جپانين جي ”ها“ جو مطلب ”ها“ نه آهي
نئون ماڻهو جپان ۾ اچي جيڪر پهريون لفظ جپانين کان گهڻو ٻڌي ٿو سو آهي ”انوني“. ٽي ــ وي، ريڊيو تي يا روبرو ڳالهه ڪندي، جپاني جتي به ٿورو اٽڪندو ته ”انو انو“ ڪندو رهندو. جيئن اسان چوندا آهيون: ”سو مون ٿي ڳالهه ڪئي“، ”الله توکي نيڪي ڏئي.“ وغيره يا انگريزيءَ ۾ “You See” جو ڪي ڪي ماڻهو دور ڪندا آهن. پر جپانين جو ان سلسلي ۾ ڪا قوم يا ملڪ مقابلو نه ڪري سگهندو.
هڪ ٻن جپاني دوستن کي ته صاف صاف چئي ڇڏيندو آهيان ته يار پاڻ کان اهو توهان وارو لکنوي تڪلف بلڪل نٿو پڄي، سو دل ۾ نه ڪجو. بس آخري ڏينهن يڪو ڪلاڪ ٻه ”سمي ماسين“ ۽ ”دومو اريگاتو گوزائي ماشتا“ ۽ ”دو اتاشي ماشتا“ جو لڳاتار دور ڪري موڪلائي ويندس.
بهرحال جپاني ماڻهو ڌارين کان ان جي اميد هرگز نٿا رکن پر وري به اخلاقي طرح جيترو ٿي سگهي ته اهي جملا هنن وانگر ورجائيندا رهجن ۽ ملڻ ۽ موڪلڻ وقت هنن وانگر ذري ذري جهڪي ”ڪونيچيوا“ يا ”سايونارا“ چئجي.
پهرين دفعي جپان اچڻ سان جپاني زبان سکڻ جو پهه ڪيم ۽ نڪ جو پڪو ٿي غلط سلط ڳالهائڻ به شروع ڪري ڏنم. جيتوڻيڪ ڪيترن همٿ افزائي ڪئي ۽ ڪيترن شڪي ۽ بور به ڪيو پر آئون ڳالهائيندو رهيس. مثال طور، هڪ دوست جو گهر نٿي مليو سو ان گهٽيءَ ۾ ڦرندو رهيس. آخر هڪ همراه منهنجي مدد ڪئي ۽ ائڊريس وٺي ان گهٽيءَ جي هر گهر جي در وٽ يا اندر ورانڊي وٽ بيهي ”گومي ڪدا سائي“ چيو ٿي. مون يڪدم اهو لفظ ياد ڪري ڇڏيو ۽ اندازو لڳايو ته ان جي معنيٰ ”معاف ڪجو“ يا ”سائين ذرا ٻُڌو“ آهي. پر دراصل اهو لفظ فقط تڏهن استعمال ڪري سگهجي ٿو جڏهن ڪنهن جي گهر يا دڪان تي ڪير نه هجي ۽ مالڪ کي سڏ ڪجي. سو مزو تڏهن آيو جڏهن مون ريلوي اسٽيشن تي هڪ همراهه جلدي ۾ بئگ گاڏي ۾ وساري ٿي لٿو ته مون ”گومين ڪداسائي“ چئي کيس بئگ لاءِ ياد ڏياريو. تنهن تي ٻي همراه مون کي ٻڌايو ته اهڙي موقعي تي ”گومين ڪداسائي“ بدران ”سمي ماسين“ چوڻ گهرجي.
يا شروع جي ڏينهن ۾ هڪ دفعي نارا شهر ويندي گاڏيءَ جي پڪ ڪرڻ لاءِ جلدي ۾ هڪ همراه کان پڇيم:
”ڊوچيرا ڊينشاوا نارا اِڪي ماسوڪا“
پر منهنجي ڳالهائڻ جو شايد لهجو جپاني نه هو، جو اڳلي پريشان ٿي وراڻيو:
”انگلش گا وڪاري ماسين“ (انگريزي مون کي نٿي اچي).
دل ۾ چيم، منهنجي سڄي جپانيءَ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيئي. ڪيڏي محنت کان پوءِ ته جپاني جملو ٺاهي پڇيم.
بهرحال جپاني اهڙا آهن ڪونه. ڪجهه به پڇبن ته ضرور ٻڌائيندا. صحيح رستي يا جڳهه جي خبر نه هوندن ته به گهڻو ڪري انڪار نه ڪندا. ڪنهن غلط رستي ڏي به اشارو ڪري ڇڏيندا.
جپاني زبان لکڻ ڏکي آهي پر ڳالهائڻ ۾ سولي آهي. خاص ڪري اسان لاءِ ته انگريزيءَ کان سولي آهي. جو سندس گرامر انگريزيءَ وانگر اونڌو ناهي، پر اسان جي زبان جيان آهي. مثال طور: ”هي ڇا آهي“ جي انگريزي ”واٽ از دس“ ٿيندي پر لفظي معنيٰ مطابق ”دس واٽ از“ آهي جپاني جملي جي جوڙجڪ هوبهو سنڌي، اڙدو، پنجابي مثل رهندي. ۽ ”هي ڇا آهي“ جو جپاني ۾ ترجمو ”ڪوريوا نان ڊيسڪا“ ئي ٿيندو. جنهن ۾ ڪوريوا معنيٰ ”هي“، نان معنيٰ ”ڇا“ ۽ ڊيسڪا معنيٰ”آهي؟“
جپاني سکڻ جو بهترين طريقو جيڪو مون کي لڳو ۽ جنهن لاءِ شروع ۾ هتي جي رهاڪن اشفاق ميمڻ ۽ ظفر شيخ پڻ صلاح ڏني، اهو هي آهي ته ڇوٽ ۾ پنج ــ ڇهه سو جپاني لفظ ياد ڪري وٺجن. پوءِ گهٽ ۾ گهٽ روزمره جي ضروري ڳالهين جا جملا انهن مان ئي ٺهي سگهندا. ان کان علاوه جپان ۾ انيڪ اهڙا لفظ آهن جي انگريزي لفظن کي مروڙي ٺاهيا ويا آهن جيڪي ياد ڪرڻ اڃان به سولا آهن. مثال طور: کير (Milk) کي ”مريڪو“ چون، هوٽل کي ”هوتيرو“، بيئر کي ”بيرو“، تيل (Oil) کي ”آئيرو“، رس کي ”جُوسو“، ڪيڪ کي ”ڪيڪي“ وغيره. جپانيءَ ۾ ”لام“ اکر ناهي ان ڪري لام بدران ”ري“ استعمال ٿئي. ۽ هراکر بعد Vowel جو هجڻ به ضروري آهي. ان ڪري مون جهڙن جا نالا ان لپيٽ ۾ اچي ”الطاف“ مان ”آري تافو“ ٿيو وڃن. جپانيءَ ۾ ”ٿ“ اکر به نه آهي ان ڪري جپاني ٿئنڪ يو بدران ”سئنڪ يو“ يا ”شئنڪ يو“ چون. ۽ چيني زبان ۾ شايد ري ڪونهي تڏهن سنگاپور يا هانگ ڪانگ جي هوٽل ۾ رهڻ وقت هوٽل جو مئنيجر ”لوم نمبر“ ٻڌائيندو آهي ۽ بئاءِ لوم کولي چوندو آهي: ”آئي ايم يور لوم بئاءِ.“
جپاني ڳالهه ڳالهه ۾ ”آنو“، اريگاتو ۽ ”سمي ماسين“ بعد ٻئي نمبر تي ”سوديسڪا“ ۽ ”سو ديس ني“ جملا گهڻو استعمال ڪن ٿا. مثال طور: ڪا ڳالهه ٻڌائين ته يڪدم ڪندا ”سوديسڪا“ معنيٰ ”ڇا ائين آهي.“ نئون ماڻهو ته ماڳهين ڪاوڙجي پئي ته ڇا منهنجي ڳالهه تي اعتبار نه اٿن ڇا. يا شڪ ٿا ڪن ڇا. پر اهو هڪ قسم جو دستور، عادت يا هنن جو تڪيو ڪلام سمجهڻ کپي. ۽ ان جي ورنديءَ ۾ ”سو ديس ني“ (ها ائين آهي) چوندو رهجي. يا ٻي به ڪا ڳالهه ڪبي يا پڇبي ته جيسين جواب ڏين يا ان بابت سوچين تيسين اها ڳالهه پاڻ ئي دهرائي پڇندا.
مثال طور: ڪنهن کان پڇبو ”ايما ناني جي ڊيسڪا“ (هينئر وقت ڇا ٿيو آهي؟) ته جيسين واچ ۾ ڏسي تيسين ماڳهين هو پڇندو ”ايما ڊيسڪا.“ (ڇا هينئر؟) هاڻ ان مان ڪو اهو مطلب ناهي ته هو ڪو اسان سان چرچو ٿو ڪرڻ چاهي يا پاڻ بيوقوف آهي ۽ سمجهي نٿو. اسان هينئر جو وقت پيا پڇون يا ڪالهه جو. پر بس ائين جپانين جي اها عادت آهي ۽ ان لاءِ بهتر جواب ”سو ديس ني“ آهي.
هڪ ٻي ڳالهه جپانين ۽ جپاني زبان بابت، مثال طور: مينهن ڪونه پيو پوي. ۽ ڪو ٻاهران اچي ٿو ۽ ان کان پڇبو ”ڇا مينهن پوي پيو؟“ ته جواب ۾ نه چوندو جيئن اسان وٽ پڻ اهڙي جملي جو جواب نه ۾ ئي ٿيندو. پر جي مٿئين جملي بدران ساڳي ڳالهه هن ريت پڇبي: ”مينهن ته ڪونه پيو پوي؟“ ته جپاني ٺهه پهه جواب ڏيندو ”ها“ پر ان ”ها“ جو مطلب اهو ناهي ته مينهن پيو پوي پر ”ها“ معنيٰ اهو جملو جيڪو توهان ڳالهايو صحيح آهي. يعني مينهن ڪونه پيو پوي. اسان جو مطلب ٻين زبانن ۾ سبجيڪٽ سان رهندو آهي پر جپانين جو سڄي جملي سان. جپان ۾ نون ايندڙن کي ان بابت سخت مونجهارو درپيش ايندو آحي، چاهي کانئن جپاني ۾ پڇجي يا انگريزيءَ ۾. ان سلسلي جو هڪ ٻيو مثال: ڪو ڪتاب دڪاندار وٽ ناهي ۽ خريدار اچيو ٿو پڇي: ”ڇا هي ڪتاب توهان وٽ ناهي“ ته جپاني دڪاندار جواب ۾ چوندس ”ها“ معنيٰ تنهنجو اهو جملو صحيح آهي ته ڪتاب اسان وٽ ناهي. پر ڌاريون ماڻهو ”ها“ ٻڌي ان غلط فهمي ۾ پئجي ويندو ته شايد دڪاندار ڪتاب لاءِ ”ها“ ڪئي آهي ته اهو هن وٽ آهي.