چين جي مارڪيٽن ۾ ڀولڙي جو ميڄالو
اڄ سئم ڪانگ جي Sea mens Club ۾ ماني کائڻ لاءِ وياسين. دير ٿي وڃڻ ڪري کاڌو ختم ٿي چڪو هو. مختلف ٽيبلن تي ڪيترن ٻين جهازن جا ماڻهو پڻ ويٺا هئا. اتي هڪ فارين جهاز تي ڪم ڪندڙ پاڪستاني ڪسب نشي ۾ ٽٻ اسان جي ٽيبل تي اچي ويٺو ۽ کاڌي جو آرڊر ڪرڻ لڳو، پنهنجي لاءِ به ۽ اسان لاءِ به. اسان چپ رهياسين. هاڻ نشي واري ماڻهوءَ سان ڪهڙو ويهي بحث ڪريون. هن جو زور ته ماني کائڻ کان پوءِ متان پئسا ڏنا اٿانوَ. آئون اڳواٽ ڪائونٽر تي توهان جا به ڏئي آيو آهيان. حقيقت اها هئي جو هوٽل ۾ ماني ئي ختم ٿي چڪي هئي. نيٺ پيار محبت سان سمجهائي منجهانئس جان ڇڏائيسين.
ٻين جهازن وانگر اسان جو جهاز به ائنڪر تي بيٺو هو. سڀني جهازن لاءِ هڪ ئي لانچ هئي. مختلف ملڪن جي جهازن جا، مختلف قومن جا خلاصي اچي گڏ ٿيا هئا، اڌ کان وڌيڪ ته گهڻي پيئڻ جي ڪري آئوٽ هئا. خاص ڪري اسان جي اوسي پاسي ۾ ويٺلن ته زور زور سان ڳالهائي مٿو ئي کائي ڇڏيو. ويتر جو لانچ هلي ۽ ٿڌي هير لڳي ته همراه هٿن مان نڪري ويا.
هڪ آمريڪن جهازيءَ فلپينو جهازيءَ کي “Homo” چيو. تنهن تي فلپيني جوان ڪاوڙ ۾ اچي چوڻ لڳس:
”ديئر از نو هومو ان ايسٽ.“ ۽ ماڳهين هٿين ٿي پيا ته ٽئين کين ماٺ ڪرائي اعلان ڪيو:
”توهان هاڻ فرئنڪ سناترا کي ملاحظه فرمايو.“ ۽ پوءِ ملئي زبان ۾ غلط سلط گانا ڳائڻ لڳو ته ماٺ ڪرائڻ محال ٿي پيو. تنهن تي پهرين گار ڏئي چيو:
”اسان کي ماٺ ڪرائي پاڻ ڳائڻ جي هڪ هٽي لڳائي اٿس.“
هڪ همراه ڪاوڙ مان منهنجي ڀر ۾ ويٺل اسان جي ڪئپٽن کان پڇيو:
“Are you Muslim?”
ڪئپٽن گهٻرائجي ويو جو تيل بند ٿيڻ ڪري هرڪو عربن ۽ مسلمانن تي ڦوڪيو پئي هليو. ڪئپٽن ڪو جواب نه ڏنو.
”واٽ از يوئر نيم؟“ هن وري ساڳي ڪاوڙ مان ڪئپٽن کان سندس نالو پڇيو.
ڪئپٽن ”خان“ چئي جان ٿي ڇڏائي ته هن دانهن ڪري چيو:
“What “Khan”-? There must be some name like, I am Yakoob Ahmed Khan I am also Muslim like you, from Indonesia. Have a drink.”
۽ پوءِ بيئر جو دٻو کولي ڪئپٽن کي ڏنو ۽ پنهنجا پيلا، هيڊ جهڙا ڏند ڪڍي ٻَڌا ٽهڪ ڏيڻ لڳو.
چين ۾ ٻين ملڪن جهڙيون نه سئنيمائون ۽ هوٽلون آهن، نه وري جوا خانا. آخر اسان جي جهازين پاڻ وندرائڻ لاءِ، بقول محمود فرج انجنيئر جي ”پاڪ قسم جي تفريح“ ڳولي لڌي. شام جو روز ڪٻڊي ۽ والي بال جون مئچون هلڻ لڳيون. سچ ته ان والي بال ۽ ڪٻڊي مان ايڏو مزو آيو ٿي جو هانگ ڪانگ ۽ جپان جي مختلف ڪلبن ۾ به نه اچي.
چين ۾ عورت دنيا جي سڀني عورتن کان وڌيڪ محنتي آهي ۽ ساڳي وقت سندس عزت به ڏاڍي ڪئي وڃي ٿي. چين ۾ عورت به ايترو ئي بي ڊپو ٿي ڏينهن توڙي رات جو اڪيلو هلي سگهي ٿي جيترو مرد ماڻهو. عورت سان هٿ چراند جي سزا اها آهي ته شهر جي ڊگهي ٿنڀي تي ان مرد جو گردن ڪٽي لڙڪايو وڃي ٿو، چاهي اهو چيني هجي يا فارينر. نتيجي ۾ اسان جا خلاصي ته ڇا پر فارين جهازن جا جهازي به مجال آهي جو ڪنهن ڇوڪريءَ ڏي خراب نظر وجهن. خراب ته ڇا گهڻن ته سٺي نظر وجهڻ کان به پرهيز ڪري ڇڏي.
جهاز جو عملو چين ۾ هميشه چوندو آهي ته چين ئي هڪ اهڙو ملڪ آهي جتي انسان جو بدڪاري ڏي ڌيان نٿو وڃي. ظاهر آهي سڄو ڏينهن ڪا بڇڙائي ڏسبي نه سوچبي ته بدڪاري ڏي ڌيان ڪيئن ويندو. بلڪ چين ۾ اسان جو انهن علامتي باندرن وارو حال رهي ٿو جيڪو براين کان بچڻ لاءِ ڪن، اکيون ۽ وات بند ڪيو ويٺا آهن.
سڄي دنيا کي حيراني آهي ته مائوزي تُنگ هي پنهنجي ملڪ ۾ ڪهڙو انقلاب آندو آهي جو هرڪو ماڻهو پورهئي ۾ جوٽيو پيو آهي. سڄي ملڪ ۾ هڪ غير رنگينيءَ جو عالم آهي. مرد توڙي عورتون، جوان ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون بلو رنگ جي کدڙ جهڙي غير فئشني ڊريس ۾ پيا هلن. فقط سخت سيءَ ۾ ڪن ڇوڪرين جا ڳل ڳاڙها نظر اچن ٿا نه ته نه سندن چپن تي سرخي آهي ۽ نه چوچين اکين ۾ ڪجل آهي. کنڊ، اٽي، چانورن جو هڪ ئي دڪان آهي جنهن اڳيان خريداريءَ لاءِ قطارون ٺاهي بيهڻو پوي ٿو. جهازن تي ايندڙ اسان ڌارين ملڪن جي ماڻهن لاءِ چين جي هر بندرگاه ۾، بندرگاه ڀرسان فرينڊشپ اسٽور نالي هڪ وڏو دڪان آهي جتان اسين دوستن ۽ مٽن مائٽن لاءِ چيني شنگهائي جو ڪپڙو، اليڪٽرڪ جو سامان ۽ تحفا خريد ڪريون ٿا. ان فرينڊشپ اسٽور ۾ هڪ ريسٽورينٽ به ٿئي جتي ماني ٽڪي به کائي سگهجي ٿي. جيتوڻيڪ شين جو تعداد ۽ ورائٽي محدود آهي پر اهو آهي ته هرشيءِ سستي ملي ٿي.
اسان کي بندرگاه کان ٻاهر هڪ حد تائين نڪرڻ جي اجازت هوندي آهي پر شهر جي مارڪيٽن ۽ گهٽين ۾ وڃڻ کان منع ٿيل آهي پر هاڻ چين جي هنن بندرگاهن ۾ ٻه ٽي دفعا اچڻ ڪري ڪجهه بي ڊپا ٿي پيا آهيون ۽ شهر جي مارڪيٽن ۽ گهٽين ۾ به چڪر پيا هڻندا آهيون. شهر جي پوليس اها سڃاڻپ هوندي به ته اسين ڌاريا آهيون، اسان کي روڪڻ بدران پنهنجيون اکيون ٻوٽيون ڇڏي ۽ اسان کي چينين جون ڪي ڪي شيون ڏسي حيرت لڳي ٿي. مثال طور هڪ ڏينهن هن شهر جي مارڪيٽ ۾ وڃون ته ڪڪڙين، بدڪن ۽ سوئرن جي گوشت کان علاوه ڀولڙي جو گوشت ۽ جيئري ڀولڙي جو ميڄالو ڪڍي، وڪامندي نظر آيو.
ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ چيني عوام ۽ حڪومت اسان پاڪستانين جو تمام گهڻو خيال ڪري ٿي ۽ جهاز جي اچڻ سان شهر جي ميونسپل وارا اسان سڀني آفيسرن ۽ خلاصين جي دعوت ڪن ٿا ۽ ساڳي وقت اسان به ايندي ويندي ۽ بندرگاه ڇڏڻ کان هڪ ڏينهن اڳ سندن دعوت ڪيون ٿا جنهن ۾ ان بندرگاه جو اعليٰ عملدار ۽ مزور ساڳي بلو يونيفارم ۾ اچن ٿا. اسان به هنن کي ڏيکارڻ لاءِ ته توهان اهو سٺو ڪم ٿا ڪريو. يعني توهان جو سوسائٽيءَ ۾ درجا بندي ناهي، جنهن کي اسان به پسند ڪريون ٿا، هن دعوت ۾ خلاصين کي به آفيسرن سان گڏ وهاريون ٿا. چينين جو چوڻ آهي ته ”اسان ڏهه ٻارهن سال ڪڍي ورتا آهن ۽ اهڙا ڏهه ٻارهن سال ٻيا به محنت ۽ پورهيو ڪيوسين ته عنقريب اسان جو ملڪ دنيا جي طاقتور ملڪن مان هڪ ٿي ويندو.“ چيني ماڻهو آمريڪا کي ڏاڍيون گاريون ٿا ڏين جو آمريڪا تائيوان کي ته تسليم ڪري ٿي پر چين کي نٿي ڪري. هتي جا چيني مائوزي تنگ کي پنهنجو عظيم ليڊر مڃين ٿا ۽ مائوزي تنگ جو اهو قول ڪيترن ئي هنڌن تي لکيل آهي ته آمريڪا پيپر ٽائيگر آهي يعني ڪاغذي شير آهي. چيني ماڻهن کي پڪ آهي ته ”هڪ ڏينهن اسان جڏهن مڪمل طرح طاقت بڻجي وينداسين ته آمريڪا اچي اسان جي قدمن تي پوندو ۽ هو اسان کي تسليم ڪرڻ لاءِ پاڻ هلي ايندو.“
چين جي حڪومت ۽ عوام اسان جي ملڪ پاڪستان کي سٺو دوست سمجهن ٿا. هنن کي ان ڳالهه جو بيحد ڏک آهي ته اسان جي ليڊرن جي غلطين ڪري اسان جو ملڪ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو. جتي آمريڪا رڳو ڳالهيون ڪري ٿو اتي چين پاڪستان جي مالي، فني ۽ مليٽري اسلحي ۾ مدد ڪري ٿو....
شل پاڪستان کي دوست سڃاڻڻ جي سگهه نصيب ٿئي ۽ دوست ملڪن جي اميدن تي پورو ثابت ٿئي.