ڪا رنڙ، ڪا بيواهه، ڪا مڙس جا موچڙا کاڌل................
هڪ دفعي سانتيڪا ٽائون جي هوٽل ماڻهن سان ڀريل هجڻ ڪري ٿرڊ انجنيئر نواز شيخ ۽ آءٌ بنا موڪل جي هڪ اهڙي ٽيبل تي وڃي ويٺاسين جنهن تي اڳهين ٻه ڇوڪريون چانهه يا ڪافي پي رهيون هيون. اسان به ڪجهه کائڻ پيئڻ جو هوسٽس کي آرڊر ڏئي پوءِ کانئن تڪلف طور سندن ٽيبل تي ويهڻ جي موڪل ورتي ۽ تعارف ڪرايوسين. هڪ ڇوڪريءَ جو ڪاليج ۾ جاگرافي سبجيڪٽ هو تنهن يڪدم موهن جو دڙو، ٽئڪسيلا ۽ سنڌوندي بابت پڇڻ شروع ڪيو. انهيءَ دوران اوچتو هن کي ڪو خيال اچي ويو ته هوءَ اوپرن ماڻهن سان يڪدم فري ٿي رهي آهي، سو ٻه کن ٻيا جاگرافيءَ جا سوال ڪري، وچ ۾ ڏاڍي مزي سان اسان کان پڇڻ لڳي: “Tell me Please, are you Good men or Bad men?”
مون کان ٽهڪ نڪري ويو ته عجيب چري آهي. ڀلا جي ڪو خراب آهي به ته ڇا هو پاڻ قبول ڪندو. ۽ جي ڪو سٺو آهي ته هن کي ته ويتر خار ويندي ته ڀلا جي سٺو نه آهيان ته پوءِ ڳالهايو ڇو پيون. پر جپاني ماڻهن جي اها سادگي عام آهي. ان وقت به کلندي کانئن پڇيوسين: ”ڇا اهو به جاگرافيءَ جو سوال آهي؟“ پر پوءِ نواز شيخ ڏاڍي مزي سان ليڪچر ڏنو ته انسان جي اوڻاين جو پتو ٻئي کي ئي پئجي سگهي ٿو. هونءَ به ڪابه شيءِ خراب يا سٺي ناهي، پر اسان جي سوچ ئي سڀ ڪجهه ڪري ٿي وغيره وغيره. جا ڳالهه هنن ڇوڪرين کي ته سمجهه ۾ نه آئي پر مونکي به نه آئي.
جپانين ۾ هڪ ٻي به سٺي عادت آهي ته ڪنهن کان به رستو پڇبو يا مدد گهربي ته هو پنهنجا ڏهه ڪم ڇڏي توهان کي دڳ لائيندو، ۽ پوءِ پنهنجي ڪم جي ڪندو.
هڪ دفعي اوساڪا ۾ جهاز تي ويندڙ آخري لانچ ۾ اڃان به اڌ ڪلاڪ کن هو. سوچيم تيسين ڪنهن دڪان تان کير وٺي اچان. رات چڱي لڙي چڪي هئي ۽ ڪافي دڪان بند ٿي ويا هئا. هڪ جپانيءَ کان پڇي ويٺس. بس هو ويچارو هڪ رستي تي وٺي ٻئي تي آڻي، ٻئي تان ٽئين تي. وقت به ختم ٿيندو ويو. گهڻوئي چوانس ته مون بس ڪئي، کير نه کپي پر هن جوان نه ڇڏيو. بلڪ دڪان نه ملڻ ڪري معافيون به پيو وٺي ته دڪان به پيو ڳولي. آخر هڪ هنڌ کير جو کليل دڪان ملي ويو. مون کان وڌيڪ کيس خوشي ٿي. پوءِ ٻڌايائين ته پاڻ هتي اوساڪا جو ڪونهي پر موجي شهر جو آهي. دل ۾ چيم شاباس هجي تنهنجي صبر ۽ حسن سلوڪ کي. پوءِ ڊوڙ پائي اچي وقت تي ٻيڙي جهليم.
هڪ دفعي سب وي گاڏي (ڇڪاٽيٽسو) ۾ ڀر ۾ بيٺل ڇوڪريءَ کان پڪ ڪرڻ لاءِ انگريزيءَ ۾ پڇيم ته هيءَ گاڏي پڪ ڪيوٽو پئي وڃي يا نه. پر هن جواب نه ڏنو. دراصل هن کي ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي ۽ مون کي به پهرين غلط فهمي ٿي ۽ هيٺ سيٽ تي ويٺلن به ائين سمجهيو ته شايد ڇوڪري گهڻي حسين هجڻ ڪري مغرور آهي. هڪ پوڙهي جپاني عورت کي ايترو ارمان ٿيو جو ان ئي وقت اٿي هن ڇوڪري کي Realize ڪرايائين ته هڪ ڌاريو پريشان آهي ۽ هو توکان Guidance ٿو وٺي ته تون جواب ئي ڪانه ٿي ڏين. تنهن تي يڪدم ان ڇوڪريءَ نه فقط کانئس پر لهڻ گهڙيءَ تائين مون کان به معافي وٺندي رهي ته دراصل هوءَ پنهنجن ئي خيالن ۾ گم هئي.
جپاني ڇوڪرين جي ان سلوڪ مان ڪيترائي ڌاريا ناجائز فائدو پڻ وٺڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ دوستي رکڻ لاءِ اڪثر اهوئي بهانو استعمال ڪيو وڃي ٿو. هڪ دفعي يوڪوهاما ۾ اسازا ڪيچو (هتي جي مشهور بازار) مان لنگهي رهيو هوس ته جهاز جو ريفريجريشن انجنيئر محمود هڪ جپاني ڇوڪريءَ کان غلط سلط جپاني ۾ پوسٽ آفيس جو ڏس پڇي رهيو هو. ڇوڪريءَ کي شايد سندس ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي. مون کيس پريشان ڏسي پاڻ ڏنهن ڇڪي چيو ته اچ ته آئون ڏيکاريانءِ. مون کي خبر آهي.
محمود مونسان گڏ ته هليو پر سخت ناراض هو. اڳتي هلي چيائين: ”ڪمال آهي يار ــ ڪهڙي ڪافر کي پوسٽ آفيس جي خبر ناهي. مون ته بهانو ڪري هن جپاني ڇوڪريءَ جي ڪمپني ٿي چاهي.“
هونءَ محمود شل نه ڪنهن جهازيءَ سان گڏ ڪا جپاني ڇوڪري ڏسي. يڪدم ٿڌا شوڪارا ڀري سندس پاسو وٺي چوندس: ”يار پنهنجي جپاني ساهيڙيءَ کي چئه ته ڪا صحيح بستي جپاني ڇوڪري نه ته ڪا رنڙ، ڪا بيواهه، ڪا گهر کان ڀڳل، ڪا مڙس جي مار کاڌل، ڪا ٻارن کان رٺل، ڪا پاڙي جي پٽيل، ڪا رستو ڀليل هجي ته مون لاءِ به ڳولي.“