اسان جي ملڪ جي خلاصين جو حال!
اتر ڪوريا ۾ اميگريشن ۽ ڪسٽمس وغيره جو به وڏو چڪر آهي. انهن ٻڪرين کي آڻڻ لاءِ ڏهن هنڌن تان ته اجازت ناما وٺڻا پيا. ڪٿي داخلا پاس ٺهي، ڪٿي ڪسٽم ڊيوٽي ڏيڻي پئي، ڪٿي هيلٿ سرٽيفڪيٽ ٺهيا. ڄڻ ٻڪريون نه هجن پر ماڻهو هجن جيڪي ڪجهه غلط قسم جو سامان هڪ ملڪ مان ٻئي ۾ سمگل ڪري پيا اچن. آخر اهي پهاڙي ٻڪريون اچي جهاز تي چڙهيون. ڪئپٽن به خوش ٿيو ته خلاصين جو ضد پورو ٿيو ۽ هاڻ باقي سفر سڪون سان گذرندو. سڀ ٻڪرين کي ڏسڻ لڳا. ايتري ۾ ڇا ٿيو جو هڪ ٻڪريءَ کڻي پيشاب ڪيو ۽ ٻيون ٻڪريون شايد ڪي اڃ ۾ ساڻيون ٿي جهاز تي پهتيون هيون، سي سڀ جهاز جي لوهي ڊيڪ تي ٿيل اهو پيشاب چٽڻ لڳيون. سائين بس پوءِ ته خلاصين کڻي هنگامو مچايو، چي اهي پليت ٻڪريون آهن. اسان ڪو انهن ڪميونسٽن جون ٻڪريون کائينداسين ڇا؟! ان کان ته بک مرڻ بهتر آهي. کين ڪيڏو سمجهايو ويو ته بابا پنهنجيون ديسي ڪڪڙيون جو سڄو ڏينهن نالين مان گونهه ڪڍي پيون کائين پوءِ اهي پاڪستان ۾ آهن ان ڪري مسلمان ڪڪڙيون ٿيون ۽ هي ڪميونسٽ ان ڪري جو اتر ڪوريا ۾ آهن!؟
جهازن تي هڪ ڊيڪ ٽوپس (ڀنگي) ۽ هڪ سئلون ٽوپس ٿئي. ڊيڪ ٽوپس جو ڪم خلاصين جا باٿ روم صاف ڪرڻ، ڊيڪ ٻهارڻ ۽ خلاصين جا ٿانوَ ڌوئڻ آهي ۽ سئلون ٽوپس جو ڪم آفيسرن جا باٿ روم صاف ڪرڻ، آفيسرن جو کاڌو هيٺان گئلي (بورچيخاني) کان مٿي ميس تائين پهچائڻ ۽ ٿانوَ ڌوئڻ آهي. ٽئاليٽ وغيره سڀ فلئش سسٽم وارا ماڊرن قسم جا آهن جي خودبخود صاف رهن. ڀنگيءَ جو ڪم فقط انهن ۾ وقت بوقت Toilet Papers ۽ ايئر ڪلينر رکڻ هوندو آهي.
جهاز تي ٽوپس غيرمسلم (گهڻو ڪري ڪرسچن) رکيا وڃن ٿا. ڊيڪ ٽوپس کان پوءِ پروموشن تي اهو سئلون ٽوپس ٿئي. ان بعد جي ــ ايس (General Servant) ۽ پوءِ پئنٽري مئن ٿئي. ڪي ڪي ڪرسچن سڌا جي ايس ۽ پئنٽري مئن به ٿين.
هڪ دفعي هڪ جهاز تي ڪئبنن جي گهٽ وڌ هئڻ ڪري سئلون ٽوپس کي ڪنهن خلاصي يا آگ واري سان رهڻو ٿي پيو، جن جون ڊبل بيڊ ڪئبنون ٿين يعني هڪ بسترو هيٺ ٿئي ته ٻيو مٿي جنهن لاءِ ننڍي ڏاڪڻ پڻ ٿئي. پر سئلون ٽوپس کي جنهن ڪئبن ۾ کڻي موڪل ته ان ۾ رهندڙ خلاصي چوي. ”ٽوپس کي ڪو آئون ڪئبن ۾ رکندس ڇا، آئون مسلمان آهيان.“
کين چيف آفيسر گهڻو ئي سمجهائي ته بابا هو به ته انسان آهي ۽ وڏي ڳالهه ته اهلِ ڪتاب آهي. ڪرسچن آهي ڪافر ته نه آهي. ۽ هي جو توهان بئنڪاڪ ۾ ڏهه ڏينهن، اتي جون ٻڌ ۽ هندو ڇوڪريون هڪ ئي بستر تي سمهاريندا هئائو تڏهن توهان کي غيرت ڪانه ٿي آئي ۽ توهان جي مسلماني به خطري ۾ نٿي پئي. هاڻي سئلون ٽوپس جنهن جي هٿن جي ماني ٿا کائو، تنهن کي ڪمري ۾ نٿا رهايو، سو به هو پنهنجي بستري تي سمهندو توهان جي ڀر ۾ ته نه سمهندو.
سو اهي آهن ڪن ڪن جهازن تي ڪن خلاصين جا حال!
جهاز سڄو کنڊ سان ڀريل بئنڪاڪ کان سنگ تائو (چين) پهتو ته هن بندرگاه جا چيني مزور ماڪوڙين وانگر ورائي ويس. اها کنڊ جيڪا بئنڪاڪ ۾ ٿائي مزدورن کي جهاز ڀرڻ ۾ پندرهن ڏينهن لڳا (۽ ڪراچي ۾ ان ڪم لاءِ ويهه ڏينهن جيڪر لڳن) تنهن کي چيني ماڻهو ٽن ڏينهن ۾ ڄڻ چٽي ويا. نه فقط ڳوڻيون لاهي جهاز خالي ڪري ڇڏيائون، پر ڪريل داڻا به ٻهاريءَ سان ميڙي جهاز جي هئچز (گدامن) ۽ ڊيڪ کي ائين چمڪائي ڇڏيائون، ڄڻ هن کي ڌوتو ويو هجي. جيئن ڪو بکايل ٻار پليٽ به چٽي صاف ڪري ڇڏي.
چيف آفيسر کي چيم ته، ”جنهن ملڪ جي ههڙي محنتي قوم هجي ان کي نڪو ڊپ نڪو ڊاءُ. هتي ته Port Congestion يا هر شيءِ تي جهاز جي Delay ڪري پندرهن سيڪڙو چارج قسم جون شيون ٿينديون ئي نه هونديون. هڪ اسان جو ملڪ آهي جتي پڻ ايترائي مزور هڪ هڪ جهاز تي ڏينهن رات ڪم ڪن ٿا پر هتي (چين) جي ڳالهه ئي نرالي آهي.“
”هتي ڇو نه جهٽ ٿيندو ـــ“ چيف آفيسر چيو، ”جو هي مائوءَ جا مريد هڪ دفعو فالڪن (گدامن) ۾ لهن ٿا ته بس ايمانداري سان ڳوڻيون ئي ڍوئيندا رهن ٿا. کين اسان جي مزورن وانگر نه ذري ذري چانهه جو بهانو آهي ۽ نه پاڻي پيئن جو. نه پيشاب جو چڪر نه سگريٽ ٻيڙيءَ جي ٻاڙ. نه چوريءَ جي چوس ۽ نه سامان جي ڀڃ ڀور ڪرڻ جي عادت.“