مِني ڪرين، سُستي پمپ ۽ ڊارلنگ رُبي.....
بهرحال آءٌ ان ايئر هوسٽس کان معافي وٺڻ ٿو گهران جنهن مون کي ٽوڪيو کان ڪراچي واري Flight ۾ شئنل فائو عطر جي بوتل ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڏني ۽ سندس ٻاهر لائونج ۾ ترسي انتظار ڪرڻ بدران، ماٺ ڪري بوتل سميت، اچي گهران نڪتس.
جهاز يوڪوهاما (جپان) ۾ بيٺو هو ته ٽوڪيو کان پاڪستان ايمبسيءَ جو سيڪريٽري ظفر شيخ دوستن سان گڏ ملڻ آيو. هن ٻڌايو ته جپان ۾ نه فقط جپاني زبان سکڻ جو مسئلو آهي، پر هتي رهي هتي جي ماڻهن جي رسم رواج جو به خيال رکڻو پوي ٿو. يورپ يا آمريڪا ۾ ته ماڻهو مستن وانگر رهي سگهي ٿو. پر جپان ۾ اڃان تائين پراڻين رسمن رواجن کي مان ڏنو وڃي ٿو. ڪنهن جي گهر وڃبو ته بوٽ ٻاهر لاهبو. آهستي ڳالهائبو ۽ هڪ ئي وقت هڪ کي ڳالهائڻ کپندو. هتي جپان ۾ هڪ ئي وقت ٻن جو ڳالهائڻ معنيٰ جهيڙو ٿي رهيو آهي.
اشفاق ميمڻ چيو: ”منهنجي جپاني زال پهرين دفعي جڏهن ڳوٺ هلي ته جنهن گهر ۾ وڃي ته وائڙن وانگر پئي نهاري. گهر اچي پڇيومانس ته خير ته هو. چوڻ لڳي هر گهر ۾ جهيڙو ڇو پئي ٿيو.“
پاڪستاني يا هندستاني ڊانس عجيب آهي. گاني مطابق محبوب يا محبوبا کي عاشقاڻيون ادائون اکين يا هٿن جي اشارن سان ڏيکارڻيون پون ٿيون. پر ان کان به عجيب جپاني ڊانس آهي. T.V يا فلمن ۾ ته ٺهيو پر هوٽلن ۽ ڪلبن جي ڊانسگ فلور تي به نچڻ وقت، خاص ڪري ڇوڪريون، گاني جي مطلب موجب هٿن، اکين ۽ بدن جي ٻين عضون سان اشارا ڪري ان گاني جي پوري پوري ترجماني ڪن ٿيون. مثال طور: گاني ۾ هوندو ”اچ اچ“ ته هٿن سان سڏڻ جا اشارا ڪنديون، اهڙي طرح وڃڻ، ويهڻ بيهڻ جا اشارا ڪيا وڃن ٿا. کائڻ جا وات سان. سمهڻ جا ڳل تي ٻئي هٿ رکي اکيون بند ڪري. ڪمال ته اهو آهي ته تيز ميوزڪ وارن گانن تي اهي اشارا به ايترائي تيز ڪن ٿيون. شروع شروع ۾ ته اسان جا ڪي جهازي جپاني ڇوڪرين جي ان حرڪت تي کلندا رهيا ۽ سندن نچڻ واريون پارٽنر شڪي ٿينديون رهيون. پر پوءِ ته جپاني ڇوڪرين کان اسان جا همراهه گوءِ کڻي ويا. مجال آهي جو کانئن ڪوبه اشارو رهجي وڃي.
جپان ۾ جنهن ريڊيو يا ٽي ــ وي ڏٺي هوندي، ان کي اها شڪايت ضرور هوندي ته جپان جي T.V يا ريڊيو تان گانا گهٽ ۽ ڳالهيون گهڻيون ٿين ٿيون. جنهن وقت به کول ته ڳالهيون پيون هلنديون. سڄو ڏينهن ڳالهائيندا ۽ پنهنجين ڳالهين تي کلندا رهندا. ۽ وري چرچا به اهڙا بي سُرا ڪندا جن ۾ کل ڀوڳ گهٽ ۽ ٽرڙ پائي گهڻي هوندي. ڪڏهن توهان جو جپان اچڻ ٿئي يا ڪيڏانهن ويندي ٽوڪيو ايئرپورٽ تي ترسڻو پوي ته پنج ڇهه منٽ ٽي ــ وي جو ڪوبه چئنل ذرا ملاحظه فرمائجو.
اڄ اشفاق ميمڻ، گهران نڪرندي وقت چيو: ”رستي تان يونيورسٽي مان ٿيندا هلون.“ مون گهڻوئي نٽايو ته ٻئي دفعي هلنداسين. هينئر شهر جو چڪر ٿا هڻون. ”يونيورسٽي به ته شهر ۾ ئي آهي.“ اشفاق منهنجي ڳالهه نه سمجهي، وائڙن وانگر چيو.
در اصل يونيورسٽي مان مون سمجهيو ته جيئن اسان جي ڪراچي يا سنڌ يونيورسٽي ڏيهه کان نيڪاليل آهن تيئن هتي ٽوڪيو جي يونيورسٽي به پري ٻهراڙيءَ ۾ هوندي.
ٽوڪيو جيڏي وڏي شهر ۾ به ڪڏهن ڪڏهن ڪيڏي ته اڪيلائي ۽ اجنبيت محسوس ٿئي ٿي. ست سمنڊ ڏور انسان ڪيڏو ته پرديسي محسوس ڪري ٿو ۽ وطن جي ياد ڪيڏو ته گُهٽي ٿي. پر ان ڏوريءَ ۾ به مزو آهي تڏهن ته سحر امداد ان جي تمنا ڪئي آهي:
”ست سمندر پار هلي ڪو نئون وسايون ديس،
پل پل پيارو، ساعت ساعت، سونهن سندو سنديس.“
دعا شايد هن پنهنجي ۽ پنهنجي مڙس امداد حسينيءَ جي حق ۾ گهري پر ڦاسي شالامار جهاز جو عملو ويو آهي. اڄ ڇهون مهينو سڀني کي گهران نڪتي ٿي ويو آهي، هن ڌارئين ديس ۾.
اسان وٽ انجڻ روم ۾ هڪ ”آگ وارو“ آهي. ڇا ته سندس باڊي ۽ جسم آهي. ڳري شيءِ کڻائڻي هوندي آهي ته کيس سڏبو آهي. خلاصين سندس نالو Mini-crane رکيو آهي. ۽ هڪ ”تيل وارو“ تمام سست ۽ ڦيڦو آهي. ان جو نالو سندس دوستن ”سُستي پمپ“ رکيو آهي جو پاڻي ٽرانسفر ڪرڻ واري Resiprocating پمپ ڏي اشارو آهي. ٻيا پمپ ته Centrifugal ۽ Gear نموني جا تيز هلندڙ آهن سواءِ مٿئين پمپ جي، جنهن کي ٻاڦ وارن جهازن تي ”سستي ــ پمپ“ سڏين ٿا.
۽ هڪ شيدي ڇوڪرو خلاصي آهي. بلڪل ڏامر جهڙو چلڪندڙ ڪارو رنگ اٿس. پر خلاصي کيس ”ڊارلنگ ــ روبي“ سڏين.
ڪن ڳالهين ۾ هيٺين خلاصين جي زندگي اسان هٿ ٺوڪين آفيسرن کان وڌيڪ دلچسپ ۽ مزيدار آهي. گهٽ ۾ گهٽ هنن کي دماغي ڪم نه آهي. بس ڏينهن جا اٺ ڪلاڪ ڊيوٽي ڪرڻ بعد هو بي پرواه بالم آهن. ڪو فڪر نه اٿن. اسان وانگر چوويهه ئي ڪلاڪ جهاز هلائڻ جو ڀوت سندن سر تي سوار نه آهي. ڪهڙا انجڻ جا مشڪل ۽ طوفان جا الڪا آهن، هو نه سمجهن ۽ نه پريشان ٿين! هر وقت کل، خوشي ۽ ٽهڪن ۾ وقت گذارين اسان کي حال جو ته فڪر هوندو آهي پر چوويهه ڪلاڪن کان پوءِ جيڪو طوفان اچڻو آهي ان جو به اڄ کان بچڻ لاءِ بلو ڳولهڻ لاءِ پريشاني هوندي آهي.