جپان کي هڪ هزار کان مٿي بندرگاهه آهن
جپانين جي مئٿالاجي مطابق جڏهن ڌرتي ۽ آسمان ٺهيا، ته ڪيترائي ديوتا ۽ ديويون پڻ پيدا ٿيون. انهن مان هڪ ديوتا ايزاناگي ۽ ديوي ايزانامي پڻ هئا جن گڏجي جپان جي ٻيٽن کي جنم ڏنو. ايزانامي پوءِ مري وئي ۽ ايزاناگي هڪ ڏينهن جيئن ئي اکيون ۽ نڪ ڌوئي رهيوهو ته ٽي ديوتا پيدا ٿي پيا. سج، چنڊ ۽ طوفان. اسان جو واسطو فقط سج سان آهي جو سج دراصل ”اماتيراسواومي“ ديوي (ڪامي) هئي جنهن جو اولاد (اڄ جو بادشاهه هيروهتو پڻ) ڇهه سو قبل مسيح کان هلندو اچي. سندس پوٽو جيموتينو پهريون انساني روپ ۾ فاني ديوتا هو جنهن کي جپان جي شهنشاهيت سونپي وئي.
1940ع ۾ جپان ۾ شهنشاهه هيروهتو جي محلات اڳيان هڪ وڏو جشن ملهايو ويو جنهن ۾ پنجاهه هزار کان مٿي جپانين حصو ورتو. اها دراصل ڇهويهين ”جيموتينو“ جي تاجپوشي جي سالگره هئي، جا هر سو سالن بعد ملهائي وڃي ٿي.
جپان جو سياسي ڍانچو انگلينڊ جيان آهي. ٻي جنگ عظيم کان پوءِ (جنهن ۾ جپان هارايو)، نئين آئين هيٺ ليجسليٽو، انتظاميه ۽ Judicial اختيارات الڳ الڳ ڪيا ويا. هاڻ ليجسليٽو اختيارات ڊائيٽ (Diet) جي هٿ ۾ آهن ۽ Judiciary سپريم ڪورٽ جي هٿ ۾ ۽ انتظاميه ڪئبينيٽ جي.
شهنشاهه هيروهتو کي فقط عزت ۽ پيار جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو جيئن انگلينڊ جي راڻي ايلزبيٿ کي ۽ هن وانگر بادشاهه سڌي طرح قانون يا انتظاميه وغيره ۾ ڪابه دخل اندازي نٿو ڪري.
جپان جي Diet ٻن حصن ۾ آهي. هڪ ”هائوس آف رپريزنٽيٽو“ ۽ ٻيو ”هائوس آف ڪائونسلرس“ ٻنهي هائوسن جا ميمبر ووٽن ذريعي عام ماڻهو چونڊين ٿا جپان ۾ هر ويهن سالن کان مٿي عمر جي عورت توڙي مرد کي ووٽ ڏيڻ جو حق آهي.
هائوس آف Representatives جا اختيارات ٻئي هائوس کان گهڻا آهن ان ڪري چونڊ وقت قوم جون نظرون هائوس آف رپريزنٽيٽو ڏي هونديون آهن. جيڪا پارٽي کٽيندي آهي ان جو اڳواڻ وزيراعظم ٿئي.
جپان ۾ پرائيم منسٽر جي ڪئبينيٽ ٻارهن وزيرن تي مشتمل هوندي آهي جن وٽ الڳ الڳ کاتا ٿين، ان کانسواءِ چار اسٽيٽ منسٽر پڻ وزيراعظم چونڊيندو آهي. ڪورٽ کي آئين هيٺ پوري پوري حفاظت ۽ اختيارات ڏنا ويندا آهن ته هن جي فيصلن ۾ ڪئبينيٽ يا ڊائيٽ ڪنهن به قسم جي هٿ چراند نه ڪندي.
ٻي جنگ عظيم کان پوءِ آمريڪن جو جپان تي سڌي يا اڻ سڌي طرح قبضو آهي ۽ ان تحت جپان فوج نه ٿو رکي سگهي. جپان جي سلامتي لاءِ آمريڪا ٻڌل آهي. هڪ اهو به سبب آهي جو جپان جو گهڻو پئسو ٻين ملڪن وانگر فوجي طاقت ۽ بارود پٺيان نٿو ضايع ٿئي. بلڪ جپاني پئسو ۽ ماڻهن جو دماغ هاڻ ڪروکيتر بدران معاشي ميدان ۾ رڌل رهي ٿو. هاڻ مڙيئي آهستي آهستي اڄ ــ ڪلهه جي نئين ٽهي ان لاءِ رکي رکي زور لڳائي رهي آهي ته اسان کي پنهنجي فوج هجڻ کپي. ٻي جنگ عظيم جا جپاني هيرو جن کي جنگ ۽ بربادي جا ذميوار ٺهرائي نفرت ڪئي ٿي وئي سي هاڻ وري قوم پرست ۽ محبوب ٿيندا وڃن. منچوريا ۽ پرل هاربر تي حملو جائز نظر اچڻ لڳو آهي. ۽ ههڙي محنتي، ترقي يافته ۽ بهادر قوم کي اڄ جي وري جنگي ساز سامان ۽ فوج رکڻ جي موڪل ڏني وڃي ته ڏسندي ئي ڏسندي اهي جنگي جهاز، توبون ۽ بم بارود ٺاهي ڏيکارين جو باقي دنيا کي ڀڄڻ جو واه نه ملي!
جپان نه ته پاڪستان، ايران يا افغانستان وانگر ايشيا کنڊ جي ڌرتيءَ جو ٽڪرو آهي ۽ نه وري سري لنڪا يا سنگاپور وانگر هڪڙو ٻيٽ آهي. جپان فلپين، انڊونيشيا ۽ مالديپ وانگر ٻيٽن جو جهڳٽو آهي. جپان جا چار ته تمام وڏا ۽ اهم ٻيٽ آهن. هڪيدو، هونشو، شڪاڪو ۽ ڪيوشو. اهي چار ئي ٻيٽ هڪ ٻئي جي ويجهو آهن. انهن جي هيٺيان ڏکڻ ۾ اٽڪل سو ميلن ۾ جپان جا ريوڪو ۽ اوڪيناوا نالي ٻيٽ آهن. ان کان علاوه جپان جي مٿين چئن ٻيٽن جي ارد گرد سوين ننڍا ننڍا ٻيٽ آهن جن مان ڪيترا ته ويران آهن ته ڪي فقط ٻه کٽون رکڻ جيڏا آهن. ائين سمجهو ته ڪا چينيءَ جي پليٽ فرش تي هڻجي ته ان جا چار وڏا ٽڪر مٿيان ٻيٽ ٿي پون باقي سنهي ڀُرڪٽ ننڍا ننڍا ٻيٽ ٿيا.
جپان کي ٽن طبقن جي حڪومت آهي. هڪ نئشنل، ٻي پريفيڪچرل ۽ ٽين ميونسپل. سڄو جپان 47 پريفيڪچرن ۾ ورهايل آهي ۽ هر پريفيڪچر ۾ ڪيتريون ئي ميونسپالٽيون اچن ٿيون. جپان ۾ اهي چئن قسمن جو ميونسپالٽيون آهن: سٽي ميونسپل، ٽائون ميونسپل، وليج ميونسپل ۽ اسپيشل وارڊ ميونسپل. ٽوڪيو شهر ”سٽي“ بدران پريفيڪچر سمجهيو وڃي ٿو جنهن ۾ 23 اسپيشل وارڊ آهن. هي وارڊ جپانيءَ ۾ ڪُو (Ku) سڏجن ٿا. ۽ ٽوڪيو جو هرهڪ ڪُو (وارڊ) سٽيءَ جي حيثيت رکي ٿو.
جپان جا هي ٻيٽ پئسفڪ وڏي سمنڊ (Ocean) ۾ اچن ٿا پر پئسفڪ سمنڊ جو اهو حصو جيڪو جپان جي چئن وڏن ٻيٽن جي اردگرد آهي اهو جپان جو سمنڊ (Sea of Japan) سڏجي ٿو. جپان جي نقشي ۾ ڏسندئو ته جپان جو هڪ وڏو ٻيٽ هڪيدو بلڪل الڳ ٿلڳ اتر ۾ آهي. ڏکڻ ۾ جتي اهو ختم ٿئي ٿو اتان جپان جو ٻيو ٻيٽ هونشو شروع ٿئي ٿو. جيڪو سڀ کان وڏو ٻيٽ آهي. جنهن ۾ ٽوڪيو، ڪيوٽو، يوڪوهاما، چيبا، اوساڪا، ڪوبي، هيروشيما، نگاتا ۽ سڪاتا جهڙا اهم شهر اچي وڃن ٿا. هي ٻيٽ هيٺ ڏکڻ اولهه ۾ جتي ختم ٿئي ٿو اتي ”جگ سا“ پزل وانگر ڪيوشو ۽ شڪاڪو ٻيٽ هڪ ٻئي سان ٺهڪيا پيا آهن جن جي وچ ۾ جيڪو سمنڊ آهي ان کي جپاني ”سيتو نائڪائي سمنڊ“ سڏين ٿا ۽ اسين ڌاريا انگريزي لفظ Inland Sea استعمال ڪريون ٿا. هي سمنڊ تمام اهم آهي جيڪو ڊيگهه ۾ 450 ڪلوميٽر آهي ۽ ويڪر ۾ 15 کان 55 کن ڪلوميٽر آهي. جتي جپان جو ٻاهريون سمنڊ سال جو وڏو حصو مڇريل رهي ٿو ۽ اسان جهاز هلائڻ وارن جون وايون بتال ڪري ٿو اتي هي Seto Naikai يعني اندريون سمنڊ ٻاهرين سمنڊ جي ڀيٽ ۾ بهتر سمنڊ آهي. پر اهڙو به بهتر ناهي جو ٻاهر لڳندڙ طوفانن جو اثر هن اندرين سمنڊ تي به پوي ٿو ۽ ٻيو ته هن اندرين سمنڊ اندر تمام گهڻا ٻيٽ آهن جن مان ڪي نظر اچن ٿا ته ڪي وڏي وير مهل سمنڊ اندر غائب ٿيو وڃين ۽ جهاز هلائيندڙ جي ٿوري ڪوتاهي به جهاز کي پرزا پرزا ڪري سگهي ٿي. ان کان علاوه هن اندرين سمنڊ ۾ ٻاهر جي نسبت تمام گهڻو ڌنڌ رهي ٿو. پر اهو آهي ته ڪلاڪ ٻن جي سفر بعد ڪونه ڪو بندرگاه اچيو وڃي ۽ اسان کي ڏينهن ٻه بلڪ ڪڏهن ته هفتو کن ان بندرگاه ۾ گهمڻ ڦرڻ جو موقعو مليو وڃي. ٽرين ۽ بس ذريعي ٻين شهرن ۾ پهچيو وڃون. ياماگچي، هيروشيما، اوڪاياما، فڪوئوڪا جهڙا ڪيترائي اهم بندرگاه جپان جي هن اندرين سمنڊ ۾ آهن.
جيستائين بندرگاهن جو سوال آهي ته منهنجي خيال ۾ ته آمريڪا کي به ايترا بندرگاه نه هوندا جيترا جپان کي آهن. سرڪاري انگ اکرن مطابق جپان ۾ 1020 بندرگاه آهن جن مان 106 اهم بندرگاه آهن جن مان 22 اهڙا بندرگاه آهن جيڪي خاص مقصد لاءِ استعمال ٿين ٿا. اسان جي جهازران ڪمپنيءَ جا جهاز هڪ ته ٽوڪيو ۽ ۽ ان جي ڀرواري بندرگاه يوڪوهاما ۾ اچن ٿا. اڳئين دفعي جنهن جهاز کي هن پاسي وٺي آيا هئاسين ته ان وقت هن پاسي جي هڪ ٽئين ڀرواري بندرگاه چيبا ۾ به ويا هئاسين. اهي ٽئي بندرگاه ائين آهن جيئن خيرپور، سکر ۽ روهڙي. اهڙي طرح هن ساڳي ٻيٽ هونشو ۾ ٻه ٻيا ويجها ويجها بندرگاه ڪوبي ۽ اوساڪا آهي. اتي به اسان جا جهاز ويندا رهن ٿا. اسان پاڪستانين لاءِ ڪوبي بندرگاه وڌيڪ بهتر آهي جو هتي مسجد ڪري ڪيترن ئي مسلمانن ملڪن جا ماڻهو آهن. هندو سنڌين ۽ سکن کان علاوه جپانين جا به ڊيوٽي فري دڪان آهن جتان جهاز وارا خريداري ڪن ٿا. سيڪنڊ هئنڊ ۽ سستين شين جا به ڪيترائي دڪان آهن. اوساڪا ۽ ٽوڪيو جي وچ ۾ هن ئي ٻيٽ تي وڪاياما ۽ نگويا بندرگاهن ۾ به هر دفعي اسان جو جهاز وڃي ٿو. يوڪوهاما ۽ نگويا جي شپ يارڊن ۾ اسان جي جهاز جي ڊراءِ ڊاڪنگ به ٿئي ٿي. ڪڏهن هيروشيما به وڃون ٿا ۽ جڏهن به ڪوريا وڃڻو هوندو آهي ته اتي جي بندرگاهن سيول، انچان يا پوسان ۾ وڃڻ کان اڳ يا پوءِ جپان جي بندرگاهن شمنوسيڪي، ڪيٽا ڪيوشو يا فڪوئوڪا ۾ پڻ وڃڻ ٿئي ٿو. پوءِ ڪڏهن سامان لاهڻ يا چاڙهڻ لاءِ ته ڪڏهن جهاز جي مرمت لاءِ. شمنوسيڪيءَ ۾ تمام وڏو شپ يارڊ آهي. جتي اسان جي جهاز کي Repair لاءِ ڪراچي جي هيڊ آفيس طرفان آرڊر ايندا آهن.