الطاف شيخ ڪارنر

بندر ديسان ديس

”بندرديسان ديس“ ڪِتاب ڏُور اوڀر جي ملڪن، خاص ڪري جپان، سنگاپور، ٿائلنڊ ۽ سمنڊ تي گذاريل جهاز جي زندگي جو احوال آهي. هن ڪِتاب ۾ الطاف شيخ ڪيترا اهڙا مضمونَ لکيا اهن جيڪي اسان ڪناري تي رهندڙ م اڻهن لاءِ نرالا ۽ حيرت انگيز آهن جهڙوڪ: جهاز تي حلال ۽ حرام گوشت جا مسئلا، تيل مان نقلي وار (Wigs)، پلاسٽڪ جون شيون ۽ عطر پڻ ٺهي ٿو، چين جي مارڪيٽن ۾ جيئرن ڀولڙن جا ميڄالا وڪرو ٿين ٿا، جپان ۾ وڏيرڪي سسٽم جي جھلڪ، جپانين جون حيرت انگيز عادتون….. وغيره.
تيزيءَ سان بدلجندڙ هاڻوڪي دنيا جي پيش منظر ۾ الطاف شيخ هن املهه ڪِتابَ کي نئين سري سان سنواري ۽ ان ۾ نوان واڌارا ڪري ان کي ڇپرايو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 3434
  • 933
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book بندر ديسان ديس

جپاني گهر ۽ پبلڪ باٿ

جپان ۾ عورتن جو قومي لباس ڪمونو ۽ مردن جو يوڪاتا (Yukata) آهي جيڪو باٿنگ سوٽ جهڙو يڪو هڪ ٽڪر ٿئي ۽ پيرن ۾ ڪاٺ جون چاڪڙيون (ڪوما گيتا) ٿين. ڪمونو خوبصورت رنگن ۽ مختلف اوچن ڪپڙن جو وڳو ٿئي جنهن ۾ في الحال ته سادي سودي صورت واري ڇوڪري به پئي ٺهندي آهي ۽ هونءَ به جپاني ڇوڪري جسم جي ميڪ اپ ۽ ڪپڙي زيور سان پنهنجو پاڻ کي اهڙو ته سليقي سان سينگاري ٿي جو ڏسندڙ کي پوپٽ جي پرن جي نزاڪت جو احساس ٿئي ٿو.
جپان ۾ به اڄڪلهه مغربي ڊريس ـــ اسڪرٽ، پتلون، نڪر ۽ سلئڪس وڌيڪ عام ٿي وئي آهي ۽ ورلي ڪا جپاني ڇوڪري ڪمونو ۾ نظر اچي ٿي. باقي ڪنهن وڏي ڏينهن، جلسي، شادي ۽ ٻين ڪاڄن تي سڀ ڇوڪريون ڪمونو پائين. ڪمونو ڪافي ڳري ڪپڙي مان ٺاهيو وڃي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٻن ٽن مختلف رنگن جا تهن مٿان تهه هوندا آهن چيلهه تي ويڪرو پٽو (اوبي) ۽ ڪمونو جي پٺيان پٺن تي ڪپڙي جو ٿيلهو (اوتائيڪو) ٻڌو وڃي ٿو. حالت اها هوندي آهي جو شادي يا فنڪشن بعد ٿڪجي ٽي چار ڇوڪريون جي هڪ ئي هنڌ تي وڃي سمهنديون آهن ته ائين لڳندو آهي ڄڻ ڌوٻيءَ جي ڌوئڻ لاءِ ڪنهن لانڍري ڍڳ ڪري رکي آهي.
ڪيترا پراڻا جهازي قسم کڻي ڳالهه ڪندا ته جپاني ڇوڪريون فقط تڏهن سهڻيون لڳن ٿيون جڏهن هو ڪمونو پائين ٿيون. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪمونو ساڙهيءَ وانگر جپاني ڇوڪرين جي سيني جي اڻوڻندڙ ائنا ٽامي لڪائي ٿو پر سندن ننڍيون ۽ بي ڍوليون ٽنگون ۽ حد کان وڌيڪ نڪتل دديون پڻ لڪايو ڇڏي. اڄڪلهه مڙيئي نت نئين دوائن، ورزشن ۽ Balanced کاڌي تي سختي سان عمل ڪرڻ ڪري، جپاني ڇوڪرين انهن خامين تي ڪافي ڪنٽرول ڪري ورتو آهي ۽ هو مني اسڪرٽ سلئڪس ۽ شارٽس ۾ ڪافي سمارٽ ۽ سهڻيون لڳن ٿيون. ڊگها وار يا جوڙا ٺاهڻ بدران آمريڪن فئشن مئگزين مطابق ڪيترين جپاني ڇوڪرين جا وار ڪٽيل، گهنگهرودار (گهنڊي) ۽ رنگ لڳل نظر اچن ٿا.
ڪمونو تي هميشه اڇا جوراب ۽ اسپنچ جا چپل پاتا وڃن ٿا هونءَ هلڻي هرهڪ جي کڻي مختلف هجي پر ڪمونو پائڻ کان پوءِ سڀني جپاني ڇوڪرين جي چال هڪ ٿي وڃي ٿي. ۽ ڊيل وانگر سڄو پير پٽ تي رکي ننڍڙن ننڍڙن قدمن سان هلڻ لڳن ٿيون.
ڪمونو ڊريس تي وارن جو اسٽائيل پڻ بدلائي گول جوڙو (مائيگامي اڳيون ۽ تابو پويون) ٺاهيو وڃي ٿو جن ۾ روايتي قسم جي هڪ اڌ ڪاٺ، هڏي يا عاج ڦڻي (ڪوشي)، پلاسٽڪ جو گل (هانا)، ڪو ڳهه يا ماني کائڻ وارين چاپ اسٽڪس جهڙيون ڪاٺيون (ڪانازاشي) سونهن لاءِ هنيون وڃن ٿيون.
جپانين جا گهر تمام ننڍڙا آهن جو هڪ ته زمين گهٽ هئڻ ڪري پَٽُ مهانگو آهي ۽ زمين جي حساب سان آدمشماري تمام گهڻي آهي. دنيا ۾ شنگهائي بعد ٻيو نمبر ٽوڪيو جي آدمشماري آهي. دنيا ۾ ڪيترا اهڙا به ملڪ آهن جن جي جملي آدمشماري ٽوڪيو کان به گهٽ آهي.
ڪنهن زماني ۾ ته ٻڌبو هو ته جپاني گهر پنن ۽ دفترين جا ٺاهيا وڃن ٿا پر اڄڪلهه جي ماڊرن زماني ۾ زلزلن ۽ بارشن کي منهن ڏيڻ لاءِ Earth Quake Proof ۽ انيڪ ماڙ گهر ٺاهيا وڃن ٿا. ۽ بارشن جو پاڻي آساني سان ترڪڻ لاءِ انهن گهرن جون ڪنڊائتيون ڇتيون آهن. اهي فلئٽ يا گهر نه فقط ڊيگهه ۽ ويڪر ۾ ننڍا آهن پر اوچائي ۾ پڻ. ڇتيون ايتريون ته هيٺ آهن جو ايئرڪنڊيشنر بدران جيڪڏهن ڪو ڇت ۾ پکو لڳائي ته ان پنکي هيٺان ڪو لنگهي نه سگهي سواءِ ان شخص جي جيڪو خودڪشيءَ جي موڊ ۾ هجي.
جپاني هر گهر ٻن يا ٽن ننڍڙن ڪمرن تي مشتمل آهي جيڪو پنج ڇهه ڀاتين لاءِ ڪافي سمجهيو وڃي ٿو. پر ڪيترن شاگردن يا گهٽ پگهار ۽ گهٽ ٻارن وارين فئملين لاءِ هڪ ڪمري جا گهر به عام آهن هر گهر جي ڪمري ۾ ڪکن جو تڏو (تاتامي) ٿئي جنهن جي وچ تي چورس يا مستطيل ڪاٺ جي ميز رکيل نظر ايندي ان ٽيبل هيٺان هيٽر هوندو ۽ اهوئي ڪل فرنيچر، هڪ جپاني اسٽائيل گهر جو سمجهڻ کپي! مهمان يا گهر جا ڀاتي ان ٽيبل جي چوڌاري پلٿ ماري ويهن يا سياري جي موسم ۾ پيرن کي ڪوسو رکڻ لاءِ پوش مٿي ڪري پير ٽيبل اندر وجهي ڇڏيندا. پوءِ مزي سان روايتي چانهه جو ڍڪ ڍڪ ڀري پيئندا. (چانهه جپان ۾ اٺين صديءَ ۾ ئي اچي چڪي هئي پر ٻارهين صديءَ ۾ وڌيڪ مشهور ٿي جڏهن زين ڌرم جي ٻاون سخت زندگي گذارڻ ۽ چلا ڪڍڻ جي دوران چانهه کي Stimulant طور استعمال ڪرڻ شروع ڪيو.)
مٿئين ٽيبل کان علاوه ڪن گهرن ۾ جي ٻيو ڪو فرنيچر هوندو ته اهو هڪ يا ٻه فارميڪا يا شيشي جا ڪٻٽ هوندا يا وري سامان رکڻ لاءِ ڀت ۾ ويڪرا خانا هوندا جي سلائيڊنگ قسم جي در سان ڍڪيل ٿين. سمهڻ مهل ان ٽيبل کي ڪنڊ ۾ اُڀو بيهاري ڪٻٽ مان چادرون ۽ بلاڪيٽ (موسم آهر) ڪڍي پٽ تي پٿاري ڪري سمهن.
جپان ۾ جڏهن پهريون دفعو پهتس ۽ جنهن جپاني گهر ۾ رات وڃي ٽڪيس ته اهڙي ڪوٺيءَ جهڙي ننڍڙي ڪمري واري گهر جي مالڪن کي پنهنجي وطن جي حساب سان ڀيٽي ڏاڍو افسوس ٿيم ته کٽ ته نه ڏني اٿن پر گهر جي ڪنهن ڪوٺيءَ يا اسٽور روم کي خالي ڪري مونکي رهايو اٿن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته بسترو ڏاڍو پسند آيو جيڪو ٿلهي هجڻ جي باوجود نرم هو ۽ مٿان وجهڻ واري سوڙ ڪنهن پکيءَ جي سنهن کنڀن مان ٺهيل هئي.
صبح جو اٿي ڏسان ته منهنجو دوست، پنهنجي زال ۽ ٻن ٻارن سان گهر جي جنهن ٻئي ڪمري ۾ ستو هو اهو ته مون واري ڪمري کان به گهڻو ننڍو هو. پوءِ خبر پئي ته جپانين جا گهر اهڙي نموني جا ٿين ٿا. اهو ته شڪر ٿيو جو منهنجي ان دوست جي گهر ۾وهنجڻ جي جاءِ هئي جا جپان ۾ گهر ۾ هجڻ وڏي عياشي سمجهي وڃي ٿي نه ته جپان ۾ ڪيترا اهڙا گهر آهن جن ۾ فقط ننڍڙو ٽئاليٽ ٿئي، غسل خانو هرگز نه هو وهنجڻ لاءِ پبلڪ باٿ ۾ وڃڻ، جيڪو هڪ تالاب وانگر ٿئي ۽ گهڻو ڪري مردن لاءِ الڳ ۽ زالن لاءِ الڳ ٿئي پر ڪي پبلڪ باٿ اهڙا به ٿين جن ۾ عورتون ۽ مرد گڏ وهنجن.
دنيا جا ماڻهو گهڻو ڪري صبح جو وهنجن پر جپاني شام جو وهنجڻ پسند ڪن. سيارو سخت هجي يا اونهارو پر هو شام جو ئي وهنجندا. پبلڪ باٿ جي خبر مونکي پهرين اوساڪا آفيس جي هڪ ڇوڪريءَ کان پئي جا لنچ ٽائيم ۾ ڳالهين ڪندي ٻڌائي رهي هئي ته مائٽن کان الڳ ٿي رهي ۽ کيس اوساڪا شهر کان پري اڪيدا ڳوٺ ۾ هڪ ڪمري وارو ننڍڙو، پر سستو (مهيني ۾ فقط ڇهه هزار يين مسواڙ وارو) گهر ملي ويو آهي پر اها خامي اٿس ته باٿ روم ڪونهيس. ”ان ڪري پبلڪ باٿ روم استعمال ڪندي آهيان.“
مون کي ڏاڍو تعجب لڳو ته سڄي دنيا ۾ پبلڪ لاءِ سئنيمائن، پارڪن ۽ آفيسن ۾ ٽئاليٽ ته عام آهن پر هتي جپان ۾ هر پاڙي لاءِ غسلخانا به ٿين ٿا. هن ٻڌايو ته اهڙا تالاب جپان ۾ جتي ڪٿي آهن جن ۾ سو ڏيڍ سو کن يين ٽڪيٽ ٿئي ۽ ڏاڍي رش هوندي آهي.
مونکي ياد آهي ته اهو ٻڌي منهنجي چپن تي مرڪ اچي وئي جنهن تي هن شڪي ٿي چيو:
”ها پوءِ ڇا آهي؟“
”ڀلا سئمنگ ڪاسٽيوم پائي وهنجو يا بنا ڪپڙن جي.“
”بنا ڪپڙن جي. ۽ اتي فقط آئون نه هوندي آهيان. ٻيون به ڪيترين ڇوڪرين کان پوڙهين عورتن تائين هونديون آهن. شرم جي ڪهڙي ڳالهه آهي.“
”اهو ته ٺيڪ آهي. مڃان ٿو ته جپانين جي اها به هڪ خصوصيت آهي ته هو ڀري ميڙ ۾ به پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري سگهن ٿا. ۽ توهان لاءِ اڪيلائي معنيٰ ذهني طرح اڪيلائي ۽ نه جسماني اڪيلائي. پر ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ اهو عقيدو آهي ته ٽب يا تالاب ۾ وهنجڻ بدران وهندڙ پاڻيءَ ۾ وهنججي. پر اهو ته تون به قبول ڪندينءَ ته هڪ حوض ۾ ويهه پنجويهه ڄڻا وهنجن، اهو ته Unhygenic ٿيو، جڏهن ته توهان کي صحت ۽ صفائيءَ جو وڏو خيال آهي.“
”جپاني رسم موجب اسان ٽب جي ٻاهران جسم کي مهٽي چڱيءَ طرح صاف ڪري پوءِ حوض اندر گهڙون. جيڪڏهن ڪنهن کي ڪا خاص بيماري نه آهي ته پوءِ ڪا خراب ڳالهه ناهي. هرهڪ جو اهو اخلاقي فرض آهي ته هو اهڙي صورت ۾ يا پيرڊن وارن ڏينهن ۾ پبلڪ باٿ ۾ وهنجڻ بدران خاص الڳ غسلخانن ۾ وهنجي، جنهن جي ٽڪيٽ هن کان ٽيڻي آهي.“
بهرحال اهو جيتوڻيڪ چيو وڃي ٿو ته تالاب جو پاڻي صاف ٿو رهي ۽ فقط جسم پسائڻ ۽ ٽاڪوڙ لاءِ آهي پر مون ڪيترن تالابن ۾ ڏٺو آهي ته منجهند جي وقت جيڪو صاف پاڻي هوندو آهي ۽ حوض جو ترو صاف نظر پيو ايندو، سو شام تائين ڪيترن ماڻهن جي پگهر، مٽي ۽ مر سان ميرانجهڙو ٿي ويندو آهي ۽ حوض جو ترو بلڪل نظر نه ايندو آهي.
۽ اهي Public Bath Houses نه فقط مردن ۽ عورتن لاءِ الڳ الڳ آهن پر ڪيترن جپاني نموني جي هوٽلن (مسافرخانن) ۾ (۽ ڪن ڳوٺن ۾ پڻ ڪچا مٽيءَ جا حوض) آهن جن ۾ مرد عورتن سان گڏ وهنجن ۽ اهو رواج اهڙو عام آهي جو فقط ڌاريوئي محسوس ڪري سگهي ٿو. مڪاني ماڻهن لاءِ ائين آهي جيئن Rush Hours ۾ آمريڪا ۽ يورپ پاسي گاڏين ۾ عورتون مرد هڪ ٻئي ڀرسان لڳي بيٺا هوندا آهن.
جپان ۾ رهندڙ هڪ ڳوٺائيءَ ان قسم جي جپاني پبلڪ باٿ بابت پنهنجو ڪنوارو تجربو ٻڌايو ته اڄ کان ڏهه ٻارهن سال اڳ جڏهن هو پهريون دفعو جپان آيو ته سندس رهڻ هڪ ننڍڙي ڳوٺ جي مسافرخاني ۾ ٿيو، جت ڪيترائي جپاني ۽ سندن فئمليون پڻ ٽڪيل هيون. ”صبح جو ناشتي تي هڪ سهڻي جپاني ڇوڪري سامهون واري ٽيبل تي چانهه پي رهي هئي. هڪ ڌرائين کي پاڻ ڏي گهوريندو ڏسي هوءَ شرمائيندي رهي ۽ پنهنجيون اکيون ملائڻ بدران هيڏانهن هوڏانهن لاڙيندي رهي. شام جو ڊنر کان اڳ آءٌ اڪيلو مسافر خاني جي ٻارهن فٽ ڊگهي تالاب جي گرم پاڻيءَ مان لطف وٺي رهيو هوس ته اتفاق سان اهائي صبح واري شرميلي ڇوڪري اتي اچي نڪتي. هن رسمي طرح جهڪي کيڪاريو ۽ پوءِ چپ چاپ ڪپڙا لاهي پٺيري ٿي بيٺي ۽ تالاب ۾ گهڙڻ کان اڳ واري صفائي (Pre Washing) اسپنچ سان ڪرڻ لڳي. پوءِ ناز سان بنا ڪنهن هٻڪ يا شرم جي تالاب جي ٻي ڪنڊ ۾ فرحت سان وهنجڻ لڳي. آئون اڄ ڏينهن تائين اها پنهنجي ڪيفيت سمجهي نه سگهيو آهيان ته مون کي ان وقت Disappointment ٿي يا مون Relieved محسوس ڪيو جڏهن پنج ڇهه منٽن بعد سندس پيءُ ۽ ماءُ به ان تالاب تي نموندار ٿيا. جهڪي سلام ڪيائون. ڪپڙا لاٿائون. رسم موجب تالاب جي ٻاهران ئي بيهي پنهنجو جسم مهٽي صاف ڪيائون ۽ پوءِ آرام سان پنهنجي ڌيءَ واري پاسي گهڙي اسان سان گڏ ان تالاب ۾ سنان ڪرڻ لڳا، جيڪو ايترو ته ننڍو هو جو ذري گهٽ اسان جي پيرن جا پٻ هڪ ٻئي کي ڇهي رهيا هئا.“