پنهنجي طرفان
اڄ جي نوجوان کي هن سفرنامي ۾ جتي هڪ جوان ۽ بي پرواهه جهازي (Seafarer) ۽ ليکڪ جون الهڙ ۽ آزاد ڳالهيون ۽ ڳالهه ڳالهه تي ٽهڪ ۽ خوشي نظر ايندي اتي پڙهندڙ کي اها پڻ حيراني ٿيندي ته جپان، هانگ ڪانگ ويندي ڪوريا ۽ سنگاپور جهڙا ملڪ جيڪي اڄ الائي ڇا لڳن ٿا، جن جي گهمڻ لاءِ اسان کي فقط ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ جتيون گسائڻيون پون ٿيون، انهن جي انهن ڏينهن ۾ ٽنڊو آدم يا شهدادپور جهڙي حيثيت ڪا مس هئي.
سامونڊي جهازن تي نوڪريءَ جي شروعات مون سٺ واري ڏهي جي آخري سالن کان ڪئي. ٻي جنگ عظيم (World War 2) کي لڳي ويهارو سال ٿي چڪا هئا پر ڪيترائي ملڪ جيڪي ان اثر هيٺ آيا اهي اڃان ان جي تباهي ۽ شاڪ مان پوري طرح نڪري نه سگهيا هئا، پاڪستان ۽ انڊيا ۾ وڏي آدمشماري هجڻ ڪري ڪن ڪن ڳالهين جي غربت ضرور هئي پر اناج ۽ ميون ڀاڄين جي نه هئي. تڏهن ته اسان چانورن ۽ ڪڻڪ جا جهاز ڀري جرمني ۽ جپان جهڙن ملڪن ڏي وياسين ٿي. اسان وٽ غربت هئي پر ڪو انگ اگهاڙو نٿي هليو تڏهن ته ڪپهه، سوٽي ڌاڳي ۽ لٽي جي تاڪين سان جهاز ڀري لنڊن، لورپول ۽ هانگ ڪانگ وياسين ٿي. غريب هئاسين پر حيدرآباد، نواب شاه، هالا، ٽنڊوڄام جهڙن ننڍن شهرن ۾ به نه فقط تعليمي ادارا هئا پر تعليم جو معيار اعليٰ هو؛ تڏهن ته ايران، سعودي عرب، فلسطين، ملائشيا جا شاگرد اسان جي ملڪ ۾ آيا ٿي. ملڪ جي سالياني بجيٽ کڻي ايتري نه هئي پر ڪوشش ڪري پلاننگ اهڙي سٺي نموني سان ڪئي وئي ٿي جو ڪوريا جهڙا ملڪ پنهنجا ٽيڪنيڪل ماڻهو اسان جي ملڪ ڏي موڪليندا هئا ته هو اسان وٽان سکي وڃن. اسان جو ملڪ انڊسٽريلسٽ ناهي ته به ڪراچي ۽ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ايتريون ته فئڪٽريون هيون جو هرڪو روزگار کي لڳو پيو هو. گهر جي ڪم ڪارين ۽ ٻين Odd ڪمن لاءِ مشرقي پاڪستان، برما، افغانستان ويندي ملائشيا، انڊونيشيا ۽ ايران کان اتي جا ماڻهو اسان وٽ روزگار ڪمائڻ لاءِ آيا ٿي.
ملائيشيا، سنگاپور ۽ سري لنڪا جهڙا ملڪ، تعليمي ادارن توڙي ٽيڪنيڪل ڳالهين ۾ اسان کان گهڻو گهڻو پٺتي هئا. منهنجو جهازراني ۽ جهاز سازي سان واسطو آهي. رڳو ان فيلڊ کي ڏٺو وڃي ته اسان جي ملڪ ۾ جهاز راني جي تعليمي اداري ۽ شپنگ ڪمپني جي شروع ٿيڻ کان پوءِ ملائيشيا، سنگاپور ۽ سري لنڪا ۾، 15 کن سالن بعد، اهي ادارا شروع ٿيا. سي به اسان جي ماڻهن ذريعي شروع ڪيا ويا. جهڙوڪر ڪالهوڪو ڏينهن آهي جو انهن ملڪن جي جهازران ڪمپنين جي هيڊ آفيسن ۾ مئنيجنگ ڊائريڪٽر يا ٽيڪنيڪل ڊائريڪٽر ظفر زبيري، ڪئپٽن سئٽنا، ڪئپٽن سعيد، ڪئپٽن جلال اڪبر، چيف انجنيئر ابراهيم شريف، ڪئپٽن عمران انصاري...........۽ ٻيا پاڪستاني ويٺا هئا. ملائشيا جي مئرين اڪيڊمي مون سان گڏ منهنجن پاڪستاني ڪلاس ميٽن آصف غيور، درٻيلي جي احمد حسين مخدوم، ڪئپٽن عثمان، ڪئپٽن ايس ايم سليم جن 1982ع ۾ شروع ڪرائي نه ته ان کان اڳ ملائيشيا جا نوجوان ان فيلڊ ۾ تعليم حآصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان يا انڊيا ۾ ايندا هئا. اهڙي طرح سنگاپور ۽ ملائيشيا جي ايئر لائين آهي. 1982ع ۾ مون سان گڏ PIA جو هڪ انجنيئر يوسف شاهه ڪوالالمپور ويندڙ هوائي جهاز ۾ سفر ڪري رهيو هو. هن ٻڌايو ته ملائيشيا وارا MAS نالي ايئر لائنز کولي رهيا آهن ان لاءِ هن کي پڻ گهرايو اٿن. يوسف شاهه اڃان تائين اتي آهي.
هي سڀ ڪجهه 1980ع واري ڏهي جي شروعاتي سالن جون ڳالهيون آهن نه ته ان کان 20 سال کن اڳ ته هنن ملڪن جي حالت اڃان به اسان کان پٺتي هئي. منهنجي شادي 1971ع ۾ ٿي ان بعد منهنجي زال ۽ ٻار لڳاتار 1981ع تائين مختلف جهازن تي مون سان گڏ سفر ڪندا رهيا. مون کي هن وقت پنهنجي زال جا ٻه رمارڪ چڱي طرح ياد آهن جڏهن جهاز پينانگ (ملائيشيا) پهتو هو ته پينانگ جي ٻهراڙي واري علائقي بٽرورٿ ۾ ڪجهه ملئي فئملين جو پاڙو اوڙو ۽ گهر گهاٽ ڏسي چيو هئائين ته ”هي ويچارا ڪيترو ته Unhygenic حالتن ۾ رهن ٿا“. ۽ جوهور بارو پهچڻ تي منهنجي ملئي دوست جڏهن چيو ته هن جو پُٽ انٽرپاس ڪري ته منهنجي نظرداريءَ ۾ ميڊيڪل جي تعليم لاءِ LMC ڄامشورو موڪليانس جتي جو هڪ ڊينٽل سرجن (ڊاڪٽر رضا شيخ) هنن وٽ جوهوربارو ۾ نوڪري ڪري رهيو هو. ڊاڪٽر رضا منهنجو پيٽارو جو ڪلاس ميٽ آهي ۽ منهنجو ڳوٺائي ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ (جيڪو پوءِ مهراڻ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ٿيو) اهو اتي شاه عالم ڪاليج ۾ اليڪٽرونڪس جو پروفيسر هو ۽ مڪاني ملئي ماڻهو هنن مان بيحد متاثر هئا ۽ سندن ڪري اسان جي ملڪ جو به نالو ڳايو ويو ٿي.
انهن ڏينهن ۾ اسان جو جهاز ڏکڻ پاسي جپان تائين ويو ٿي. شادي بعد جڏهن پهريون دفعو ڏکڻ ڪوريا جي بندرگاه Pusan ، جنهن کي بوسان به سڏين، وياسين. اڄ اهو شهر امير، خوبصورت ۽ ٽوئرسٽن جي گهمڻ لاءِ ماڊرن ۽ پرڪشش ٿي پيو آهي، انهن ڏينهن ۾ غريب هڪ طرف هو ته گدلو ٻئي طرف، جو جپان جي بندرگاهه نگويا ۾ هفتو کن رهي جڏهن 6 ڪلاڪن جي سفرتي ڏکڻ ڪوريا جي بندرگاه پوسان ۾ پهتاسين ۽ شام جو شهر گهمڻ لاءِ نڪتاسين ته جتي ڪٿي رستن توڙي دڪانن ۽ هوٽلن ۾ گندگي ڏسي منهنجي زال کان به رڙ نڪري وئي. منهنجي زال ڪا لنڊن يا پئرس ۾ ڄائي نپني نه هئي. هوءَ دادوءَ جي هئي پر اها حقيقت آهي ته ان وقت 60 جي ڏهي ۾ دادو جو جڳت آباد، شاهاڻي پاڙو ويندي غريب آباد پاڙو ڏکڻ ڪوريا جي ڪيترين گهٽين کان صاف سٿرو هو. يعني دادو ۽ موري جهڙا شهر، منهنجو مطلب آهي تن ڏينهن وارا شهر، ڏکڻ ۽ اتر ڪوريا جي ڪيترن شهرن کان سهڻا، ماڊرن ۽ کاڌي پيتي جي شين ۾ امير هئا.
هڪ ٻي ڳالهه ته اسان پاڪستانين جي جنهن تنهن ملڪ ۾ عزت ڪئي وئي ٿي. اسان پڙهيل لکيل ۽ ماڻهپي وارا مڃيا وياسين ٿي. 1980ع تائين جپان، هانگ ڪانگ ۽ ڪوريا پاسي ۽ 1990ع تائين ملائيشيا، ٿائلينڊ ۽ انڊونيشيا پاسي، اسان انهن ملڪن جي هوائي اڏن تي پهچي پوءِ اتي پنهنجي پاسپورٽ تي ويزا جو ٺپو هڻايو ٿي. ڪنهن اهو نٿي پڇيو ته پاڻ سان گڏ رٽرن ٽڪيٽ به آندي اٿانوَ يا نه، توهان جي ملڪ ۾ توهان جي بئنڪ ۾ ڇا Balance آهي، يا سندن ملڪ ۾ گهمڻ لاءِ آيا آهيو يا نوڪريءَ لاءِ...........؟ سواءِ ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ، هلڪي ڦلڪي واردات جي ، پاڪستاني امن وارا ليکيا ويا ٿي، پورهيت سمجهيا ويا ٿي. ڪو ڊاڪٽري، سائنس يا انجنيئري جي ڊگري حاصل ڪري ولايت ۾ نوڪري لاءِ آيو هو ته هو پنهنجي پنهنجي فيلڊ ۾ ڀڙ هو. هي اهو دور ۽ زمانو هو جڏهن اڃان اسان وٽ ڪلاشنڪوف ڪلچر شروع نه ٿيو هو، خودڪش حملا ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ شروع نه ٿي هئي. سرڪاري ادارن ۽ بئنڪن ۾ ڌاڙا هڻڻ جو فئشن نه هو........ ۽ اڄ جو نوجوان سوچي نٿو سگهي ته هي يورپ جهڙا ملڪ ملائيشيا، سنگاپور، انڊونيشيا، ڪوريا ۽ هانگ ڪانگ اسان جي پاڪستان جي مقابلي ۾ ڪجهه به نه هئا. 1980ع ۾ ملائيشيا ۽ سنگاپور جي ڊالر جو قدر اسان جي چئن رپين برابر هو اڄ سنگاپور جو ڊالر اسان جي 50 رپين کان مٿي ٿي ويو آهي. سنگاپور، جتي اهڙو ته Crime هو جو اسان جو جهاز 1970 واري ڏهاڪي ۾ جڏهن ايندو هو ته اسان جي مڪاني آفيس وارا اسان کي ڏينهن ڏٺي جو به هيڏانهن هوڏانهن اڪيلو رلڻ کان منع ڪندا هئا. 1973ع جا مون وٽ فوٽا آهن جڏهن سنگاپور جي بسن تي اتي جي چئني قومي زبانن (چيني، تامل، ملئي ۽ انگريزيءَ) ۾ لکيل هوندو هو ته جيب ڪترن ۽ چورن کان خبردار رهو. 1975ع ۾ اسان جي ڏهن رپين ۾ 300 جپاني يين مليا ٿي. اڄ ڏهين رپئي ۾ فقط 12 يين ملن ٿا. مشرقي پاڪستان جو ٽڪو بنگلاديش ٿيڻ وقت به اسان جي اڌ رپئي برابر هو اڄ بنگلاديش جو اهو ٽڪو اسان جي سوا رپئي برابر ٿي ويو آهي.
سو هي سفرنامون ”بندر ديسان ديس“ ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر جي انهن ملڪن جو آهي جتي ٻي جنگ عظيم کان پوءِ ڪسمپرسي جي حالت ٿي وئي هئي، پر پوءِ لڳاتار محنت، تعليم، انصاف ۽ امن امان قائم رکڻ ڪري اهي ملڪ اڄ واري حالت ۾ اچي ويا آهن جن کي ڏسي اسان کي حسرت ۽ سڌ ٿي ٿئي ته ڪاش! اسان جو ملڪ ۽ اسين به اهو مقام ماڻي سگهون! جيتوڻيڪ پاڻي گهڻو وهي چڪو آهي پر اڄ به اسان نيڪ اصولن تي هلي پاڻ کي ان ليول تي آڻي سگهون ٿا جنهن تي ملائيشيا، ٿائلينڊ، جپان، ڪوريا ۽ انڊونيشيا جهڙا ملڪ پهچي اسان کي نيچ سمجهي رهيا آهن. هنن جي سياسي نيويگيٽرن سندن ملڪ جي جهاز کي رف سمنڊ مان ڪڍي ستڙ ۾ پهچايو آهي ۽ هيڏانهن اسان جي ملڪ جو جهاز ڄڻ بنا سڙهن ۽ سکان جي فقط هيڏانهن هوڏانهن بتال ٿي رهيو آهي. ٿي سگهي ٿو ڪو سٺو ڪئپٽن، ڪي سٺا Navigators ملي وڃن جيڪي اسان جي ملڪ جي جهاز کي سامونڊي ڪُنن ۽ واچوڙن مان ڪڍي، ڪنهن بهتر بندرگاهه ۾ لنگر انداز ڪرائي سگهن.
هن ڪتاب ”بندر ديسان ديس“ جو پهريون ڇاپو ”سنڌي اڪيڊمي“ وارن ڇپيو جنهن اداري جو بنياد رکڻ وارو هڪ نوجوان اسلم لغاري هو. هينئر ته هو مون وانگر پوڙهو ٿي ويو آهي ۽ گذريل ٽيهارو سالن کان ڪاوش اخبار وارن سان ڪم ڪري رهيو آهي. هتي آئون اهو ضرور چوندس ته هو هڪ باهمت ۽ گهڻن گڻن وارو انسان آهي. هن جيڪي حالتن سان مقابلا ڪيا ۽ محنت ڪئي ان جو شاهد آئون به آهيان. هو بنا پئسي ۽ بنا ڪنهن پڪي نوڪري جي 1970ع ڌاري ڪراچي ۾ آيو ۽ پنهنجي Survival لاءِ هن ڇپائيءَ جو ڪم اختيار ڪيو. ڇپيل رسالن يا ڪتابن جي مارڪيٽنگ لاءِ هن کي اڪيلي سر ڪراچي ۽ سڄي سنڌ ۾ ڊوڙڻو پيو. هن امداد حسيني ۽ حفيظ شيخ جا ڪتاب ”امداد آهي رول“ ۽ ”ساگر جي لهرن تي“ ڇپڻ جو ڪم شروع ڪيو. 1974ع ۾ منهنجو جهاز مهيني کن لاءِ ڪراچيءَ ۾ آيو ته هن مون کان منهنجو ڪو سفرنامو ڇپڻ لاءِ گهريو. مون وٽ ان وقت ٻه ٽي سفرناما مڪمل ٿيل هئا. مون هن کي ڏيندي چيو ته هڪ بدران سڀ وڃي ڇپاءِ پر مارڪيٽنگ جو به بندوبست اٿئي؟
”ان جو توهان فڪر نه ڪريو“؛ اسلم لغاريءَ چيو، ”مونکي ڇپائي ۽ مارڪيٽنگ جو تجربو آهي. مون کي پڪ آهي ته منهنجا ڇپايل ڪتاب ماڻهن کي پسند ايندا“.
منهنجو جهاز جڏهن ڪراچيءَ کان روانو ٿيو ته ڪجهه ڏينهن بعد سمنڊ تي مونکي خيال آيو ته آئون تڪڙ ڪري پنهنجي سڄي محنت هڪ نينگر حوالي ڪري آيو آهيان، سڀاڻي هن کان منهنجو لکيل مواد گم ٿي وڃي ته مون وٽ ته فوٽو ڪاپي به نه آهي. ۽ يڪا ٽي چار ڪتاب ڏيڻ بدران هڪ هڪ ڪري ڏيان ها. بهرحال جيڪي ٿيڻو هو سو ٿي ويو. جهاز ڪراچي اچڻ جو نالو نه پئي ورتو ۽ هڪ ٻه دفعو ڪراچي بندرگاه ۾ ڪجهه ڏينهن آيو ٿي ته جهاز جا ڪم ئي گهڻا هئا. بهرحال ڪجهه سالن بعد وڏي موڪل تي لهڻ تي مونکي اهو معلوم ڪري خوشي ٿي ته اسلم لغاريءَ نه فقط منهنجا سڀ ڪتاب ڇپايا پر ان وقت جي حساب سان تمام سٺا ڪري ڇپايا ۽ قيمت به تمام معمولي رکيائين.
اسلم لغاري واريون ساڳيون خاصيتون خيرپور جي قربان منگيءَ ۾ آهن. هو پاڻ به، نه فقط سٺو ليکڪ آهي پر هن جپان ۽ آمريڪا جا خوبصورت سفرناما پڻ لکيا آهن.
پڙهندڙن لاءِ هتي اهو به لکندو هلان ته هي سفرنامون بندر ديسان ديس مون نه فقط rewrite ڪيو آهي پر وڌايو پڻ آهي.
الطاف شيخ
1 ــ جولاءِ 2010ع
Email: altafshaikh2005@gmail.com
altafshaikh2004@yohoo.co.uk