”پهرين آءٌ پهرين آءٌ“ ڪندي گاڏي ڇٽي وئي............
جپاني سمنڊ خوفناڪ ۽ قدرتي مصيبتن سان وڪوڙيل هجڻ جي باوجود جپاني مهاڻو پنهنجي بهادري ۽ همٿ سان ان ۾ گهڻو گهڻو پري Sail ڪندو رهي ٿو. جپانين لاءِ سمنڊ هڪ وڏي سپر مارڪيٽ ئي سمجهڻ کپي، جتان هنن کي کائڻ لاءِ انيڪ قسمن جون سامونڊي شيون: سپن ۽ سامونڊي ڪينئن کان مڇين، ڪيڪڙن تائين، Pearls کان سامونڊي گاهه Sea-Weeds تائين مليو وڃن.
وڏن ٻيٽن تي (جيڪي جپان ٺاهين ٿا) جبلن جون قطارون نظر اينديون جيڪي دراصل هن ملڪ جي خوبصورتي جي به نشاني آهن. مشهور فيوجي جبل پڻ جپان ۾ آهي. رهڻ لاءِ تمام ٿوري زمين آهي ۽ پوک لاءِ پنڌرهن سيڪڙو ڌرتي مس آهي. چوڌاري جبلن جي ڪري ٻي ڪا واهه نه ڏسي جپانين سمنڊ ڏي ڌوڪيو آهي ۽ انگريزن وانگر جپاني قوم به سمنڊ کان نٿي ڊڄي ۽ تمام وڏي Seafaring قوم آهي. جپانين پنهنجي سخت پورهئي ۽ عقل کان هرشيءِ مان پورو پورو فائدو وٺي پنهنجي ملڪ کي امير ۽ سهڻو بڻايو آهي. هونءَ جپان کي جبلن ۽ سخت بارشي موسم جيڪا تمام وڏي ۾ وڏي شيءِ ڏني آهي، سا آهي Water – Power جنهن ذريعي هو اليڪٽرسٽي، هئڊرالڪ پاور وغيره حاصل ڪري ٿو.
جپان ۽ جپانين بابت هڪ اهم جاگرافيائي ڳالهه، جنهن جو هتي جي تاريخ ۾ وڏو هٿ آهي ۽ اثرانداز رهي آهي، سا آهي هن ملڪ جي اڪيلائي ۽ الڳ ٿلڳ هجڻ. جپان، انگلينڊ وانگر الڳ ٿلڳ ۽ باقي ڌرتيءَ جي حصي کان پري آهي. جپان هونءَ چين جي ڀرسان هجڻ ڪري، چيني تهذيب ۾ اچي ٿو ۽ ثقافتي (Culturally) طرح جپان کي چيني تهذيب (Civilization) جوئي اولاد سمجهڻ گهرجي، جيئن اتر يورپ جا ملڪ بحرِ روم واري ڪلچر جو اولاد آهن. هونءَ ته خود چيني تهذيب، دنيا جي ٻين قديمي تهذيبن: ننڍي کنڊ جي تهذيب، مصري ۽ رومن تهذيبن کان، جبلن جي قطارن، وچ ايشيا جي رڻ پٽن، گهاٽن ٻيلن ڪري ڪٽيل رهي آهي. جپان جي چوڌاري اٿاهه سمنڊ کيس سندس ماءُ چين کان به پري ۽ الڳ ٿلڳ رکيو آهي.
جپان کي ويجهي ۾ ويجهي زمين ڪوريا آهي. سا به سئو ميل کن پري آهي ۽ چين جي زمين ته پنج سئو سامونڊي ميل پري آهي. اڳ زماني ۾ جڏهن ماڻهو جهاز رانيءَ کان ايترو واقف نه هئا تڏهن ته اهي پنج سئو ميل تمام گهڻا سمجهڻ کپن. اهوئي سبب آهي جو اڄ به جپاني پنهنجو پاڻ کي الڳ ٿلڳ (Isolated) محسوس ڪن ٿا ۽ ٻين ماڻهن کي، چاهي اهي هتي جپان ۾ ڄاوا هجن تن کي ڌاريو سمجهن ٿا. جپاني ان فرق کي هر وقت ڌيان ۾ رکن ٿا ۽ ان ڳالهه جپانين کي به جرمنن وانگر احساس برتريءَ ۾ رکيو آهي ته هو ٻين ماڻهن کان اعليٰ ۽ اتم آهن. ان کي ثابت ڪرڻ لاءِ جپاني ڪڏهن ملٽري طاقت جو چوغو پائين ٿا ته ڪڏهن ٽيڪنالاجي ۽ معاشيات جي مراقبي ۾ پاڻ کي محفوظ رکن ٿا.
اڄ ڪلهه هتي ٽوڪيو ۾ ”بنگله ديش“ نالي ٽيڪنيڪلر انگريزي فلم هلي رهي آهي جنهن جو هڪ گانو، جيڪو بيٽلز ڳايو آهي سو پڻ اڄ ڪلهه هتي Hit آهي. هن فلم ۾ بنگالين تي ٿيل ظلمن جا لُونءَ ڪانڊاريندڙ نظارا ڏيکاريل آهن. ان فلم، اسان پاڪستانين لاءِ خراب اثر ڇڏيو آهي. جتي ڪٿي اسان کي خراب نگاهن سان ڏٺو پيو وڃي. ويتر هتي جي پاڪستاني ايمبسي به ان ڏس ۾ ڪا ترديد (Clarification) نه ڪئي آهي. جتي ڪٿي بنگالين لاءِ چندا گڏ ٿي رهيا آهن ۽ بنگالين کي همدردي جي نگاهه سان ڏٺو پيو وڃي.
اسان گهڻُو ڪري ٻاهر نڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. پر ريفريجريشن انجنيئر محمود پنهنجي ڪاري رنگ جو ناجائز فائدو وٺي روز ويندو آهي. رات ٻڌايائين ته هو هڪ هوٽل اڳيان بيٺو هو ته هڪ جپاني ٽئڪسي واري کيس بنگالي سمجهي مفت ۾ لفٽ ٿي ڏني. پر هن قبول نه ڪئي.
”توتي ڪهڙو اعتبار؟!“ ڪئپٽن سانوت کلندي چيس، ”ٿي سگهي ٿو تو لفٽ ته ورتي هجي پر ڪٽورو کڻي گنزا (Ginza) ۾ پن به ڪئي هجي“.
جپاني به عجيب قوم آهي. هونءَ ڀلي ڪا جپاني ڇوڪري چوويهه ڪلاڪ جهاز تي پنهنجي ڪمري ۾ رهائي ڇڏيو ڪوبه اعتراض نه ڪندو. پر ڪو جهرڪيءَ جو ٻچو يا ڪبوتر يا ڪو چَتون پاڻ سان جهاز تي کڻي ته اچو. هڪ هنگامو مچي ويندو. ڪسٽم آفيسر کان وٺي اميگريشن ۽ هيلٿ آفيسر تائين اعتراض ڪندو.
اڄ Sailing وقت يوڪوهاما جي مارڪيٽ مان ”ڪناري پکي“ هڪ خوبصورت پڃري سميت خريد ڪري آيس پر ڪسٽم وارن ان کي جهاز تي کڻي وڃڻ جي اجازت نه ڏني. مس مس انهن مان جند ڇڏايم ته هيلٿ ڊپارٽمينٽ جي ڪاغذن جو مسئلو سامهون آيو. خبر ناهي هڪ اڌ آئونس جي پکيءَ کي پاڻ سان جهاز تي رکڻ لاءِ ڪهڙن ڪهڙن ڪاغذن ۽ هيلٿ سرٽيفڪيٽن جي ضرورت هئي. Sailing جو وقت اچي ٿيو هو. وڌيڪ ضد ڪرڻ بدران نيٺ پڃري جو در کولي پکيءَ کي اڏائي، خالي پڃرو جهاز تي کڻي آيس.
پر پوءِ مونکي خبر پئي ته بندرگاهه جي واسطيدار عملي کي منهنجي اها ڳالهه، يعني پکيءَ کي آزاد ڪرڻ واري به پسند نه آئي. ”ڇو؟ ان ۾ ڪهڙي قباحت آهي؟“ مون جپاني دوست کان پڇيو، ”ان ڪري جو ان غريب پکيءَ کي پنهنجو داڻو پاڻي ڳولڻ جي عادت نه آهي سو بک مري ويندو. ٻي ڳالهه ته هن کي بچاءَ ڪرڻ جي به خبر ناهي. پڪ ڪو ڪانگ يا سرڻ جهڙو پکي هن کي هڙپ ڪري ويندو.“
جپانين ۾ تڪلف به ڏاڍو آهي. ڳالهه ڳالهه ۾ تڪلف ڪندا شايد هنن وٽ ذوق جهڙو ڪو شاعر پيدا نه ٿيو آهي جو کين سمجهائي ته:
تکلف میں ھے تکلیف سراسر
آرام سے ھیں وہ جو تکلف نہیں کرتے
تکلف علامت ھے بیگانگی کی
ڪئپٽن محسن چيو ته لکنوين ۾ به ايڏو تڪلف آهي جو مثال مشهور آهي ته ٻن لکنوين ”پهرين تون ــــ پهرين تون“ ڪندي گاڏيءَ جو وقت وڃائي ڇڏيو ۽ گاڏي ڇٽي وئي.
کيس ٻڌايم ته اسان سنڌين ۾ وري تڪلف صفا ناهي ۽ اسان لاءِ مثال مشهور آهي ته ٻن سنڌين جو ريل ۾ چڙهڻ وقت ”پهرين آئون ــــ پهرين آئون“ ڪندي گاڏي ڇُٽي وئي هئي.