پنج سورهو پنجاسي
سنگاپور بندرگاهه جي ڪياماڙي جهڙي جيڪا ”ڪلفرڊ پيئر“ نالي جيٽي ٺهي آهي ان تي جيڪي ڏهاڪو کن دڪان کليا آهن انهن ۾ حيدرآباد جي سنڌي هندو موهن جو دڪان، ڪيترن ئي ملڪن جي جهازين جو دلپسند دڪان آهي.
ڏور اوڀر جي ملڪن بابت لکندي موهن جو ذڪر نه ڪرڻ وڏي ناانصافي ٿيندي. موهن ۽ سندس دڪان Electronic Souvenior شاپ کان شايد ڪو پاڪستاني، هندستاني يا بنگله ديشي جهازي ۽ سندس فئملي واقف نه هجي.
سنگاپور ۾ پنجانوي سيڪڙو جهاز بندرگاهه ننڍو هئڻ ڪري ائنڪر تي بيهن، جتان ماڻهو لانچن رستي ڪلفرڊ پيئر تي لهي، پوءِ شهر جي مختلف حصن ڏي وڃن ۽ وري واپس جهاز تي وڃڻ وقت ڪلفرڊ پيئر تي لانچ لاءِ جهازين جو انتظار هوندو آهي. ڪلفرڊ پيئر ائين آهي جيئن ڪياماڙي ”بوٽ ــ بئسن“ وارو حصو. پر اها هانگ ڪانگ جي ”بليڪ پيئر“ ۽ يوڪوهاما جي ”سينٽرل ــ پيئر“ وانگر بيحد خوبصورت، ننڍڙين ايئرڪنڊيشنڊ هوٽلن ۽ خوبصورت دڪانن سان جهنجهيل آهي ۽ مسافرن جي ويهڻ لاءِ بينچن جو بندوبست پڻ آهي.
سنگاپور ۾ جهازن تي ڪم تمام تکو هلي ان ڪري هن بندرگاه ۾ جهاز تمام ٿورو وقت ترسي ۽ اڌ کان وڌيڪ جهاز ته فقط تيل وٺڻ لاءِ ترسندا آهن، سو ظاهر آهي چوويهه ڪلاڪ مس بيهن. هرهڪ جهازيءَ کي اها شڪايت رهندي آهي ته سنگاپور ۾ جيڪر اڃان به جهاز ترسي جيئن ڊيوٽي فري شاپنگ کان علاوه اسان جهڙن ملڪن جا ماڻهو فلمن جهڙي دلچسپي به ماڻي سگهن.
وقت ٿوري ۽ پئسي گهڻي هئڻ ڪري فطرتن هر جهازي گهڻا دڪان ڀيٽي سستي شيءِ ڳولي خريد ڪري نٿو سگهي. پوءِ جنهن جو جنهن دڪاندار تي وشواس ويهي هو انکان خريداري ڪري ٿو. سٺي شيءِ کان وڌيڪ جنهن دڪاندار جي مٺي ڳالهه هوندي، گراهڪ ان وٽ ڪُسندو. انهن مٺين، قربائتين ۽ دلچسپ ڳالهين ۾ موهن جو مَٽ مون نه ڏٺو آهي. سندس دڪان ڪلفرڊ پيئر تي، ٻيڙيءَ مان لهڻ سان پهريون آهي. ان بعد ٻين دڪانن جي ڊگهي قطار شروع ٿئي ٿي. ان بعد رستي جي ٻئي پاسي بوري بازار جهڙي ”چينج ايلي“ آهي ۽ ان کان علاوه سڄو شهر ڪراچي جي طارق روڊ ۽ بولٽن مارڪيٽ جيان دڪانن سان ڀريل آهي. انهن ۾ اڌ کان وڌيڪ دڪان سنڌي هندن، سکن، پاڪستان مان آيل پنجابين، ملئي ۽ تامل ماڻهن جا آهن. باقي دڪان هتي جي لوڪل ماڻهن جا آهن جن ۾ چيني به اچي وڃن ٿا. هتي جو هر دڪاندار پنهنجي ڌنڌي ۾ هوشيار آهي. موهن جو ننڍڙو دڪان ٻارهن فٽ ڊيگهه، ڏهه فٽ ويڪر ۽ سندس بندري قد مطابق اٺ فٽ اوچو، اهڙي هنڌ تي آهي جو هر ماڻهو لانچ مان لهڻ وقت ان کي نظرانداز ڪري اڳتي وڌي وڃي ٿو. پر ڇا ڳالهه ڪجي موهن جي زباني ڪوڙڪين جي، مجال آهي جو ڪو سندس دام مان بچي سگهي.
مون کي به خبر هئي ته موهن وٽ سڀ جهازي وڃن ٿا پر پهريون دفعو جڏهن سنگاپور آيو هوس ته مون کي نه شاپنگ جو ايترو خيال هو، خاص ڪري سڄو شهر ڇڏي موهن جي دڪان تان، ۽ نه مون کي موهن جي دڪان تي ڪنهن سنگاپور ۾ رهندڙ يا ڪنهن ٻئي جهاز ۾ ڪم ڪندڙ دوست لاءِ موهن وٽ نياپو ڇڏڻو هو. جهاز تي مشهور آهي ته پنهنجي سينئر آفيسرن، خاص ڪري چيف انجنيئرن ۽ ڪئپٽنن جي لاءِ، جيڪي اڄ ڪلهه سنگاپور ۾ ڪناري جي نوڪري ڪن ٿا، انهن لاءِ ڪو نياپو ڇڏڻو هجي يا ڪا شيءِ شڪل ته موهن جي دڪان تي ڇڏجي. جي ڪنهنکي ملڻ جو هنڌ ڏيڻو هجي ته به موهن جي دڪان جو ڏجي.
ان دفعي اسان جو جهاز سنگاپور ۾ ٽي ڏينهن هو. آخري رات، جهاز تي ويندڙ ٻارهين بجي واري لانچ جو انتظار، ڪلفرڊ پيئر جي بينچ تي ڪري رهيو هوس. سامهون موهن جو دڪان اڃان کليل هو ۽ هڪ ٻيو ننڍڙو بسڪٽ، چاڪليٽ، سگريٽن جو دڪان پڻ کليل هو. لانچ اچڻ ۾ اڃان به ڪلاڪ کن هو. موهن دستور موجب گراهڪن جي غيرموجودگي ۾ در تي اچي بيٺو. مون تي نظر پيس، وڌي آيو ۽ جهاز جو نالو پڇي يڪدم شروع ٿي ويو ڄڻ ڪا پراڻي مائٽي هجي. اسان جي جهاز جي ٻين وڏن ۽ ننڍن آفيسرن جا نالا وٺي ٻڌائڻ لڳو ته اهي به سندس دڪان تان خريداري ڪري ويا آهن. ڄڻ سندس گراهڪ گهٽ پر دوست وڌيڪ هجن. ڪجهه دير اڙدوءَ ۾ ڳالهائڻ بعد پوءِ سنڌيءَ ۾ مون کي چوڻ لڳو: ”سائين توهان به حيدرآباد پاسي جا، آئون به حيدرآباد جو. خريداريءَ کي هڻو کڏ ۾، مون مسڪين جي چانهه الله جي واسطي پيو.“ پاڻ ٻين هندو دڪاندارن وانگر سنڌي ۾ هندي لفظ گهٽ پر عربي ۽ فارسي جا وڌيڪ ڳالهائي رهيو هو. سندس غريباڻي (بقول سندس) دڪان ۾ حساب لڳايم ته هڪ لک ڊالر کان مٿي جو سامان هو. مان چوڌاري هڪ ٻئي مٿان سٿيل واچن، ريڊين، عطرن، ٽيپ رڪارڊرن، گهڙيالن، نقلي ڳهن، ڪئلڪيوليٽرن جا ڍير ڏسڻ لڳس. تيسين پاڻ ڊوڙ پائي ويو ۽ مٿئين ماڙ تي کليل هوٽلن مان هڪ تان چالو چانهه سندس ئي مگن ۾ وٺي آيو. پڇيومانس ته ٻين دڪاندارن وانگر ڪا سيلز گرل نه رکي اٿئي ڇا؟ جو سڀ ڪم پاڻ پيو ڪرين.
”يار الطاف!“ موهن منهنجي ويجهو رڙهي، ائين منهنجو نالو وٺي دل جي ڳالهه ڪرڻ لڳو جو هڪ دفعو مون کي وري لڳو ته هو منهنجو پراڻو واقفڪار آهي، ”ڳالهه هيءَ آهي ته ڀر ۾ سک دڪاندار وانگر آئون ٻه يا ٽي ڀڙويون Show-Piece خاطر رکي گراهڪن کي ان طريقي سان پاڻ وٽ لالچائڻ نٿو چاهيان. مان ته مال سستو وڪڻي خريدارن کي Impress ڪرڻ چاهيان ٿو. هونءَ مون وٽ هڪ تامل هندو ڇوڪري ڪامني نالي هئي پر ان جي تازو شادي ٿي وئي. هاڻ هڪ ملئي ڇوڪري رکي اٿم جيڪا پوري اٺين بجي ڊيوٽي تان لهيو وڃي. ان بعد هوءَ هڪ منٽ به وڌيڪ نٿي ترسي. ڪيڏو ٿو چوانس ته بابا ڪڏهن ڪڏهن پاڪستاني يا هندستاني جهاز اوچتو اچيو وڃن ته ڪلاڪ ٻه مون سان گڏ وڌيڪ کڻي ترس. پر هن جو هروقت اهو کُتو جواب آهي ته ان جو اوور ٽائيم وٺنديس. وراڻيومانس ته ان کان ته اٿئي آڱوٺو. آئون اڪيلو ڪافي آهيان.
اسان ڳالهيون ڪندا رهياسين. بلڪ ڳالهيون هو ڪندو رهيو، ٻڌندو آئون رهيس. موهن جيترو گهڻو ڳالهائيندڙ هيستائين مون فقط ”شعله“ فلم ۾ بسنتي (هيما مالني) ڏٺي هئي. کيس اسان جي جهازران ڪمپنيءَ جي گهڻو ڪري سڀني وڏن آفيسرن جا نالا آيا ٿي ۽ ڪيترن جا هو حوالا ڏيندو رهيو. اٿڻ وقت مون کان پڇيائين ته ڪا شيءِ گهرجي ته هن جو دڪان پنهنجو سمجهان. مون تڪلف ڪارڻ هن کان هيئرڊرائير ورتو. جهاز تي قيمتون ٻين سان ڀيٽڻ تي مون کي تمام سستو ڏنو هئائين. آئون موهن مان ڏاڍو Impress ٿيس ۽ سوچيم ته واقعي سڄي شهر ۾ ڌڪا کائڻ بدران آئنده سڄي شاپنگ هن وٽان ڪجي.
موهن کان ان وقت موڪلائي لانچ ۾ ويٺاسين ته لانچ واري چيو ته ٻارهن کان مٿي هڪ به ماڻهو نه کڻندس جو سنگاپور جو قاعدو آهي. اسان هئاسين تيرهن ڄڻا. موهن به لانچ واري کي منٿون ڪيون پر لانچ واري چينيءَ هڪ به نه ٻڌي. چيائين ته ان هڪ لاءِ وري ڦيرو ڪندس جو توهان سڀني کي جهاز تي پهچائڻ جو ٺيڪو کنيو اٿم پر قانون جو احترام ڪندس. تيسين ڪلاڪ کن اڪيلو رهيل ماڻهو انتظار ڪري.
ٿرڊ انجنيئر عبدالرزاق چيو ته آئون ٿو ترسي پوان. اسان سڀني کي ڏک ضرور ٿيو ته هو اجايو ڪلاڪ کن سيءَ ۾ انتظار ڪندو، پر اتي موهن کيس ڳراٽڙي پائي چيس بابل توسان مان ڪچهري ٿو ڪيان ۽ پنهنجو بند ڪيل دڪان کولي کيس ويهارڻ لڳو ۽ اسان جي بوٽ جهاز طرف هلڻ لڳي.
ٿرڊ انجنيئر عبدالرزاق سان منهنجو جهاز تي ئي معاهدو ٿيو هو ته موهن کان ڪا شيءِ نه وٺنداسين. سو ان کي هلڻ وقت آهستي چيم ته آئون ته موهن جي جادوءَ هيٺ Hypnotise ٿي هي هيئر ڊرائير وٺيو پيو وڃان، تون موهن وٽ ويهه ڀلي پر خيال رکجانءِ.
”پرواهه نه ڪر،“ عبدالرزاق چيو، ”مون کي موهن وٽان ته ڇا، سڄي سنگاپور مان شاپنگ ناهي ڪرڻي. مون هانگ ڪانگ لاءِ پئسا بچائي رکيا آهن. مجال آهي جو هڪ پئسو به ضايع ڪريان.“
۽ پوءِ جڏهن اسان جو ٿرڊ انجنيئر لانچ جي ٻي ڦيري ۾ رات جو ٻي بجي ڌاري جهاز تي پهتو ته سندس هٿ خالي نه هئا پر خريداري جا بنڊل ۽ ٿيلها هئس. مون کان کل نڪري وئي. پاڻ اچڻ سان موهن جي تعريف ڪرڻ لڳو ۽ اها خبر ٻڌائڻ لڳو (جا شايد موهن ئي براڊ ڪاسٽ ڪئي هوندس) ته هانگ ڪانگ ۾ شيون مهانگيون ٿي ويون آهن ۽ Tax به لڳي ٿو.
ان بعد سنگاپور هڪ ٻه دفعا آيس ته سڄي خريداري موهن جي دڪان تان اکيون پوري ڪيم. ڪا شيءِ سندس دڪان تي نه هوندي هئي ته ٻين گراهڪن وانگر مون کي به، ٻين دڪانن ڏي موڪلڻ بدران، پاڻ وڃي اها شيءِ مون لاءِ وٺي ايندو هو. اهو مڃان ٿو ته موهن هر شيءِ تي نفعو ضرور رکندو هوندو پر گهڻُو نه. ۽ اسان جي وري دڪان دڪان تي ڀٽڪڻ ۽ وقت ضايع ڪرڻ کان بچت ٿي وئي ٿي. ان کان علاوه هڪ ٻئي لاءِ نياپو ڇڏڻو هوندو اٿئون يا ملڻ جو وقت ڏيڻو هوندو آهي ته ان ڪم لاءِ موهن ۽ سندس ننڍڙو دڪان زنده باد! يا لانچ ۾ دير هجي ته موهن جي دڪان تي ويهي ٻين خريدارن جو مزو ڏسندا آهيون. کيس ملئي، هندي، سنڌي، اردو، چيني ۽ انگريزي ته اهڙيون Fluent اچن ٿيون جو مجال آهي جو ڪٿي به هٻڪي. پر ان کان علاوه جپاني، يوناني ۽ عربي به ٽٽل ڦٽل ڳالهايو وڃي. ٻه مصري عرب دڪان تي آيس. تن کانئس عربي گانن جا ڪئسٽ پڇيا. پاڻ ٺهه پهه وراڻيائين ته ها آهن. ترسو ته ڏيانوَ. تيسين لکپڙهه کي لڳو رهيو ۽ عربن به تيسين دڪان ۾ ٻيون شيون ڏسي اهي به وٺڻ لاءِ چونڊيون ۽ جڏهن انهن جا پئسا ڏنا ته پوءِ موهن کين اردو قوالين جا ٻه ڪئسٽ ڪڍي ڏنا. ظاهر آهي هنن اهي خريد ڪرڻ کان انڪار ڪيو، باقي ٻيون شيون وٺي روانا ٿيا. موهن کي چيم ته ”يار تو وٽ عربي ڪئسٽ آهن ڪٿي جو هنن کي ٺلهي ها ڪئي؟“
”جي ڇوٽ ۾ انڪار ڪريان ها ته هو در تان ئي موٽي وڃن ها،“ موهن مون کي سمجهايو، ”پر مون دراصل کين وقت ٿي ڏيڻ چاهيو ته جيئن هو ٻيون شيون ڏسي وٺن ۽ انهن مان ڪنهن تي هرکي پون. ۽ ڏس! ٻن ڊالرن جي ٻن ڪئسٽن بدران ويهه ڊالرن جي خريداري ڪري ويا نه.“
هڪ دفعي اسان جو جهاز منجهند جي وقت سنگاپور آيو ۽ رات جو ٻي بجي ئي جپان لاءِ Sail ڪرڻو هئوسين. سڀني کي موڪل ڏني وئي ته ان ٿوري عرصي ۾ گهمي ڦري اچون. اسان جيئن ئي ٻي بجي ڪلفرڊ پيئر تي موهن جي دڪان تي پهتاسين ته هن کي اڳهين اخبار رستي اسان جي آمد ۽ جلد روانگي جي خبر پئجي چڪي هئي. موهن اصل در تي اصيل ڪڪڙ وانگر ڳاٽو مٿي ڪريو بيٺو هو. جيئن جهازي ڪلفرڊ پيئر تي پير رکندا ويا تيئن کين ٻڌائيندو ويو ته سرنگون روڊ تي اسٽيٽ سئنيما ۾ راجيش کهنا جي زبردست فلم پئي هلي. وڃي ڏسي اچو. ڪنهن شاپنگ جي ڳالهه ٿي ڪئي ته چيائين ٿي بابا منهنجو دڪان سڄي رات کليل رهندو. توهان فڪر ڇو ٿا ڪريو.
نتيجي ۾ سڀ فلم ڏي هليا ويا. رات جو موٽياسين ته ٻيا دڪان سڀ بند ٿي چڪا هئا پر موهن جو کليو پيو هو. سڀني اچي موهن وٽان شاپنگ ڪئي. موهن کي سنڌيءَ ۾ چيم ته استاد دال ۾ ڪجهه ڪالا آهي. تو اسان کي شام جو خريداري ڪرڻ ڇو نه ڏني؟ نٽائيندو رهيو، پچر مون به نه ڇڏي مانس. آخر واندو ٿي ٻڌايائين ته، ”ڀر واري سک مون سان دشمني رکي، نقصان به برداشت ڪري اڄ پاڪستاني جهاز وارن کي سستي اگهه تي شيون ڏئي مون کان گراهڪ ٿي کسڻ چاهيا. سو مون اهوئي سوچيو ته في الحال توهان هتان اصل ٽري وڃو، متان ڪو ڀُل چُڪ ۾ سک جي دڪان ۾ هليو وڃي.“
ان ئي رات هڪ ٻه يوناني آيا تن اچڻ سان ڪنڊ ۾ رکيل هارن مان، ٻي ــ ٽي ورتا. هار ڏاڍا سهڻا هئا. اسان جي به هڪ ــ ٻن همراهن اهي وٺي پئسا ڏنس. يوناني جڏهن هليا ويا ته اسان جي جهاز وارن کان هار واپس وٺي پئسا موٽائي ڏنائين. پڇيوسينس ”موهن، ائين ڇوــ؟“ چوڻ لڳو: ”ان وقت يوناني بيٺا هئا ان ڪري چپ چاپ توهانکي ڏنم، پر هي هار سٺا نه آهن، يڪدم رنگ لهي ويندن.“
”پر يونانين به ته ورتا؟“ اسان کي عجب لڳو.
”انهن جي ڳالهه ڇڏيو. اهي هتان نڪرندا ته ٻي پورٽ ۾ ئي جيڪا گرل فرينڊ منهن ۾ ايندن تنهن کي Present ڪري ڇڏيندا. ”ڌوٻي ڌوئي، مالڪ روئي.“ وارو قصو. کين ٻن ڏينهن کان پوءِ اهو به ياد نه رهندو ته ڪهڙي دڪان تان ورتائون. پر توهان کي ڏيڻ سان موهن جي گلا ٿي پوندي.“
هڪ دفعي رات جو هڪ جرمن کانئس چمڙي جي بئگ وٺڻ لاءِ آيو جيڪا موهن جي دڪان تي نه هئي. موهن چيس ته سڀاڻي ڪڍي رکندس، اچي وٺجانءِ. پر هن ٻڌايس ته ٻئي ڏينهن ڏهين بجي ڌاري سندس جهاز Sail ڪندو. موهن چيس ته ان صورت ۾ صبح جو ستين بجي ئي دڪان تان کڻي سگهين ٿو. دڪان کليل هوندو.
بعد ۾ موهن کان پڇيم ته ”ڇا واقعي ايڏو سوير دڪان کوليندين ۽ ٻي ڳالهه ته هو پڪ سان ايندو؟“
”ها ضرور ايندو!“
” ۽ جي همرا نه اچئي ته اجايو ٽي ڪلاڪ اڳ ننڊ ڦٽائي ايندين؟“
”نه هو ضرور ايندو. ٻي ڪنهن قوم جو هجي ها ته اعتبار نه ڪريان ها. پر جرمن واعدي جا پڪا آهن.“
موهن کي چيم ته يار شاباش هجئي. رات جو هڪ ٻي بجي دڪان بند ڪرين ٿو وري ٻئي ڏينهن يارهين بجي منجهند جو اچي ٺڪاءُ ڪرين ٿو!
”يارهين بجي ته هن دڪان تي اچان ٿو. دراصل آءٌ گهران ته صبح جو اٺين بجي ئي نڪران ٿو، جيئن کٽل شين جي خريداري ڪري سگهان.“
”پوءِ ته ڊبل شاباس هجنئي جو سمورو وقت بزنيس کي ٿو ڏين. گهرو زندگي ته ڪجهه به نه رهي.“
”ها يار،“ موهن ڏکياري لهجي ۾ چيو، ”پتني به چئي ٿي ته هي گهر آهي يا هوٽل، جتي رڳو رات جا ٻه ــ چار ڪلاڪ سمهڻ لاءِ اچين ٿو.“
هونءَ موهن کي سندس زال به دڪان تي ڪافي مدد ڪرائي ٿي ۽ سندس اڪيلي ڌيءَ به، ڪاليج کان موڪلون هونديون اٿس ته هٿ ونڊائيندي اٿس. هڪ دفعي سنگاپور سندس دڪان تي وڃان ته ڌيڻس تي پاڻ ڪاوڙيو ويٺو هو. پڇيو مانس ڇو؟
”ڌيئڙي بمبئي گهمڻ وئي، سو ڏهن ڏينهن اندر اٺ هزار رپيا خرچي اچي نڪتي آهي.“
”تو جهڙي لکاپتيءَ لاءِ اٺ ــ ڏهه هزار رپيا ڇا آهن“ ۽ ڌيءَ به اڪيلي اٿئي. اڄ نه ته سڀان ان جي ئي ملڪيت آهي.“
”يار اٺ هزار ڪجهه به نه آهن؟! هتي خبر ناهي اَڻي اَڻي (پاڻ پائي پائي يا سنگاپور سڪي مطابق فيني فيني بدران اَڻي اَڻي چئي) ڪري ٿو پئسو گڏ ڪجي ۽ هيءَ ويچاري اتي هندستان به وڃي پنهنجين ساهيڙين کي ٻٽاڪ سٽاڪ هڻي آئي آهي ته بابي جو ولائت ۾ لکن جو ڌنڌو پيو هلي. اتان موٽي آهي ته هٿين خالي. فقط ٻه دٻا مٺائيءَ جا لوڏيو پئي اچي. تنهن مان به هڪ ته هتي جي ساهيڙين ۾ اچڻ سان اچي ورهايو اٿس.“
هڪ دفعي اسان سان گڏ جهاز تي هڪ پئسينجر حيدرآباد جو شمس الحق صديقي پڻ هو. شمس پاڻ به بزنيس مئن آهي ۽ ڪراچي جهڙي تيز شهر ۾ بزنيس اٿس، هن کي ڊيوٽي نه هئڻ ڪري سڄو ڏينهن رات مرضي تي گهمڻ ڦرڻ لاءِ هو. سو سنگاپور جو شهر گهمي ۽ شين جا اگهه پتا پڇي پوءِ مونسان گڏ موهن جي دڪان تي هليو.
موهن کان جيڪا پهرين شيءِ پڇيائين ان جي قميت هن تمام گهٽ ٻڌايس. باقي ٻين جي جيڪا عام طرح هئي تنهن کان به چار سينٽ وڌيڪ ٻڌايس.
بزنيس مئن جي حيثيت ۾ شمس مون کي اڳهين ئي ٻڌايو هو ته ڪنهن به دڪاندار کان نئون گراهڪ پهرين شيءِ جيڪا پڇندو آهي ته ان جو اگهه گهٽ ٻڌائي گراهڪ کي جيتڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. دڪاندار سمجهي وڃي ٿو ته گراهڪ ان جي قيمت ڀيٽڻ ٿو چاهي. سو موهن جي ان حرڪت تي مون کي به ڏاڍي کل آئي. موهن به جلدي ۾ سونگهي ورتو ته شمس Sailor ناهي يعني اسان وانگر خريد و فروخت جي معاملي ۾ ڇسو ناهي. شمس ايتري قدر چيو ته ”موهن اهي رسيدون ئي ڪوڙيون آهن جيڪي تون خريداريءَ جون ڏيکارين ٿو. دڪاندار ڪڏهن به نقصان برداشت نه ڪندو. گراهڪ جي چانهه جا پئسا به بل مان ڪڍندو.“
شمس جهاز تي چيو، ”يار مان ته موهن کان خريداري هرگز نه ڪندس، جو مون کي توهان وانگر جلدي ناهي ۽ نه توهان وانگر هٿ ڦاڙ آهيان.“
مون چيومانس ته يار مجبوري آهي. جي ٻين وٽ ٿا وڃون ته اهي ان کان به وڌيڪ نفعو ٿا رکن.
ٻئي ڏينهن موهن جي دڪان تي آيس. موهن ٿورو ٿورو ناراض هو. چوڻ لڳو: ”توهان جي جهاز جو اهو پئسينجر سٺو نه آهي. سنڌي ڀاءُ ٿي ڪري مون کان هڪ به شيءِ نه ورتائين. وڃيو چينين کان خريداري ڪري. اهو پئسو به مون کي فائدو ٿئي ها ته اها ڳالهه سٺي يا نه.“
شمس کي ٻڌايم ته ڏاڍو کليو. چوڻ لڳو، ”هو به بزنيس مئن ۽ مان به. هڪ جهنگل ۾ ڀلا ٻه شينهن ڪيئن ٺهندا.“
سنڌ جون ڳالهيون ڪندي موهن پهرين ڏينهن شمس کان پڇيو ته بزنيس ۾ سنڌ هينئر ڪيئن آهي؟ شمس ٻڌايس ته ٺيڪ آهي. ڪو خاص Flourishing ناهي. موهن کلي چيس ته يار اسان جي وڏن ته سنڌ ۾ ڏاڍا عيش ڪيا. سنڌ ۾ جاهليت هجڻ ڪري حساب ڪتاب پنهنجي مرضي جو هلندو هو. گراهڪ سان ليکو ڪجهه هيئن ڪبو هو: ”بابا پنج شيون ورتئه، في شيءِ سورهن رپئي جي، سي ٿيا پنج سورهو پنجاسي، پنج ڇڏيائين پيو باقي بچيا نوي. ۽ ٻيا ڏهه روڪ ٿو ڏيانءِ سو ٿيو پورو سو ۽ هاڻ ويٺو سڄي عمر وَه.“
”۽ هاڻي سڄي عمر دڪاندار ويٺو وهي. گراهڪ جو اوڌر موٽائڻ کان آڱوٺو آهي.“ شمس چيس.
اڄ وري جڏهن اسان سنگاپور آيا آهيون ۽ موهن جي دڪان ۾ گهڙيس ته دستور موجب موهن پنهنجو اسٽول کڻي مون کي ويهڻ لاءِ ڏنو ۽ پاڻ شوڪيس تي ٽيڪ ڏئي بيٺو.
”مان توکي گراهڪ جي حيثيت ۾ عزت ڪونه ٿو ڏيان پر ليکڪ جي حيثيت ۾“ موهن اڄ وري دل جي ڳالهه واضح ڪئي، ”آئون جڏهن ٿڪجي ٽٽجي بستر تي ليٽي سمهڻ کان اڳ تنهنجا ڪتاب کولي ملڪ ملڪ جون دلچسپ ڳالهيون پڙهڻ شروع ڪريان ٿو ته فرحت محسوس ڪريان ٿو. هر دفعي سوچيندو آهيان ته هنن ڪتابن جو ليکڪ مون وٽ هلي اچي ٿو ته آءٌ ته ڪا چاڪري به نٿو ڪريان.“
”سو هن ڀيري اچڻ سان پنهنجو اسٽول ان قرض چڪائڻ لاءِ ڏنو اٿئي؟“ مون چيو مانس.
”ڀلا چانهه پيئندين؟“
”ڇڏ موهن، ههڙي ڪاڙهي ۾ چانهه؟ اڃ لڳي آهي ۽ ٿوري دير A.C ته هلاءِ.“
پوءِ ملئي سيلز گرل سعيده کي وڏي رعب سان ملئي زبان ۾، مون ڏي اشارو ڪري، دستور موجب وڏو آرڊر ڏنو. ۽ هوءَ پاڻ کان پهرين وارين سيلز گرلز وانگر هٿ ڇنڊي فرج جو در کولي ڪوڪا ڪولا جي کليل بوتل ڪڍي مون اڳيان رکي. جنهن مان ٿڌو پاڻي پي خالي بوتل کيس واپس ڪيم، جا (دستور موجب) هن اتي ئي لڳل نلڪي مان ڀري مون جهڙي ٻي ڪنهن معزز گراهڪ لاءِ واپس فرج ۾ ٿڌي ٿيڻ لاءِ رکي.
موهن چيو ”ڪڏهن پنهنجن ڪتابن ۾ منهنجي دڪان جو به ته اشتهار ٿي وڃي، جيئن جن کي خبر ناهي اهي به اچن.“
”آهي اسان جي گهڙڻ جي ئي جاءِ ڪانه. ٻيا خريدار ويچارا تنهنجي دڪان ۾ اچي پنهنجي قيام ڪاري ڪندا ڇا؟“ جواب ڏنومانس.
”تڏهن به ڪجهه. ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ منهنجو ئي قصو کڻي لک.“
”قصو تنهنجو اکر به اکر ٿي ويندو ۽ اڄ ئي رات، پوءِ چاهي گراهڪ ٽهن يا وڌيڪ اچن.“
اهڙي طرح اسان کي جهاز تي کڻي ويندڙ ٻيڙي (لانچ)، جي اچڻ تائين سندس اسٽول آفر ڪرڻ جو قرض اڄ ادا ڪري رهيو آهيان.