تيل مان نقلي وار (Wig) ۽ عطر ٺهي ٿو
چين هن وقت اسان کي ائين لڳي ٿو ڄڻ وڏي شهر مان ڳوٺ آيا هجون. بلڪل ماٺ مٺوڙو ۽ هرشيءِ نج ۽ خالص نظر اچي ٿي. ڪيترن مهينن بعد فارمي ڪڪڙين بدران چين ۾ ديسي ڪڪڙيون کاڌيونسين. صبح جو ميس ۾ فورٿ انجنيئر باقر هر روز جي دستور موجب فراءِ بيضا واپس پئي ڪيا ته محمود ڄاڙي هنئي.
”اڄ بيضا واپس نه ڪر. سڄي عمر فارمي بيضا بنا نر ڪڪڙ وارا کاڌا اٿئي. هتي چين ۾ مائوءَ جو ڪڪڙ جيسين ڪڪڙ مٿان ٽپ نه ڏيندو آهي تيسين ڪڪڙ هرگز بيضو نه ڏيندي آهي.“
”تنهنجو مطلب آهي ته......“ باقر اکيون ڦونڊاريندي پڇيس، ”اسان جي ملڪ ۾ ڪڪڙيون Sex-Life ۾ دلچسپي نٿيون رکن.“
باقر جو موڊ آف ڏسي محمود ان ڳالهه جي پچر ڇڏي ٻيو قصو شروع ڪيو:
”هتي شنگهائيءَ ۾ پاڪستاني ڪافي آهن. P.I.A جي به ڪا رات فلائيٽ آئي آهي. فرينڊشپ اسٽور ۾ به ٻه ايئرهوسٽس نظر آيون هيون.“
”ڇا ڪري رهيون هيون؟“ ــــ ڪنهن پڇيو.
”اسان جي ملڪ جون ايئرهوسٽس، فلم ائڪٽريسون ۽ سياستدان ٻين ملڪن ۾ ايندا آهن ته ڇا ڪندا آهن؟ چرين وانگر ڪپڙن جا تاڪيا اچي خريد ڪندا آهن.“ محمود ٻڌايو.
”مون کي رڳو اهو نٿو سمجهه ۾ اچي،“ باقر پڇيو، ”ته P.I.A جي ايئرهوسٽس جا ڪپڙا ڪو پاڪستاني درزي نٿو سبي سگهي ڇا جو فرانس يا جرمني جي درزين وٽ پي.آئي.اي غير ملڪي ناڻو وڃائي ٿو.“
”توکي ته فقط اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي،“ محمود دانهن ڪندي چيو، ”اڙي آئون چوان ٿو ته مون کي ته ڪو اها ڳالهه سمجهائي ته ڇا P.I.A کي هنن کان وڌيڪ سهڻيون ڇوڪريون اسان جي ملڪ ۾ نظر نٿيون اچن ڇا، جو انهن کي کڻي ايئرهوسٽس بڻائي.“
”ڇو هي گهٽ آهن؟“ باقر سندس ڳالهه کي رد ڏيندي چيو.
”گهٽ ـــــ؟ باقر ڀائي! ڪهڙيون ٿو ڳالهيون ڪرين. هي جڏهن صبح کان کوپري جي تيل ۾ پائوڊر ملائي ان جو ليپ ڏيڻ شروع ڪن ٿيون تڏهن منجهند ڌاري مس مس وڃيو ايئر هوسٽس ٿين.“
پي.آئي.اي جي مَس مَس جان ڇٽي ته محمود جو عتاب يوگنڊا مان تازو آيل ايشين تي ڪريو، جيڪي پاڪستان ۾ اچي Settle ٿيا آهن.
”ياد اٿوَ، موزمبق، ممباسا يا آفريڪا جي ٻين بندرگاهن ۾ جنهن به دڪان تان ڪا شيءِ پڇون ته جواب ”نه“ مليو ٿي. کائڻ لاءِ ڪي سٺا بسڪيٽ به نٿي مليا. صفا جهڙي سڃ لڳي پئي هئي. پر اهي ساڳيا يوگنڊا مان تڙيل جڏهن پاڪستان آيا آهن ته اسان جي ملڪ ۾ سڀ ڪجهه هوندي به کين خراب لڳي ٿو ۽ وتن ڏهه ڏهه ويکون ڪڍندا. چي: ”هي ڪهڙو ملڪ پاڪستان آهي؟ هتي ته ڪئڍبري چاڪليٽ به نه ٿو ملي. هتي ته ڪرافٽ جو چيز به نٿو ملي.“ اڙي لخ....... هجناوَ اسان جي ملڪ مان وڏيون ڪڍڻ وارا ۽ جتان آيا آهيو اتي جون ڪوڙيون ڳالهيون ٻڌائڻ وارا.“
۽ پوءِ محمود تيسين گلا ۽ ڊيوٽي ميس جي جان نه ڇڏيندو آهي جيسين سيڪنڊ يا چيف انجنيئر دانهن ڪري اچي سڏيس ”اڙي محمود! انجڻ روم ۾ ڪونه هلڻو اٿئي ڇا؟ جتي ٿو ويهين اتي پاڙون وڃيو هڻين. اٿ.“
پوءِ محمود جپانين وانگر جهڪي چوندو: ”سائين حاضر، غلام آهيون، خادم آهيون.“ ۽ پوءِ آهستي چوندو: ”حڪم ڪريو ته ماني به انجڻ روم ۾ کائون ۽ سمهون به انجڻ روم ۾؟“
هونءَ ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ دڪانن تان ڪابه شيءِ وٺبي هئي ته ان سان گڏ خوبصورت پلاسٽڪ جي ٿيلهي (شاپر) به ملندي هئي. ڪيترا دڪاندار گهڻي خريداريءَ تي هڪ کان وڌيڪ ٿيلهيون به ڏئي ڇڏيندا هئا. پر هاڻ عربن تيل ڇا مهانگو ڪيو آهي پلاسٽڪ جون ٿيلهيون به غائب ٿي ويون آهن! ڪيتري به خريداري ڪر ته سامان پني ۾ ويڙهي ڏين ٿا. جي ٿيلهي ڏين به ٿا ته عام پني جي. پلاسٽڪ جي ٿيلهي گهرڻ تي چار رپيا الڳ چارج ڪن ٿا. هانگ ڪانگ، سنگاپور ته ٺهيو پر هاڻ جپان ۾ به پلاسٽڪ جون ٿيلهيون ڏيندي ڪنجوسي ڪن ٿا.
ڪيترن کي شايد پلاسٽڪ جي تيل سان رشتي جي خبر نه هجي. زمين مان نڪتل ڪچو تيل جڏهن گرم ڪيو وڃي ٿو ته آڪٽين، پيٽرول، گاسليٽ ۽ ڊيزل تيل جهڙيون شيون هڪ ٻئي پٺيان گئس جي صورت ۾ نڪري اچن ٿيون. باقي بچيل ڳري مال کي به مختلف طريقن سان جدا ڪري سگهجي ٿو. انهن ۾ هڪ ڪيميڪل ايٿلين (Ethylene) به آهي. اهو ڪاربن ڪمپائونڊ جو آسان ۽ سولو ڪيميڪل آهي، جنهن ۾ فقط ٻه ڪاربن جا ائٽم ۽ چار هئڊروجن جا ائٽم (C2H4) آهن.
سڀ کان ننڍا جزا ايٿلين جا مونومرس سڏجن ٿا. فئڪٽريءَ ۾ گرميءَ ۽ دٻاءَ هيٺ مونومر کي پوليمر ۾ تبديل ڪيو وڃي ٿو. ۽ اهو پوليمر دراصل پلاسٽڪ ئي آهي. (پوليمر ۾ مونومر وانگر ٻه ڪاربن ائٽم نه، پر هزارين ڪاربن ائٽم ٿين.)
ٻين لفظن ۾ ايٿلين کي پولي ايٿلين ۾ تبديل ڪيو وڃي ٿو. ان ڪري پلاسٽڪ جي ٿيلهين کي ڪڏهن ڪڏهن عام زبان ۾ پوليٿلين بئگ به سڏجي ٿو.
تيل مان ٻيون به سوين شيون ٺهن ٿيون. ويندي عطر، نيلان، ٽيٽران، ٽيريلن وغيره جو ڪپڙو، ڌاڳو، رسا، فارميڪا وغيره جا ڪٻٽ، ميزون، پلاسٽڪ جا رانديڪا، رنگ، نقلي وار (Wig)، اليڪٽرڪ جو سامان، تارن مٿان رٻڙ Insulation وغيره ٺهن. ڪنهن جپاني، آمريڪن يا ڪنهن ٻي ترقي يافته ملڪ جي ماڻهوءَ جو گهر ڏسبو ته ان ۾ اڌ کان وڌيڪ سامان، تيل سان سڌي يا اڻ سڌي طرح واسطو رکندڙ هوندو. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته تيل جي مهانگي ٿيڻ ڪري ڪيترين شين جا اگهه چڙهي ويا آهن. ۽ ههڙن ترقي يافته ملڪن جي حالت ته ويتر خراب ٿيڻ لازمي ڳالهه آهي.