جپان هڪ نرالو ملڪ
جپان ۾ پراڻن عقيدن جا ماڻهو، گهر گهٽيون ۽ رسمون رواج آهن ته الٽرا ماڊرن فلئٽ، دڪان ۽ دنيا جون تيز رفتار گاڏيون پڻ آهن. هونءَ جپان اهڙو ملڪ آهي جيڪو ڌارين کان جاگرافي طور ڇڃيل هجڻ ڪري سندس تهذيب ۽ تمدن ٻين کان ڪافي مختلف رهيا آهن.
ڇا اهو عجيب ناهي ته جپانيءَ جي گهر ۾ گهڙڻ وقت پنهنجو هئٽ يا ٽوپي لاهڻ بدران جوتا لاهڻا پون ٿا. ڌار وهنجڻ بدران اوڙي پاڙي سان گڏ وهنجڻ جي رسم آهي ۽ وهنجڻ وقت ٽپ يا حوض ۾ اندر وڃي پنهنجي جسم کي صاف ڪرڻ بدران ٽپ جي ٻاهران بيهي Pre-washing ڪرڻي پوي ٿي. جپاني ڪتابن ۾ Foot-Notes صفحي جي تري ۾ لکڻ بدران مٿي چوٽيءَ تي لکيا وڃن ٿا ۽ جپاني کاٻي کان ساڄي به لکي سگهجي ٿي ۽ مٿان کان هيٺ پڻ. ڪتاب يا نوٽبڪ جا پنا کاٻي کان ساڄي به استعمال ڪري سگهجن ٿا ته ساڄي کان کاٻي پڻ. شراب (Wine) ۾ برف وجهي پيئڻ بدران گرم ڪري پيتو وڃي ٿو ۽ مڇيءَ کي وري پچائڻ بدران ڪچو ۽ رکو کاڌو وڃي ٿو. عورتون مردن کي ڪوٽ لهرائڻ ۾ مدد ڪن. اها ڳالهه اسان لاءِ کڻي تعجب خيز ناهي پر مغربي ملڪن وارن لاءِ ته آهي، جتي Ladies First تي سختيءَ سان عمل ڪيو وڃي ٿو ۽ جتي ايتري قدر جو ڪار جو دروازو به مرد کولي پهرين عورت کي اندر وهاريندو، يا سندس ڪوٽ لهرائڻ ۾ هو مدد ڪندو. جپان ۾ ٻلين کي پڇ نه ٿئي. دنيا جا ماڻهو صبح جو وهنجندا ۽ هي جپاني هميشه رات جو سمهڻ کان اڳ!
فقط ڪجهه سال اڳ جنگ ۾ شڪست کاڌل جپان اڄ دنيا جي اليڪٽرانڪ شين ۾سڀني جو مقابلو ڪري رهيو آهي. اڌ هٿ جيڏو ٽيب رڪارڊر، واڌو ڪاٽوءَ کان سائين، ڪو سائين (Sine, Cosine) ۽ ايڪسپوننٽ جو حساب ڪتاب ڪرڻ وارو مني ڪئلڪيوليٽر ۽ ”متسو شيتا“ ڪمپني جي ٺاهيل پاڪيٽ سائيز ٽي ــ وي (ڏيڍ انچ جي پڙدي واري) جپانين جوئي ڪم آهي. نه فقط ايترو پر ”يوڪوهاما“ جي هڪ اسپتال ۾ ڊاڪٽر هيديتوشيءَ هڪ ماچيس جي تيليءَ جي منهن جيڏي گوري (Tablet) ڏيکاري، جا دراصل ريڊيو ٽرانسميٽر هئي، جنهن ۾ ٽيهن کان وڌيڪ مخلتف پارٽ ڳنڍيل ٿين ۽ مريض جي پيٽ ۾ داخل ڪري، سندس اندرين عضون جي خبرچار هن مان ايندڙ سگنلن ذريعي معلوم ڪري سگهجي ٿي. ان قسم جا ساڳيا ريڊيو ٽرانسميٽر پکين يا ننڍين مڇين کي ٻڌي سندن حرڪت ۽ چرپر، ان مان ايندڙ نياپن ذريعي گهر ويٺي حاصل ڪري سگهجي ٿي.
جپان نه فقط ننڍڙين شين ۾، پر ساڳيو ڪمال وڏين شين ۾ پڻ ڪري ڏيکاريو آهي. دنيا جا وڏي ۾ وڏا جهاز ۽ ڪارون آمريڪا بعد جپان ئي ٺاهي رهيو آهي. اڄ کان پنج ڇهه سال اڳ وڌ ۾ وڌ پنجاه هزار ٽن جهاز ٺاهيندو هو پر هاڻ ته هُن چئن لکن کان به وڏا سپر ٽئنڪر ۽ ڪنٽينر جهاز ٺاهڻ شروع ڪيا آهن. ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته اسان وٽ ڪراچي شپ يارڊ ۾ جيڪي وڏي ۾ وڏا جهاز ٺهيا آهن سي فقط تيرهن هزار ٽن جا آهن.
۽ ڇا اهو ڪمال ناهي ته هيڏو ماڊرن هجڻ جي باوجود پراڻيون رسمون، رواج، عقيدا، خوف، خوشيون، تهذيب، اڄ به جپان ۾ ساڳيا جاري آهن. جپان دنيا جو اهڙو ملڪ آهي جيڪو ٻِٽو ڏيک پيش ڪري ٿو ۽ سندس چهري جو هڪ رخ سندس ڪلاسيڪل ماضي ڏي آهي ته ٻيو رخ جديد حال ڏي آهي، جنهن ۾ مغربي طرز جهڙي سوچ، Behaviour ۽ ڪم جو طريقو آهي.
ڪهڙي به ملڪ مان ٿي جپان ۾ اچبو ته جپان ان ملڪ جي مقابلي ۾ صاف سٿرو نظر ايندو. سنگاپور جا فقط رستا صاف آهن پر جپان سڄو صاف ۽ چمڪندڙ نظر ايندو. جپان جو چاهي ڪو وڏو شهر هجي يا ڳوٺڙو، گهٽيون بازارون هجن يا ماڻهن جا گهر، هرڪا جاءِ پئي وڻندي. ان ۾ نه فقط اتي جي سرڪار جو هٿ آهي پر هر هڪ ماڻهوءَ کي صفائي سان دلچسپي آهي پوءِ اهو ننڍو هجي يا وڏو، پڙهيل هجي يا جاهل. روزمره جي زندگي ۾ ڪيترا ان سلسلي ۾ دل تي اونهو نقش ڇڏيندڙ مثال ملندا. هڪ ٻه جي مون کي به هن وقت ياد اچي رهيا آهن سي هتي لکان ٿو:
ڪيوٽو شهر گهمڻ بعد اتي جي هڪ عام پارڪ ۾ هڪ بينچ تي ٿڪ ڀڃڻ لاءِ اچي ويٺس ۽ ڪوڪا ڪولا پيئڻ لڳس. موڪلن جا ڏينهن هئا، ڪيتريون ئي جپاني فئمليون ۽ ٻار باغيچي ۾ ڊوڙي رهيا هئا. هڪ ٻه آمريڪن ۽ يورپين Tourist به هئا. آءٌ آهستي آهستي ڍڪ ڍڪ ڪري، ڪوڪا ڪولا پيئندو رهيس ته بهترين موسم جو لطف به وٺندو رهيس. ڪوڪا ڪولا ختم ٿي ته ان جي دٻي کي هٿن سان چٻو ۽ سڌو ڪرڻ لڳس ۽ وقت گذارڻ لاءِ ان تي لکيل هڪ هڪ لائين پهريون دفعو ڌيان سان پڙهڻ لڳس. ڪمپنيءَ جو نالو، ٽريڊ مارڪ. ان بعد دٻي جي (شربت سميت) تور ۽ جن شين مان ڪوڪا ڪولا ٺهيل آهي، انهن مڙني جا نالا. دٻي جي ٻي اڌ تي اهي ئي اوٽ پٽانگ قسم جون نصيحتون جن تي دنيا جي ڪنهن ملڪ جو شايد ئي ڪو عمل ڪندو هوندو: ”آڪي ڪان وا ڪوُ زوُ ڪا گوني.“ (هن خالي ٽن کي ڪچري جي دٻي ۾ اڇلجو. هلندڙ ڪار جي دريءَ مان نه اڇليندا). وغيره.
”سڀ بڪواس“، آئون پنهنجي منهن ڀڻڪي اٿيس ۽ گند جو دٻو جيتوڻيڪ سامهون نظر اچي رهيو هو، پر ڪوڪا ڪولا جو خالي دٻو ۽ پٽاٽو چپس جي ڪاڳر کي اتي ئي ڇٻر تي اڇلي، هلڻ لڳس. پويان ٻه ٻار نون ڏهن سالن جي سن جا اچي رهيا هئا. آهٽ تي مڙي ڏٺم ته انهن اهو خالي دٻو ۽ ڪاغذ، پٽ تان کڻي ڪچري جي دٻي ۾ وڃي اڇلايو. جيتوڻيڪ اهو محسوس ڪيم ته هنن مون کي احساس ڏيارڻ بنا اهو ڪم پئي سرانجام ڏنو پر جيئن ته مون ڏسي ورتو ان ڪري مون کي به افسوس ٿيو ته هنن کي به. مون کي ان ڪري ته مونکي ائين ڪچرو ڦٽو ڪرڻ نه کپندو هو. هنن کي ان ڪري ته هڪ گائيجن (ڌاريو ماڻهو) شڪي ٿيو.
“I am Sorry” مون پيار سان سندن مٿي تي هٿ ڦيريندي چيو.
”نه سائين،“ هنن مان هڪ وراڻيو، ”مڙيئي خير آهي. پر ڏسو نه، اسان جو جپان تمام ننڍڙو ٻيٽ نما ملڪ آهي. جيڪڏهن ائين ٿورو ٿورو ڪچرو هرڪو ڪندو رهندو ته ٿوري عرصي ۾ اسان جو سڄو ملڪ گدلو ٿي ويندو.“
هڪ ٻيو واقعو: اوساڪا شهر ۾ احمد حسين مخدوم ۽ آئون سيڪنڊ هئنڊ موٽر سائيڪلون خريد ڪري، ڀاڙي جي هڪ پڪ ۾ رکائي جهاز تي اچي رهيا هئاسين. رستي تي پڪ اپ واري پيٽرول پمپ تي گاڏي بيهاري پاڻ باٿ روم ۾ هٿ ڌوئڻ لاءِ ويو ته اسان به ان سان گڏ گهڙياسين، جو اسان جا هٿ به گريز ۽ تيل ۾ ڪارا ٿي ويا هئا. هن پهرين اسان کي ڌوئڻ لاءِ جڳهه ڏني. جيتوڻيڪ پبلڪ نموني جو Toilet هو پر بيحد صاف هو ۽ چمڪي رهيو هو. اسان نڪا ڪئي هم نڪا تم. صابڻ کڻي جلدي جلدي هٿ ڌوئي ٽوال سان اگهڻ لڳاسين. تيسين پڪ اپ جو ڊرائيور هٿ ڌوئڻ لڳو. مون ڏٺو ته هٿ ڌوئڻ بعد هن اسان وانگر بئسن (ڪونڊي) گندي حالت ۾ نه ڇڏي پر ان کي هٿن سان صاف ڪري چمڪائي ان حالت ۾ ڇڏيو جنهن ۾ اسان کي اچڻ وقت ملي هئي.
مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو ته اهو ڪم جو اسان پڙهيل ــ ڳڙهيلن کي ڪرڻ کپي ها سو هڪ جاهل ڊرائيور ڪري رهيو هو.