الطاف شيخ ڪارنر

بندر ديسان ديس

”بندرديسان ديس“ ڪِتاب ڏُور اوڀر جي ملڪن، خاص ڪري جپان، سنگاپور، ٿائلنڊ ۽ سمنڊ تي گذاريل جهاز جي زندگي جو احوال آهي. هن ڪِتاب ۾ الطاف شيخ ڪيترا اهڙا مضمونَ لکيا اهن جيڪي اسان ڪناري تي رهندڙ م اڻهن لاءِ نرالا ۽ حيرت انگيز آهن جهڙوڪ: جهاز تي حلال ۽ حرام گوشت جا مسئلا، تيل مان نقلي وار (Wigs)، پلاسٽڪ جون شيون ۽ عطر پڻ ٺهي ٿو، چين جي مارڪيٽن ۾ جيئرن ڀولڙن جا ميڄالا وڪرو ٿين ٿا، جپان ۾ وڏيرڪي سسٽم جي جھلڪ، جپانين جون حيرت انگيز عادتون….. وغيره.
تيزيءَ سان بدلجندڙ هاڻوڪي دنيا جي پيش منظر ۾ الطاف شيخ هن املهه ڪِتابَ کي نئين سري سان سنواري ۽ ان ۾ نوان واڌارا ڪري ان کي ڇپرايو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 3434
  • 933
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book بندر ديسان ديس

مانواري ياماگچيءَ جي عزتماب زال.....

دنيا ۾ شايد جپاني ۽ بنگالي زبانون ئي آهن جن ۾ ڪا گار يا کهرو لفظ ناهي. خاص ڪري جپاني زبان ته دنيا جي مڃيل Polite زبان آهي. سڪورا گلن جي ملڪ ۾ جپاني زبان کان علاوه جا ڌارئين زبان گهڻي سمجهي وڃي ٿي سا انگريزي آهي. هڪ ڌاريو ماڻهو جپان ۾ جپاني سکڻ بنا انگريزي ۾ ئي جيتوڻيڪ ڪم هلائي سگهي ٿو پر منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن ڪنهن ٽوئرسٽ، جهازيءَ، جپان ۾ نوڪري يا واپار ڪندڙ يا هميشه لاءِ هتي رهندڙ کي جي هن ملڪ جي حسن، سونهن، نزاڪت، رسم ۽ رواج، عظمت، سانت ۽ گوڙ گهمسان مان صحيح طرح لطف اندوز ٿيڻو آهي ته ٿوري گهڻي جپاني ڄاڻڻ ضروري آهي. جپاني ٻولي هڪ شاهوڪار، شاعرانا، آسان ۽ تخيل سان پُر زبان آهي.
هونءَ جيستائين لکڻ جو سوال آهي، جپاني زبان خود جپانين لاءِ به ڏکي آهي. هن ۾ اُچار ڪاٽاڪانا ۽ هيراگانا لکڻين ۾ لکڻ کان علاوه ڪيترن لفظن جا Character چيني نسل جا آهن ۽ ڪانجي سڏجن ٿا. ۽ ڪانجي (جنهن کي ڪي کانجي به سڏين) جپاني زبان جي پٺيءَ جو ڪنڊو سمجهڻ کپي. ڌارين زبانن جا لفظ جيڪي جپاني ۾ استعمال ٿين ٿا سي ڪاٽا ڪانا ۾ لکيا وڃن ٿا. ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ لاءِ اسڪولي ڇوڪري کي گهٽ ۾ گهٽ ٻه هزار ڪانجي (چيني شڪلين وارا) لفظ ياد هجڻ ضروري آهن ۽ پاڻ کي پڙهيل ڳڙهيل سمجهڻ لاءِ ويهه هزار شڪلين وارا لفظ اچڻ کپن. هتي چيني شڪليون Character چيني زبان ۾ به ساڳيا استعمال ٿين ٿا پر اُچاريا مختلف نالن سان وڃن ٿا. مثال طور: جيئن انگريزيءَ جا انگ آهن جي لکيا ته هر زبان ۾ ساڳي طرح وڃن ٿا پر مختلف زبانن ۾ مختلف نالا آهن. مثال طور: 4 جو انگ ڏسي انگريز ”فور“ اُچاريندو، جرمن ”ويئر“، فرينچ ”ڪئاٽر“ روسي ”چيتائر“، جپاني ”يون“، چيني ”شي“ ۽ اسان ”چار“ چونداسين. اهوئي حساب ڪتاب هنن شڪلين وارين زبانن سان آهن. چين ۾ به فقط چيني زبان ڪانه ٿي ڳالهائي وڃي پر اتر کان ڏکڻ تائين ڪيتريون مختلف زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون. مثال طور: دائرين پاسي جي رهاڪن جي چيني پيڪنگ وارن کان نرالي آهي. ان کان علاوه ڪئنٽونيز ۽ منڊارين وغيره چيني زبانون آهن. پاڪستان ۾ جيڪي چيني هوٽلن وارا آهن سي گهڻو ڪري منڊارين ڳالهائين ۽ تمام ورلي ڪي ڪئنٽونيز ڳالهائڻ وارا نظر ايندا. پر انهن سڀني جي لکڻي ساڳي آهي. يعني شڪل ڏسي سمجهي ويندا ته ڇا لکيل آهي پر ڳالهائڻ هڪ ٻئي جو سمجهي سگهندا. انهيءَ ڪري چين ۾ گهڻو ڪري چيني فلمن ۾ ڳالهايل ڊائلاگ هيٺ لکيا ويندا آهن جيئن هر چيني پڙهي، فلم جو مطلب سمجهي سگهي.
اهي ساڳيون چيني شڪليون جپاني لکڻيءَ ۾ به ڪتب اچن ٿيون. ان ڪري جپاني ماڻهو چيني زبان واري اخبار يا رسالو ڏسي ڪافي مطلب سمجهي سگهندو ۽ ساڳي ريت چيني ماڻهو جپان ۾ اچي ماڻهن سان ڳالهائي ته نه سگهندو پر جپان ۾ لکيل بورڊ ۽ نالا پڙهي (بلڪ لفظن جون شڪليون ڏسي) مطلب ڪڍي سگهندو. مثال طور: چين يا جپان ۾ بسن يا ريل گاڏين جي در تي ساڳي شڪل وارا لفظ ٺهيل هوندا جنهن جو مطلب آهي ”اندر گهڙڻ جو رستو“ پوءِ جپاني ان شڪل کي ڏسي ”اريگچي“ پڙهندو ۽ چيني ماڻهو ڪجهه ٻيو. هڪ ٻيو مثال: ”ماڻهو“ يا ”انسان“ لاءِ ماڻهوءَ جي شڪل جهڙو هڪ چيني ڪئريڪٽر آهي، جنهن کي ڏسي جپاني ”هتو“ پڙهندو، معنيٰ ”ماڻهو“ ۽ چيني ”جين“ پڙهندو جنهن جي معنيٰ ساڳي ”ماڻهو“ آهي.
اهي شڪليون جنهن کي ڪانجي سڏجي ٿو قديم زماني کان شين جي شڪلين مطابق ٺاهيون ويون آهن ۽ Pictogram سڏجن يا ٻن ــ ٽن شڪلين کي ملائي خيالي ٺاهيون ويون آهن ۽ Ideogram سڏجن.
جيئن سج جي لفظ لاءِ شڪل ”اڀومستطيل، وچان اڌ ٿيل“ آهي. ۽ وڻ لاءِ وڻ سان ملندڙ شڪل آهي جيڪا ڪرسچئن جي ڪراس جهڙي پر ڪراس جي هيٺين ٻن خانن ۾ ڪڊائتيون ليڪون پڻ ٿين. هاڻ جي انهن ٻن لفظن کي يعني سج ۽ وڻ کي هڪ ٻي مٿان چاڙهي ٺاهبو، (يعني سج وڻ جي پويان نڪري پيو) ته وچانءِ ٽيون لفظ ٿي پوندو جنهن کي جپاني زبان ۾ ”تو“ يا ”هِگاشي“ اُچاربو آهي جنهن جي معنيٰ اڀرندو آهي. ۽ هونءَ به وڻ پويان سج جو اڀرڻ اڀرندي جي نشاني آهي.
بهرحال صحيح طرح سڄي جپاني پڙهڻ ۽ لکڻ لاءِ اڌ ڊزن کن سال گهرجن پر هڪ ڌاريو ماڻهو ڪم ڪڍڻ جيتري جپاني رومن الفابيٽ ذريعي سکي سگهي ٿو، جيڪا هو ڳالهائڻ ۾ استعمال ڪري سگهي ٿو. جپاني گرامر، انگريزن، يورپين يا آمريڪن لاءِ ته ڏکي ٿي سگهي ٿي پر اسان اولهه جون زبانون ڄاڻيندڙن لاءِ بلڪل آسان آهي جو تقريبا ساڳيو گرامر آهي.
جپاني زبان ۾ Consonants ساڳيا انگريزيءَ وارا آهن فقط ايل ڪونهي. جنهن لاءِ پهرين لکي چڪو آهيان ته جپاني ۾ لام بدران ري استعمال ٿئي ٿو. جيئن ليمن کي ريمنو ۽ سليپر کي سورپيا سڏين. بيس بال کي بيسو بورو. ۽ هر ڪانسوننٽ پويان واول ضرور هوندو. (مٿيان سڀ انگريزي جا لفظ آهن جي جپانيءَ ۾ جذب ٿي ويا آهن ۽ عام طرح استعمال ٿين ٿا. اهڙي طرح سان ٻيا به ڪيترا انگريزي جا لفظ جپاني ٻولي ۾ آهن. مثال طور: نائفو (ڪپ)، فوڪو (ڪانٽو)، ڪوپو (ڪوپ)، ڪوهي (ڪافي)، نيڪوٽائي (نيڪ ٽائي) وغيره.
انگريزي لفظن کان علاوه جپاني زبان ۾ ٻيا به ڪيترائي ڌاريا لفظ آهن خاص ڪري يورپي زبان جا، جن جا پورچوگيز، فرينچ ۽ اسپيني جهازي گهڻو گهڻو اڳ هتي ايندا رهيا. جپاني چانور کائيندڙ قوم آهي ۽ سندن مانيءَ سان ڪو واسطو ناهي پر پورچو گيزن هتي ڊبل روٽي جو اچي تعارف ڪرايو. پورچوگيزي زبان ۾ ڊبل روٽيءَ ۽ عام اڦڙاٽي کي ”پائو“ (Pao) ۽ اسپيني زبان ۾ پئن (Pan) سڏجي ٿو. نتيجي طور هاڻ جيڪڏهن توهان کي جپاني هوٽل ۾ ڊبل روٽي گهرائڻي پوي ته ان لاءِ پئن لفظ استعمال ڪري سگهو ٿا. اهڙي طرح ٽيمپورا (سامونڊي کاڌو) پڻ پورچو گيز زبان جو لفظ آهي.
يورپي ۽ مشرقي زبانن وانگر جپاني گهڻو ڪري جنسن جو ذڪر نه ڪندا. مثال طور جپان ۾ مسٽر، مسز ۽ مس لاءِ هڪ ئي لفظ ”سان“ آهي. اسان وٽ يا انگريزي ۾ نالي اڳيان جناب، مسٽر، محترم يا محترمه، ڪماري يا آنسه ڏجي ٿو پر هتي جپان ۾ ”سان“ لفظ هر ماڻهوءَ جي نالي پٺيان ڏبو آهي. مثال طور ”ياماگچي سان“. هاڻ اها شخصيت مسٽر ياماگچي به ٿي سگهي ٿو، مسز ياماگچي به ته مس ياماگچي به، ڇو جو ياماگچي ذات آهي. پر جي ڪنهن کي واضح ڪرڻو آهي ته مسز ياماگچي آهي ته پوءِ ”ياماگچيءَ سان نو اوڪسان“ چوڻو پوندو. يعني ”مانواري ياماگچيءَ جي عزت ماب زال“، (ياماگچي جپان ۾ هڪ مشهور ذات کان علاوه ضلعي جو نالو پڻ آهي. جيئن اسان وٽ ”نواب شاهه“ ماڻهوءَ جو نالو آهي ته ضلعي جو به. هونءَ فقط ”ياما“ لفظ جي معنيٰ جبل آهي ۽ ”گچي“ معنيٰ منهن. يعني غار جو منهن مثال طور: ”فوجي ياما“ معنيٰ فوجي جبل. ۽ ”ديگچي“ معنيٰ ٻاهر نڪرڻ جو منهن، يعني Exit جپان ۾ بسن ۽ سئنيمائن جي درن جي اندرين پاسي ”ديگچي“ لکيل نظر ايندو ۽ ٻاهرين پاسي ”اريگچي“ معنيٰ اندر گهڙڻ جو منهن يا رستو.
ساڳي طرح جپاني جملي ۾ ضمير به گهٽ استعمال ٿئي ٿو. ڪن جڏهن ضرورت پوندي آهي ته پوءِ وتاشي (آئون)، اناتا (تون)، انوهتو (هي)، وتاشي دوسو (اسين) وغيره استعمال ڪن. مثال طور ”اڪيماس“ زمان حال جو جملو آهي ۽ معنيٰ نڪري ٿي ”وڃي ٿو“ ــ پر ”ڪير وڃي ٿو؟“ اهو ڳالهائيندڙن کي سمجهڻ کپي، جو هو حالتن کان واقف آهن. پر جي ڪڏهن ڪنهن کي غلط ـ فهميءَ يا شڪ آهي ته پوءِ ان صورت ۾ وضاحت ڪري سگهجي ٿي. باقي نارمل حالتن ۾ اهو عجيب ٿو لڳي ته ڪو چوي: ”وتاشي گا ٽوڪيو اڪيماس“ (آئون ٽوڪيو وڃان ٿو.) بس فقط ”ٽوڪيو اڪيماس“ (ٽوڪيو وڃان ٿو) چوڻ ڪافي آهي. ٻي ڳالهه ته جپاني زبان ۾ زمانن لاءِ فعل جي پڇڙي بدلائڻي پوي ٿي. مثال طور: ”اِڪي ماس“ معنيٰ ”وڃي ٿو“ ”اِڪي ماشتا“ معنيٰ ”ويو“ ۽ ”اڪي ماشو” معنيٰ ”ويندو.“ ۽ جي اهو جملو سوالي ٺاهڻو هجي ته آخر ۾ ”ڪا“ وجهجي. يعني اڪي ماسڪا، اڪي ماشتاڪا يا اڪي ماشوڪا.
جپاني زبان ۾ صفت سنڌي، اڙدو، انگريزي زبانن وانگر اسم جي اڳيان اچي ٿي. مثال طور: شروعي ڪامي (اڇو پنو)، انسوڪشي ڪمونو (سهڻو وڳو)، وروئي تيريبي (خراب ٽيليويزن)، ڪُروئي ڪُستو (ڪارا بوٽ)، اڪائي هانا (ڳاڙهو گل) وغيره.
آخر ۾ ڪجهه جملا جي في الحال نئين ايندڙ لاءِ عام استعمال ۾ اچي سگهن ٿا.
دومو اري گاتو (وڏي مهرباني).
دو اتاشي ماشتا (مهرباني جي ڪهڙي ڳالهه).
اوهيو (صبح جو سلام).
ڪونيچوا (منجهند جو سلام)
سايو نارا (خدا حافظ).
ڍوڪو ڊيسڪا (ڪٿي آهي).
مٿئين جملي جي اڳيان هوتيرو (هوٽل)، يوبين ڪيوڪو (پوسٽ آفيس)، يوبين باڪو (پوسٽ آفيس جو دٻو) اِڪي (اسٽيشن)، هڪوجو (ايئرپورٽ، ايگا (سئنيما) يا ميسي (دڪان) وغيره ڏئي ان بابت پڇي سگهجي ٿو.
اڪورا ڊيسڪا – گهڻي قيمت آهي؟
هائي – هائو.
ايني – نه.
چوتومت ڪُداسائي – هڪ منٽ ترسجو.
ڊينشا – اليڪٽرڪ گاڏي.
ڇڪاٽيٽسو – زمين دوز گاڏي.
ڪيپو – ٽڪيٽ.
يوئي – سٺو.
وروئي – خراب.
چيزائي – ننڍو.
سڪوشي – ٿوري.
وڪاريمانس – نٿو سمجهان.
وڪاريماشتا – سمجهيم.
دامي ناءِ – صحيح نه آهي.
جپان جو سرڪاري نالو نپان (Nippon) (اڀرندڙ سج جي زمين) آهي. هڪ ڪاليج جي شاگرد کان پڇيم ته جپان لفظ توکي پسند آهي يا نپان؟
چيائين: ”نپان!“
”ڇو ڀلا؟ خراب ته لفظ جپان به نه آهي. جڏهن ته سڄي دنيا توهان جي ملڪ کي جپان جي نالي سان سڃاڻي ٿي. سٺي ۽ بهترين شيءِ جي ساک لاءِ جپان جو نالو ئي ڪافي آهي.“
”نه. پر اسان کي ڪي ڪي آمريڪن ڌڪار مان جئپس (Japs) سڏين ٿا. ان ڪري اسان کي خراب لڳي ٿو. ۽ هونءَ به اسان جي ملڪ جو اصلي ۽ صحيح نالو ”نپان“ آهي ۽ اسين جپاني ٻوليءَ ۾ پنهنجي ملڪ جو نالو نپان ئي لکون ٿا.“