جپانين جون حيرت انگيز عادتون
بهرحال جپان جا اهي پبلڪ باٿ هائوس ڏينهون ڏينهن گهٽبا وڃن ۽ جيڪي نوان گهر ٺهي رهيا آهن انهن ۾ ننڍي يا وڏي باٿ روم جي گنجائش رکي وئي آهي هانگ هانگ جي Eastern Review رسالي مطابق گذريل پنجن سالن ۾ جپان ۾ اڍائي هزار کن اهڙا تالاب بند ٿي چڪا آهن ان هوندي به اڃان سورهن هزارن کان مٿي اهڙا تالاب جپان جي مختلف شهرن ۾ آهن.
ان کان علاوه جيئن ته اسين ڌاريا جپانين جي انهن ڳالهين تي حيرت جو اظهار ڪريون ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن چٿرون به ڪريون ٿا ان ڪري هاڻ جپان جي ڪيترن شهرن يا مسافرخانن جي پبلڪ باٿن ۾ اسان ڌارين کي ويجهو نٿا اچڻ ڏين.
مون سمجهيو جپان ۾ فقط جپاني ماڻهن جا گهر ننڍا آهن، هڪ دفعي اسان جو جهاز يوڪوهاما بندرگاه ۾ آيو ته منهنجي ڳوٺ جي ڪلاس ميٽ عبدلارزاق ميمڻ جي ننڍي ڀاءُ اشفاق ميمڻ ٽوڪيو ۾ سندس گهر هلڻ ۽ هڪ رات رهڻ لاءِ چيو. آئون يڪدم تيار ٿي ويس. ٽوڪيو شهر جي ڀر ۾ هڪ شپ يارڊ اشڪاوا هريجيما ۾ جهاز جي مرمت ٿي رهي هئي ۽ مون گوڙ کان به بچڻ چاهيو ٿي. سڄي شام ٽوڪيو جي گنزا ۾ گهمندا رهياسين. رات جو ٽيوب (ڇڪاٽيٽسو) ذريعي سندس گهر آياسين ته خبر پيئي ته باٿ روم ته ڪانهي پر Toilet به چئن پنجن گهرن لاءِ هڪ آهي. سندس هڪ ڪمري ۽ بورچيخاني وارو ساڳيو جپاني اسٽائيل جو گهر هو! وچ تي تڏي مٿان ننڍڙي ٽيبل رکيل هئي جنهن جي چوڌاري ويهي چانهه پيتيسين. اندازي سان حساب لڳايم ته ڪمرو ايترو ننڍو آهي جو ٽيبل کي کڻڻ سان ايتري جاءِ ٿئي جو پورا ٻه ماڻهو سمهي سگهن. سامهون فرج مٿان ٽي.وي رکيل هئي ۽ ان ڀرسان ننڍڙو ڪٻٽ ڪتابن سان ڀريل هو. ڪٻٽ مٿان ريڊيو ۽ مووي ڪئميرا ۽ ٻيو سامان هو پاسي کان بوٽن جي قطار ۽ مٿي ٽنگڻيءَ ۾ ڪپڙا ٽنگيل هئا. ساڄي پاسي شيشي جي در وارو سلائيڊنگ جو ڊگهو ڪٻٽ هو جنهن ۾ ٽي چار سوڙين جهڙا بلاڪيٽ (فوتان) هيٺان مٿان وڇائڻ لاءِ ٽي چار وهاڻا (ماڪارا) رکيل هئا.
اشفاق سان گڏ سندس هڪ ننڍو ڀاءُ آفتاب ۽ هڪ ميڪسيڪو جو همراه رهيو ٿي. اشفاق جو ننڍو ڀاءُ ته سپورو (هڪيدو) موڪلن تي ويل هو پر سندس ٽيون روم ميٽ ميڪسيڪو وارو جنهن ٽوڪيو جي يونيورسٽي ۾ انگريزي پڙهائي ٿي، سو ان وقت آيو ۽ اچي اسان سان چانهه تي شريڪ ٿيو. هو سڄو وقت پٽاٽو چپس به کائيندو رهيو ته ٽي ــ وي تي سنتوري شراب وارن طرفان ايندڙ Late – Night پروگرام ۾ ڏيکاريل جپاني ڇوڪرين کي گاريون به ڏيندو رهيو.
منهنجي حساب مطابق هن ڪمري ۾ اسان ٽن جو سمهڻ نه فقط مشڪل پر ناممڪن هو. اشفاق تڪلف ۾ مونکي پنهنجي هن گهر ۾ ڇڪي ته آيو هو، پر مونکي خيال ڪرڻ کتو ٿي. بهرحال وقت اڃان هو. اشفاق کي زور ڪيم ته هل ته جهاز تي موٽي هلون جو صبح جو مونکي ڊيوٽي لاءِ به سوير اٿڻو هو. آخري گاڏيءَ ۾ موٽي جهاز تي اچي رهياسين. اشفاق کي جهاز جي هڪ خالي ڪئبن کولي ڏنم ۽ آئون اچي پنهنجي ڪمري ۾ سمهي رهيس.
صبح جو اشفاق جي ڪئبن ۾ چانهه پيئڻ ويس ته هن وري ڏک ڪيو ته سندس گهر ڇونه ٽڪيس.
”ڳالهه مڙيئي ساڳي آهي. اجايو ٽنهي کي تڪليف ٿئي ها.“ مون سمجهايومانس.
”نه يار ڇو؟ ٽيبل کڻون ها ته پاڻ ٻن لاءِ ڪشادي جڳهه ٿي وڃي ها.“ اشفاق مون کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
”۽ هو ٽيون ميڪسيڪو جو مسخرو؟“ مون پڇيومانس ”اهو ان Sliding واري ڪٻٽ ۾ سمهي ها“.
تنهن تي کلندي پڇيومانس ته ڪٻٽ ته سڄو سامان سان ٽٻ هو.
”سامان ڪٿي هو،“ اشفاق سمجهايو، ”هنڌ بسترا ته هئا. سي ته پاڻ ڪڍي وڇايون ها ۽ هڪ هو پنهنجي سمهڻ لاءِ رکي ها. هميشه جيان.“
اسان جي ملڪ جا ماڻهو جيڪي گهمڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن لاءِ جپان اچن ٿا يا تعليم يا نوڪري خاطر وڏي عرصي لاءِ اچن ٿا انهن لاءِ هتي جپان جي ڪلچر ۽ هتي جي رهواسين جي رسم رواج ۽ عادتن جون ڪجهه ڳالهيون لکڻ چاهيان ٿو. اسان جي ماڻهن کي کپي ته انهن ڳالهين ڏي ضرور ڌيان ڌرين. هونءَ ته جپاني اهو سمجهن ٿا ته هنن جي ملڪ ۾ ايندڙ ڌاريا جيئن ته سندن ڪلچر ۽ رسم و رواج کان واقف نه آهن ان ڪري هنن جون ڪيل غلطين ۽ ڪوتاهين کي هو دل ۾ نٿا ڪن پر تنهن هوندي به هڪ ڌاريي کي کپي ته هو ٻئي جي ملڪ جي رسم و رواج مطابق هلي. هن کي هر وقت اهي ڳالهيون ڌيان ۾ رکڻ کپن جيڪي جپان جا ماڻهو پسند ڪن ٿا.
• جپان جي گهر توڙي مسارخانن ۾ (جنهن کي هو ريوڪان سڏين ٿا) هميشه جتيءَ بنا گهڙجي. گهر گهر جي در وٽ گهر جي ڀاتين ۽ مهمانن جي بوٽن رکڻ جي جاءِ ٿئي ٿي. جپان ۾ هر هر بوٽ لاهڻ ۽ پائڻ جي ڪري هتي جا ماڻهو سليپر ٽائيپ بوٽ پائين ٿا جيئن ڪهيون (ڪَشا) کولڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ گڪو نه ٿيڻو پوي.
• جپاني گهرن ۾ توهان جورابن سان گهڙي سگهو ٿا پر ان لاءِ ضروري آهي ته پنهنجا جوراب گهران چيڪ ڪري نڪرو ته اهي ميرا ته نه آهن يا انهن ۾ ڪو سوراخ ته نه آهي جو اهي ڳالهيون ٻي جي گهر ۾ شرمندگي جو سبب بنجن ٿيون.
• ڪيترن گهرن ۾ اندر گهڙڻ لاءِ ٻاهرين در وٽ چئمپل رکيل ٿين ٿا. اهڙي صورت ۾ در وٽ پنهنجو بوٽ لاهي چئمپل پائجي. ان چئمپل سان توهان گهر اندر گهڙي سگهو ٿا پر وهڻ واري ڪمري ۾ جيڪڏهن تاتامي (تونئري، سنهي نک جو تڏو) وڇايل آهي ته پوءِ اهو چئمپل ان ڪمري جي در وٽ لاهي اگهاڙن پيرن سان اندر وڃڻ کپي جو اها تاتامي ايڏي نازڪ ٿئي ٿي جو چئمپل سان اکڙي يا خراب به ٿي سگهي ٿي.
• ٽئاليٽ ۾ گهڙڻ لاءِ ان جي در وٽ خاص چئمپل رکيل ٿئي ٿو جيڪو پائي اندر وڃڻ کپي ۽ ٻاهر نڪرڻ وقت ياد ڪري چئمپل کي ان ساڳي هنڌ تي لاهي، ائين ڪري رکجي جيئن اندر گهڙڻ واري کي پائڻ ۾ سهوليت ٿئي.
• جپان جي ڪيترن ئي گهرن توڙي هوٽلن ۾ اڄ به هنن جا پراڻي نموني جا ٽئاليٽ آهن جن کي پاڻ انڊين ٽئاليٽ چئون ٿا، جنهن ۾ اوڪڙون ٿي وهڻو پوي ٿو. ڪيترن گهرن ۽ هوٽلن ۾ هاڻ مغربي اسٽائيل جا ڪموڊ پڻ عام ٿيندا وڃن جن تي ڪرسيءَ وانگر وهڻو پوي ٿو ۽ ڪيترا جپاني اسان ڌارين کي وڏي فخر سان ٻڌائيندا آهن ته ”اسان جي نئين گهر ۾ ويسٽرن اسٽائيل ڪموڊ آهي.“
• جپان جي ڪن هوٽلن ۽ گهرن ۾ نه رڳو مغربي طرز جا هي ڪموڊ اچي ويا آهن پر انهن ۾ ايڏي ته اعليٰ ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وئي آهي جو يورپ وارا به حيران ٿي ويا آهن. ڪموڊ سان گڏ سئچ بورڊ تي لڳل مختلف سئچن کي دٻائڻ سان هيٺ پاسي تي لڳل نلڪي مان پريشر سان پاڻي مٿي اچي جسم جي صفائي ڪري ٿو، ٻئي بٽڻ سان هوا جو ڦوهارو جسم کي خشڪ ڪري ٿو. هڪ بٽڻ کي دٻائڻ سان ڪموڊ جي صفائي ٿيو وڃي. ڪيترن ڪموڊن ۾ ته ميوزڪ وڄڻ ۽ خوشبوءِ جي Spray جو به بندوبست رکيل آهي ۽ ٻُڌڻ ۾ اچي پيو ته جپان جي ٽوٽو ڪمپني اهڙا ڪموڊ به ٺاهي رهي آهي جنهن تي ويٺل رئيس پنهنجو ٽيمپريچر ۽ بلڊ پريشر به چيڪ ڪري سگهندو.
• جپانين جو قد ننڍو آهي ان ڪري جپان جي گهرن توڙي آفيسن جا در اسان کان ننڍا ٿين ٿا. ان ڪري ڊگهي قد وارن کي جپان ۾ خبردار رهڻ کپي جيئن سندس مٿو در جي چوڪاٺ سان نه وڃي لڳي.
• جپاني گهرن ۾ باٿ روم نه ٿئي. هو وهنجڻ لاءِ پاڙي جي پبلڪ باٿ ۾ وڃن. پر هاڻ ڪيترن ئي نون ٺهيل گهرن ۾ وهنجڻ جايون آهن جن ۾ ننڍا پر اونها ٽب نظر اچن ٿا. ٽب اڳيان ڪجهه جاءِ ٿئي جتي بيهي الڳ نلڪي سان، يا رکيل بارديءَ مان ڪريءَ ذريعي پاڻي ڪڍي پنهنجي جسم کي چڱي طرح صاف ڪجي ان بعد گرم پاڻيءَ سان ڀريل ٽب ۾ باٿ ۽ ٽاڪوڙ لاءِ ويهجي. باٿ وٺڻ بعد ٽب جو پاڻي هرگز Drain نه ڪجي. ڇو جو انهي ساڳي پاڻيءَ ۾ گهر جو هڪ هڪ ڀاتي ٿي وهنجي ٿو. اها ڳالهه يورپين توڙي اسان جي ايشيائي غريب ملڪن جي ماڻهن لاءِ جيتوڻيڪ عجيب آهي پر جپان ۾ اها هڪ عام ڳالهه آهي. اسان جي ان حيرت کائڻ ڪري جپاني ان ٽب ۾ پهرين مهمان کي باٿ وٺڻ ڏين ٿا. هونءَ به جپان ۾ ايندڙ ڌارين ماڻهن جي دماغ ۾ اها ڳالهه ضرور هجڻ کپي ته جپان ۾ پاڻي تمام مهانگو آهي. جپان ٻيٽ ئي ٻيٽ آهن جنهن جي چوڌاري سمنڊ جو کارو پاڻي ته ضرور آهي پر مٺي پاڻيءَ جي ڏاڍي کوٽ آهي ۽ وهنجڻ توڙي هار وير جي پاڻيءَ جي قيمت به پيئڻ جي پاڻيءَ جيتري آهي. ان ڪري جپانيءَ جي گهر ۾ پاڻي ضايع ڪرڻ کان گريز ڪجي. هڪ ٻي ڳالهه ته ٽب ۾ پنهنجي جسم تي نه صابڻ هڻجي ۽ جسم کي مهٽجي. ٽب ۾ فقط پاڻيءَ ۾ هجڻ جو لطف وٺجي يا جسم کي ٽاڪوڙ جو احساس ڏيارجي. نه جسم کي صاف ڪرڻ يا صابڻ هڻڻ جو ڪم ٽب ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ، ٽب جي ٻاهران Pre-Washing ۾ ڪجي.
• ڪوشش ڪري ڪنهن به جپانيءَ سان نفي (Negative) جملي ۾ سوال نه ڪجي. جپانيءَ کان ناڪاري جملي سان ڪو سوال ڪرڻ مونجهارو پيدا ڪري ٿو جپاني ان جو جواب ”ها“ ۾ ڏئي ٿو جيتوڻيڪ هن جو مطلب ”نه“ سان آهي. مثال طور توهان ڪنهن جپاني کان پڇندائو ته: ”هي جهاز خراب ته نه آهي“؟ ته هو جواب ۾ ”ها“ چوندو. ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته جهاز خراب آهي پر ان ”ها“ سان هن جو مطلب اهو آهي ته توهان جيڪو جملو ڳالهايو اهو صحيح آهي. يعني ”ها“ توهان صحيح ٿا چئو ته هي جهاز خراب ناهي.“
هڪ ٻيو مثال: توهان ڪنهن ”نان سموڪر“ جپانيءَ کان انگريزيءَ ۾ پڇندائو ته Don’t you Smoke? ته هو ان جي جواب ۾ “Yes” چوندو. يعني ”ييس. تون صحيح ٿو چوين. آئي ڊونٽ سموڪ.“
• جپانيءَ کي صفائي ۽ هائيجن جو تمام گهڻو خيال آهي. هو پنهنجي اردگرد، گهرن توڙي آفيسن ۾ ۽ ويندي گهٽين کي صاف سٿرو رکڻ چاهي ٿو. هڪ دفعي بس ۾ ڪنهن ٻار کان دال جي داڻن جهڙي ڪا شيءِ ڪري پئي ته هن جي ماءُ لهڻ کان اڳ نه فقط بس جي سيٽ کي صاف ڪيو پر سيٽ جي هيٺان ڪريل هڪ هڪ داڻو چونڊي بس کي اهڙي ئي صاف حالت ۾ ڪيو جهڙيءَ ۾ اها هئي. ان ڪري توهان جوجي جپاني گهرن، پارڪن يا آفيسن ۾ وڃڻ ٿئي ته اتي هر شيءِ کي صاف سٿري حالت ۾ رکجو. رستي هلندي توهان کي ڪيترائي مرد توڙي عورتون منهن تي سرجنن وارو ماسڪ پائي هلندي نظر ايندا! هتي جا ماڻهو ٿڌ يا زڪام لڳڻ تي ماسڪ پائين ٿا جيئن سندن بيماريءَ جا جراثيم ٻين کي نه لڳن.
• جپان ۾ ٻين اڳيان نڪ کي سڻڪڻ خراب سمجهيو وڃي ٿو. توهان شايد اهڙي حالت ۾ اهو بهتر سمجهو ته نڪ کي رومال سان صاف ڪجي. پر حقيقت اها آهي ته رومال سان نڪ صاف ڪري ان رومال کي پنهنجي پرس يا کيسي ۾ رکڻ کي هتي جا ماڻهو اڃان به وڌيڪ خراب ۽ ڪراهت آموز سمجهن ٿا. بهتر اهوئي آهي ته ٻئي ڪمري يا ٽئاليٽ ۾ وڃي اتي ٽشو پيپر سان نڪ صاف ڪجي. بهرحال ٽرين ۾ يا ٻين اهڙن هنڌن تي ان مصيبت جو مهاڏو ٿئي ته رومال سان نڪ صاف ڪرڻ کان اهو بهتر آهي ته سڄو وقت سُڻ سُڻ ڪري سنگهه کي مٿي ڪندو رهجي.
• ڪو جپاني دعوت ڏئي ۽ گهر سڏي ته هن لاءِ ڪو تحفو ضرور کڻي وڃجي. هتي جا ماڻهو تحفي طور گهڻو ڪري ڪا کاڌي جي شيءِ: ميوو، ڪيڪ بسڪيٽ يا تازي مڇي کڻي وڃن ٿا. توهان چاهيو ته پنهنجي ملڪ جو ڪو سووينيئر (سوغات) ڏئي سگهو ٿا.
• جپاني هڪ ٻئي سان ملڻ وقت هڪ ٻئي جو پنهنجي گهر ۾ آڌر ڀاءُ ڪرڻ وقت يا موڪلائڻ مهل جهڪي ويلڪم ڪن ٿا يا گڊ باءِ چون ٿا. جپان ۾ ملاقات يا موڪلائڻ وقت هٿ ملائڻ جي رسم ناهي. هڪ پاڪستانيءَ اهو ٻڌي چيو ته جپاني به عجيب چريا آهن! هو اسان جي نظرن ۾ کڻي چريا هجن پر ڏٺو وڃي ته جپان ۾ هڪيدو ٻيٽ کان هيٺ ٻي ڇيڙي تي اوڪيناوا جي آخري ٻيٽ تائين جپاني مردن توڙي عورتن وٽ ملڻ ۽ موڪلڻ جي اها هڪ ئي رسم آهي. سخت مونجهارو ته اسان وٽ آهي جتي ڪنهن دعوت، سرڪاري ميٽنگ يا فنڪشن ۾ اها خبر نٿي پوي ته هڪ مرد ۽ عورت ڪيئن کيڪارين...؟ ڪٿي فقط وات سان هيلو هيلو ڪيو وڃي ٿو، ڪٿي هٿ ملايو وڃي ٿو، ڪٿي مرد عورتن جي مٿي تي هٿ رکن، ڪٿي مٿي تي هٿ رکڻ بعد هنن سان هٿ ملائين، ڪٿي ڪٿي، خاص ڪري شادي جي دعوت ۾ مون ڏٺو آهي (۽ ضرور توهان جو به مشاهدو هوندو) ته ڪي مرد عورتن کي يا عورتون مردن کي ڀاڪر پائي ملن. مڃيان ٿو ته هو ننڍ وڏائيءَ جي آداب ۽ عزت خاطر ڀاڪر پائين ٿا، ۽ اهو به آهي ته هنن جو رشتو ويجهي مائٽيءَ جو هوندو پر اسلام ۾ ته پيءُ کي به اجازت ناهي ته پنهنجي جوان ڌيءَ سان ڀاڪر پائي ملي. ۽ دراصل اسان جي ملڪ جي ماڻهن جون اهي ئي ڳالهيون آهن جن تان ٻين مسلمانن ملڪن جا ماڻهو کلن ٿا ۽ غيرمسلم ملڪن جي ماڻهن کي جڏهن اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته پاڪستان ۾ اسلامي قانون آهي جتي مرد کي عورت سان هٿ ملائڻ نه کپي..... ۽ پوءِ اهي ڌاريا اسان جي ملڪ ۾ جڏهن هي کيل تماشا ڏسن ٿا ته سخت حيرت کائين ٿا.
• جپانين ۾ ٻين لاءِ، خاص ڪري گهر ۾ آيل مهمان لاءِ تمام گهڻي Courtesy آهي. هو ڳالهه ڳالهه تي مهرباني، معاف ڪجو، ڀلي ڪري آيئو..... جهڙا ڪجهه پر تڪلف جملا چوندا رهن ٿا ۽ هو ٻئي کان به اهوئي Expect ڪن ٿا. ان ڪري جپان ۾ ايندڙ ڌارئي لاءِ ضروري آهي ته هو پهرين ڏينهن ئي جپانيءَ جا ڪجهه اهي لفظ ۽ محاورا ياد ڪري ڇڏي جيڪي هرهر ۽ تمام گهڻو ڳالهايا وڃن ٿا. اهي هن ريت آهن:
ڪونيچيوا (Konnichiwa) – توهان جڏهن ڪنهن جي گهر وڃو ته سلام ڪرڻ خاطر ڪونيچيوا چئي سگهو ٿا. ان بعد توهان کي پنهنجي ميزبان کي Gomen Kudasi (گو مين ڪداسائي) چوڻ کپي.
گومين ڪداسائي جي لفظي معنيٰ آهي................ توهان کي تڪليف ڏيڻ جي معافي ٿو گهران.
ميزبان توهان کي ڀليڪار (Welcome) لاءِ توهان کي هنن چئن لفظن مان ڪو چوندو.
Irasshai – اراسهائي
Irassaimase – اراسائي ماسي
Yoku Irasshai Mashita – يوڪو اراسهائي ماشتا
Youkoso – يائو ڪوسو
مٿي ڏنل پهريون لفظ (Irasshai) گهٽ تڪلف وارو آهي ۽ هڪ جيڏن لاءِ استعمال ٿئي ٿو.
گهر ۾ اندر داخل ٿيڻ تي ميزبان توهان کي هنن مان هڪ جملو چوندو.
• دوزو. اوئاگري ڪداسائي Dozo Oagari Kudasai
• دوزو اوهائري ڪداسائي
ٻنهي جو مطلب ساڳيو آهي ته مهرباني ڪري اندر اچ. يا ميزبان جي واتان هي جملو به ٻڌڻ ۾ ايندو:
• دوزو ڪوچيرا اِي (Dozo Kochira e)
ان جي معنيٰ آهي: ”اچ. مهرباني ڪري هيڏانهن اچ.“ جپاني Dozo لفظ تمام گهڻو استعمال ڪن ٿا. جنهن جي معنيٰ آهي مهربان. يا ڪرسيءَ ڏي اشارو ڪري چئجي ته دوزو معنيٰ ڀلي ويهه.
جواب ۾ مهمان گهڻو ڪري هنن ٻن جملن مان هڪ چوندو آهي: اوجاما شِماسُو Ojama Shimasu يا وري شتسوريئي شماسو Shitsurei Shimasu جن جملن جي معنيٰ آهي ”سائين معاف ڪجو.“ (توهان کي بي وقتو ڊسٽرب ڪيوسين). يا وڃڻ وقت اهو جملو چوڻ جو مطلب آهي سائين معاف ڪجو. توهان کي ڇڏڻ جي ڪري رهيا آهيون.
جنهن وقت توهان جو ميزبان توهان جي کائڻ يا پيئڻ لاءِ ڪجهه تيار ڪرڻ لاءِ اٿي ته توهان هن کي چئي سگهو ٿا ته Dozo Okamainaku دوزو. اوڪا مائي ناڪُو (مهرباني ڪري ڪا تڪليف نه ڪريو).
۽ پوءِ ميزبان جڏهن ڪا کائڻ يا پيئڻ جي شيءِ مهمان اڳيان اچي رکندو آهي ته هن کي چوندو آهي:
دوزو! مينشي آگاتي ڪداسائي (Dozo MEshiagatte Kudasai)
اهو جملو ايئن آهي جيئن پاڻ ڪنهن مهمان اڳيان ماني رکي چوندا آهيون ”سائين تڪلف نه ڪجو“، يا ”پنهنجو گهر سمجهو“. يا جيئن انگريز چوندا آهن ته ”پليز هيلپ يوئر سيلف“ وغيره.
۽ ٻه جپانيءَ جا جملا اهڙا آهن جيڪي ڌارئين مهمان کي ياد رکڻ کپن. جن مان پهريون مهمان کي ماني کائڻ کان اڳ چوڻ کپي، اهو آهي:
Itadakimasu (اِتا داڪي ماس) ۽ ٻيو جملو ماني کائڻ کان پوءِ چوڻ جو آهي. جيڪو آهي: Gochisousama Deshita (گوچِي سوئوساما ديشتا)
هتي اهو به لکندو هلان ته ڌارين جي سهوليت لاءِ جپان ۾ ڪيترائي گائيڊ بڪ ملن ٿا جن ۾ ڪيترن ئي اهم لفظن ۽ جملن جي معنيٰ رومن جپانيءَ ۾ لکيل ٿئي ٿي جيئن مون مٿي لکيو آهي. انهن ۾ رومن ۾ لکيل ٻه لفظ Masu ۽ Desu تمام عام آهن. اهي لکيا ماسُو ۽ ديسُو وڃن ٿا پر هميشه ماس ۽ ديس پڙهڻ کپن.
جپاني زبان ۾ ”مهرباني“ لاءِ اري گاتو لفظ استعمال ٿئي ٿو يا ”دومو اري گاتو“ معنٰي تمام گهڻي مهرباني. هونءَ سڄو جملو Domo Arigato Gozaimasu آهي. ۽ ان جي جواب ۾ ”دُو اِتاشي ماشتا“ چئي سگهجي ٿو يعني ”مڙيئي خير آهي.“ يا جيئن انگريزيءَ ۾ چئبو آهي ته Mention it not وغيره.
• اسين ننڍي کنڊ جا ماڻهو توڙي سنڌي پنجابي هجون يا بنگالي تامل................ گفتگو دوران بيحڊ جذباتي ٿيو وڃون. پر هن پاسي جا ماڻهو خاص ڪري ملئي ۽ هي جپاني، جن قومن سان منهنجو گهڻو واسطو رهيو آهي، بيحد ڌيرج وارا آهن. سندن اندر ۾ڀلي باهه جا کورا پيا ٻرن پر ٻاهرين ڏيک ۾ جهڙا ريفريجريٽر ــ سي به کليل دروازي وارا جنهن مان رڳو ٿڌاڻ پئي محسوس ٿئي. اسان ماڻهو ڪنهن سان سڃاڻپ ٿيڻ تي يڪدم فري ٿيو وڃون ۽ ويندي ويندي گندا گندا چرچا ڀوڳ به ٻڌائڻ شروع ڪري ڏينداسين پر جپاني ماڻهو ان معاملي ۾ تمام رزروڊ رهن ٿا.
• جپانين سان بحث مباحثي دوران هڪ ته هنن جو صحيح ۽ پنهنجو Opinion ٿئي ٿو جنهن کي جپاني زبان ۾ ”هوني“ (Honne) يعني Real Opinion سڏجي ٿو ۽ ٻيو ”تاتيمائي“ (Tatemae) يعني Public Opinion ٿئي ٿو. هو گهڻو ڪري تاتيمائي جو اظهار ڪندا جيئن بحث ڪندڙ مجموعي جو سڪون ڊسٽرب نه ٿئي. ٻي ڳالهه ته جپانين ۾ جڏهن هڪڙو ڳالهائي ٿو ته ٻيا ماٺ ڪري ٻڌن ٿا. هن جي ڳالهائڻ دوران وچ ۾ ڳالهائي ڊسٽرب نٿا ڪن. بلڪ ڪڏهن ڪڏهن ته ڳالهائڻ وارو ڳالهائڻ بعد ڪجهه سوچي ٿو ته ٻيا پنهنجو وات بند رکي کيس سوچڻ جو موقعو ڏين ٿا ۽ نئين آيل ماڻهوءَ کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ههڙي گرما گرم ٽاپڪ تي بحث هلندي قبرستان واري سانت ڇو ڇانئجي وئي آهي! ان ڪري جپان ۾ ايندڙن ڌارين کي آئون اهائي صلاح ڏيندس ته ڪنهن به جپانيءَ کي چاهي اهو توهان جو ميزبان هجي، آفيس جو ڪليگ هجي يا گرل فرينڊ ته هن کي ڳالهائڻ يا سوچڻ دوران ڊسٽرب نه ڪريو.
ان معاملي ۾ بقول جهاز جي ريفريجريشن انجنيئر محمود جي آزاديءَ جو خواب ڏسڻ واري حڪايت به ڪارگر نٿي رهي ڳالهه مشهور آهي ته وڻ هيٺان هڪ ستل همراه کي ڪنهن ننڊ مان ٿي اٿاريو ته سج مٿي چڙهي آيو آهي سجاڳ ٿي ته اتان لنگهندڙ هڪ واٽهڙوءَ کيس ستل همراهه کي جاڳائڻ کان منع ڪندي چيس: ”ادا ڇو ٿو ستل کي اٿارين. ٿي سگهي ٿو هو آزاديءَ جو خواب ڏسي رهيو هجي.“
تنهن تي اڳلي وراڻيس: ”جيڪڏهن اها ڳالهه آهي ته پوءِ ته مون کي هن همراهه کي اٿارڻ ئي کپي جيئن آزاديءَ جو فقط خواب ڏسڻ بدران آزاديءَ لاءِ اٿي جدوجهد ڪري.“ سو جهاز جو انجنيئر محمود به جهاز جي نوجوان آفيسر کي نصيحت ڪندو آهي ته جپاني ماڻهو – پوءِ اها ڀلي توهان جي گرل فرينڊ هجي، هن کي ڳالهائڻ يا سوچڻ دوران ڊسٽرب نه ڪجي، چاهي توهان کي پڪ هجي ته هوءَ توهان مان جان ڇڏائڻ بابت سوچي رهي هجي.“
• جپانين جون ڪي ڪي ڳالهيون واقعي ابتيون به لڳن ٿيون. اسان وٽ توڙي يورپ پاسي شرراٽ ڪري چانهن پيئڻ يا ماني کائڻ وقت چشڪا ڏيڻ خراب سمجهيو وڃي ٿو پر جپان ۾ ان ڳالهه کي اهميت نٿي ڏني وڃي بلڪ اسپاگهيٽي ٽائيپ سوپ کي شر شر جا آواز ڪري پيئڻ کي سٺي ڳالهه سمجهيو وڃي ٿو. يا ڊگهي اسپاگهيٽي جو هڪ پاسو وات ۾ وجهي باقي کي زور زور سان Suck ڪري وات اندر داخل ڪندا. بهرحال هي اهي ڳالهيون آهن جن تان اسان ڪئڊٽ ڪاليج توڙي مئرين اڪيڊمين ۾ تعليم دوران هميشه سزائون کاڌيون.
• ٻي ڳالهه اها ته پيالي مان ڀت کائڻ مهل ڪنڌ کي هيٺ جهڪائي کائڻ بدران جپان ۾ پيالي کي مٿي چپن تائين آڻي پوءِ چمچي يا چاپ اسٽڪس سان چانورن کي وات اندر ڌڪيو وڃي ٿو. چاپ اسٽڪس تان ياد آيو ته جيڪڏهن توهان جو جپان يا چين ۾ گهمڻ لاءِ اچڻ ٿي رهيو آهي ته پوءِ ته ٺيڪ آهي پر جيڪڏهن توهان نوڪريءَ لاءِ يا تعليم لاءِ ٻن ٽن سالن لاءِ اچي رهيا آهيو ته توهان لاءِ بهتر اهوئي آهي ته مهيني اندر Chop Sticks جو استعمال سکي ڇڏيو. چاپ اسٽڪس سان کائڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي. پر هڪ دفعو سکڻ سان توهان جي زندگي آسان ٿي پوندي جو چين وانگر جپان ۾ به جتي ڪٿي چاپ اسٽڪس استعمال ٿين ٿيون ۽ ماڻهو چمچي ڪانٽي بدران هنن ٻن تيلين سان هرشيءِ کائين ٿا. هي چاپ اسٽڪس اڳٺ وجهڻين جهڙيون ڊگهيون پر انهن کان ٿورو سنهيون، گول يا چورس شڪل جون ٿين ٿيون.
• جپاني دوستن سان گڏ ڪنهن هوٽل ۾ ماني کائڻ تي ان جو بل نه توهان ڏيو ۽ نه اها اميد رکو ته ڪو ٻيو ڀريندو. جپان ۾ گهڻو ڪري سڀ دوست ڦوڙي ڪري بل ادا ڪن ٿا.
• جپان ۾ هوٽلن جي بئرن، ٽئڪسي ڊرائيورن، حجامن وغيره کي ٽِپ ڏيڻ جي ضرورت ناهي. هوٽلن وارا يا دڪاندار توهان جي پاڇي رقم يعني چئنج، هڪ هڪ سڪو ڳڻي ڏيڻ بدران يڪا ڳڻي توهان جي هٿ تي رکن ٿا. توهان جي ان کي ڳڻڻ کي هو پنهنجي بي عزتي سمجهن ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جپاني محنتي، ايماندار ۽ پنهنجي عزت جو خيال رکڻ وارا آهن. هو ان ريت ڪنهن کي Cheat نه ڪندا. ٻه ٽي يين ترڳائڻ لاءِ ڪو توهان کي گهٽ پئسا ڏئي ۽ توهان جي ڳڻڻ تي هو پڪڙجي پوي ته هن لاءِ ته ”هاراڪري“ ڪرڻ جو مقام آهي. (يعني وڏي خنجر سان پنهنجو پيٽ چيري آپگهاٽ ڪرڻ برابر بيعزتي آهي) البت آئون لڪي لڪي يا پري وڃي پاسيرو ٿي مليل ريجو ڳڻي وٺندو آهيان پر اڄ ڏينهن تائين هڪ Yen جو به فرق نه نڪتو آهي.
• جپان جي هوٽلن ۾ ماني کائڻ بعد توهان کي ڪو ٽوال ملي يا نه ملي پر مانيءَ کان اڳ هٿ صاف ڪرڻ لاءِ ننڍڙو ٽوال گرم پاڻي يا ڪڏهن سخت ٿڌي پاڻيءَ ۾ پسيل توهان کي ڏنو وڃي ٿو.
• چاپ اسٽڪس سان ماني کائڻ بعد اهي پليٽ تي يا ٽيبل تي ليٽائي رکجن. ڪڏهن به ڀت جي پياليءَ ۾ اڀيون نه هڻي ڇڏجن ڇو جو جپان ۾ ان جو مطلب آهي ته ڪو گذاري ويو آهي.