو دائرو ٺاهي ٻرڻ لڳيون. در جي کُليل اڌ تاڪ تي اَڙيل منهنجي اَکَ پئي ڦٿڪي. اياز اڌ وِک جي فاصلي سان لٺ جي ٽيڪ تي ميرانجهڙي روشنيءَ جا ليڪا لتاڙي ڌيري ڌيري اندر اچڻ لڳو. سندس ڀَر ۾ ابراهيم جويو پئي آيو. اسان جي اُٿي بيهڻ تي اياز مُرڪندي ساڄي هٿ جي ڇَپرٺاهي، ويهڻ لاءِ اشارو ڪيو. آڱرين وِچ ۾ اڻ دُکيل سگريٽ، سانوري پيشانيءَ تي پکڙيل اَڇا، ڪارا وار، گهاٽي ڀِرئون جي ڇانوءَ ۾ ٻرندڙ اکيون، عمر جا طئي ڪيل هڙيئي فاصلا، هٿ ۾ ورتل هڪ عدد ڇَڙي. . . . ” ۽ پوءِ“هر اُها رات، جنهن رات مون کي سنڌ جو خواب ايندو آهي، تڏهن مان هڪ ماءُ کان وڇڙيل ننڍڙي ٻار جيان ڇِرڪي پوندو آهيان. ” جهڙين مُقدس خيالن جي خالق ۽ هند ۽ سنڌ جي بهادر ليکڪ ۽ اديب موهن ڪلپنا تي لکيل“موهن ڪلپنا فن ۽ شخصيت”۾ چندر ڪيسواڻيءَ سنڌي ڪهاڻي ، ناول، تنقيد ۽ سندس شخصيت تي ڏاڍي باريڪ بينيءَ سان، فڪر انگيز انداز ۽ سليس سليقي سان لکيو آهي. جنهن جي مُطالعي ڪرڻ سان موهن ڪلپنا مُڪمل طور پنهنجي فن، فڪر۽شخصيت سميت اُڀري اچي ٿو. “پوئٽڪ ويئرنس”۾ چندر ڪيسواڻيءَ نثري نظم جي اهميت ۽ ضرورت بيان ڪندي عالمي ادبي تناظر ۾ اُن کي پابند شاعري کان وڌيڪ اهم ڄاڻايو آهي. ۽ نثري نظم کي پابند شاعري تي وڌيڪ فوقيت ڏيندي لکي ٿو ته، “موضوع ۽ عروض جي حوالي سان شاعريءَ ۾ پابندي، ظابطو ۽ چونڊ هاڻي پاڻياٺ بڻجي چُڪا آهن. اڄ جي سنڌي شاعري سختيءَ کي ته چکي ئي نٿي. ”يا“اوکائپ ۽ ساھ مُٺ ۾ ڀِيڪوڙيندڙ هِن دور ۾ انفرادي توڙي اجتماعي حوالي سان انسان جو بُنيادي جذبو رڳو عشق نٿو ڳڻجي، تنهن ڪري محض غزل ئي جديد شاعريءَ جو ڪو نمائنده صنف به نٿو ليکجي. هن دور جي جماليات ته بي ڊولائپ کي به قبوليو آهي. تنهن ڪري نثري نظم ۾ جيڪو انسان اُڀري ٿو اُهو هِن دور جو بي چين اِنسان يا وري اُنهيءَ بي چينيءَ جي ڪا مخصوص شِڪل آهي. اُهو اِنسان غزل ۾ جزوي، نظم ۾ ڪُجهه وڌيڪ ۽ نثري نظم ۾ مُڪمل شِڪل ۾ وائکو ٿئي ٿو.” مٿين راءِ چندر پنهنجي نثري شاعريءَ جي ٻئي شعري مجموعي“روپوش مُحبتون” تي ٻه اکر لکندي، لکي آهي. ۽ هاڻ جڏهن مان چندرجي اڄوڪي پابند شاعري (غزل)پڙهان ٿو ته آءُ سوچيان ٿو ته اُها آخر ڪهڙي من جي اُڻ تُڻ آهي جيڪا چندر، نثري نظم جهڙي آزاد صِنف ۾ به ڪونه پلٽي سگهيو آهي. پوءِ اُها غزل جهڙي پابند ۽ بندش زده صنف، چندر کي ڪهڙي خيال تحت پاڻ ڏانهن ڇِڪي آندو آهي جو هُو ڪالهوڪي ڪيل نثري نظم جي حق ۾ عالمي ادب جا وڏا حوالا ڏئي هُن پابند شاعري(غزل) کي “پاڻياٺ” سان ڀيٽيو هو. ۽ اڄ اُنهيءَ پنهنجي راءِ کي هُن غزل لکي رد ڏنو آهي. “اياز روحِ عصر جوپرچارڪ” ۾ چندر ڪيسواڻيءَ دل آويز انداز سان اياز جي دُعائيه شاعري تي ٿيل غير علمي تنقيدن واري طوفاني وايو منڊل ۾ اِنتهائي چابڪدستيءَ سان اياز جي اُن معصوم شاعريءَ جي ڀَر، جهلي بيٺو آهي. ۽ جرمن فيلسوف ايمانوعيل ڪانٽ، سارتر، افلاطون، روسي ڪوي بورس پاستر ناڪ، جان ڪيٽس، ڪلاسيڪي فيلسوف فريڊرڪ ولهم نيطشي، ارنيسٽ هيمنگوي، سولزي نِٽسن وغيره جي فڪر، فهم ۽ فلسفي جا حوالا ڏئي اياز جي شاعريءَ جي ٻنهي دورن کي هڪ ٻئي جوسگهارو تسلسل ثابت ڪيو آهي. جنهن کي پڙهي ڪري اياز جي سموري شاعريءَ سان اڃا به وڌيڪ مُحبت جو احساس جيءُ ۾ جاڳي پوي ٿو. “جنگ، انقلاب ۽ شاعري”۾ چندر ڏاڍي سيبائتي نموني سان پنهنجي عالماڻي ۽ فڪري سوچ ذريعي جنگ جهڙي غير انساني عمل ۽ روش کان نفرت جواِظهار۽ شاعريءُ وسيلي ڪائناتي سونهن ۽ سوڀيا کي پرکڻ واري خيال کي اهميت جوڳو قرار ڏئي ٿو. پر اڳتي هلي اِن فڪر انگيز لکڻيءَ ۾ اليڪٽرڪ ميڊيا واري ڳالهه الئي ڇو هن مضمون جي سُهڻي ۽ تخليقي سِٽاءُ جي تسلسل کي ٽوڙيندي محسوس ٿئي ٿي. جنهن ڪري چندر جي هِن مضمون جي ٻولي توڙي معنوي رواني مُتاثر ٿئي ٿي. ۽ اُن مضمون ۾ تڙ تڪڙ واري تڪڙي غير ذميواري جو، اَڻ وڻندڙ احساس ڪَر موڙي جاڳي پوي ٿو. هِن ڪتاب جي ٻئي حصي“ڏيهي ادب”۾ “سارتر، سنڌ ۽اندر جي گهُٽ” جي عنوان سان هن مضمون ۾ چندر سارتر جي ناول، “بُڇان”، جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڊاڪٽر بدر اُڄڻ “اندر جي اُڇل” جي نالي سان ڪيو آهي، تي وڏي مُفصل نموني، انتهائي باريڪ بينيءَ سان جائزو ورتو آهي. جنهن ۾ تفصيلي انداز سان چندر پنهنجي علمي ڏاهپ جي روشني پکيڙي اڄ جي نوجوان کي علم ۽ ادب سان مُڪمل سنجيدگيءَ جو ڏَسُ ڏئي ٿو. سارتر جي ناول جي مِڙني رُخن تي اهڙي چابڪدستيءَ سان نئين ٽهيءَ ۾ تمام، تمام گهٽ لکيو ويو آهي. چندر جو سارتر جي ناول تي ايڏو پُر اثر تجزيو ڪرڻ، سنڌي ادب جي لاءِ خوش بختي ئي چئي سگهجي ٿي. چندر ڪيسواڻيءَ جي تحرير جي سُڃاڻپ اها آهي ته اُها پنهنجي فڪري، فني، فلاسافيڪل، تسلسل ۾ يڪسر ۽ ريشم جي رنگين تاڪين وانگر پنهنجي حُسناڪين جا جلوه پسائيندي رهندي آهي ۽ لفظ لفظ پنهنجي معنويت جي پس منظر سان اُجاگر ٿيندو رهندو آهي. ٻوليءَ جي ريشمي ۽ نفيس تند، تخيل جي سنهي سُئيءَ سان“اِدراڪُ جي آڏاڻي تي اُڻيل ريشمِي نَثُر” کي دل ۾ پيهي ويندڙ احساس سان تخليق ڪندي ويندي آهي. جنهن جا کيپ ۽ خُمار دل توڙي دماغ کي نئين سگهه ۽ تازگي فرهام ڪندا آهن. اُن کان اعلاوه هن ڪتاب جي ٻئين حصي ۾ مُختلف موضوعن تي لکيل ڪتابن، جهڙوڪ شاعري، ڪهاڻي۽ مضمون نويسيءَ تي چندرڏاڍي خوش اصلوبيءَ سان نڀايو آهي جن ۾“جي گهاريا مون بند ۾”، “تون ۽ مان جا گنڊڙيل ميڙاڪا”، “اکيون ڏيئا ياد جا”، “منهنجي پياري ڌيءَ هڪ اڀياس”، “منظر منظر دل جي اندر”، “ثقافتي لهجي ۽ شهري سَڀاءُ جو شاعر”، “ڪٿي نه ڀَڃبو ٿَڪُ مُسافر”، ڪانئر جو موت، داخلي خود ڪلامي جا رويا”، “وستي وستي وحشتون”، “گُم ٿيل ماڻهو جو سفر نامو”، “ڀڳل دلين جو سيلاني”، “سج لهڻ کان پوءِ به. . . . . ڪلچرل ڪهاڻيءَ جو جائزو”، “تبسم. عشق، سونهن ۽ آدرش جو شاعر”، “خودڪشي ءَ جو رومانس”۽ “ڏور به اوڏا سُپرين”اچي وڃن ٿا. جيڪي چندر ڪيسواڻيءَ جي ادبي تپسيا جا بهترين نتيجا ڀاسن ٿا. جن کي پڙهي ڪري بقول اياز ته، “شاعري رقص ڪندي آهي ۽ نثر ڊوڙندو آهي. ” جي ساک بحال ٿيندي محسوس ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ جو چندر جو نثر صحرا ۾ پاڻيءَ جي جُستجوءَ ۾ اُڃايل هرڻيءَ جي اُن ڊوڙ جيان پنهنجي تيزي ۽ تِکَ ۾ غزلاڻي چال چلت ۽ نئين ڳولا جي ڳڻتيءَ رکي ٿو. جنهن جي توئنس چندر جي، جيءُ کي هڪ نئين جلا ۽ جوت بخشي ٿي. پر ٻئين حصي ۾ موجود خاص طور تي شاعري تي لکيل مضمون گهڻي قدرپيش ڪيل شاعريءَ جي سطح کان تمام مٿاهان آهن. جن ۾ چندرپنهنجي شعور جي گهري نگاھ سان شاعريءَ جي منظر ۽ پس منظر جي حالتن تي تمام غير جابندارنموني سان لکيو آهي. آخري ۽ ٽئين حصي“پرڏيهي ادب”۾ چندر ڪيسواڻيءَ عالمي ادب مان پنهنجي عاليشان چونڊ جي ونڊ پڻ ڪرائي آهي. جنهن ۾ “جديد پارسي ناول”، “چونڊ برطانوي ناول نگار”، “مارگريٽ ايٽ وُوڊـ صديءَ جي پڇاڙڪي بُوڪر ليکڪا”، بُوڪر پرائزـ هم عصر ادبي چِٽا ڀيٽي”۽ نڪاراگُوا ۾ اقتدار ۽ شاعري” تي تمام گهرائيءَ سان علمي، فني توڙي فڪري۽فلسفيانه اسلوب ذريعي شاندار تخليقي تحريرون ڏنيون آهن، جن جي جوهر ۾ معلوماتن جا ڪيئي انمول موتي ملن ٿا. آخر ۾نيو يارڪ جي برفباريءَ مان خوبصورت شاعر ۽ نثر نويس، حسن مُجتبيٰ لکي ٿو ته، “ننڍي کنڊ جي ترقي پسند شاعر ڪيفي اَعظمي چيو هو، “سنڌي شاعري ٻُڌي مون کي لڳي ٿو ڄڻ منهنجي فالج زدھ ٻانهن ۾ زندگي موٽي آئي آهي. ”چندر جي لکڻين جو به ڪُجهه اهڙو ڪارج آهي. فالج زدھ سنڌي سماج ۽ سوچ ۾ زندگي موٽائڻ. الائجي ڇو مون کي چندر جون لکڻيون پڙهي ڪراچيءَ جي ڳاڙهي ڊاڪا ۽ راجسٿان واري پٿرواري گاٿڪ عمارتن مٿان آچر واري شام سَوَن ۾ پاريهر لهندي محسوس ٿيندا آهن.

(ڇنڇر28 سيپٽمبر2013ع تي سنڌ رائيٽرس ڪلب مورو، پاران چندر ڪيسواڻيءَ جي ڪتاب“نئون ادب نيون ڳالهيون”جي مهورتي تقريب ۾ پڙهيو ويو)
25/9/2013