ڪارا، ڳاڙها ۽ اڇا سمنڊ
نقشي ۾ ڏسندئو ته ميڊيٽرينين سمنڊ جي بلڪل اوڀر ۾ دنيا جو هڪ ٻيو اهم سمنڊ بحراسود (بلئڪ سي) آهي جيڪو ته بنهه بند بند لڳي ٿو، پر ائين ناهي. ترڪيءَ جي بندرگاهه استنبول وٽ هڪ تمام سنهي سامونڊي نالي ٺهيل آهي جتان جهاز بليڪ سي ۾ داخل ٿي سگهن ٿا. سمنڊ جي اها سنهي پٽي باسفورس سڏجي ٿي جنهن تي ترڪيءَ جو هٿ آهي. روس هونءَ کڻي طاقتور ملڪ آهي ۽ جڏهن USSR هو تڏهن ته اڃان به وڌيڪ پهلوان مڙس هو پر هن سامونڊي راهداري باسفورس ڪري هن جي هر جهاز کي اچڻ وڃڻ وقت ترڪيءَ کان موڪل وٺڻي پوي ٿي.
روس جا جيڪي اتريان بندرگاهه آهن اهي سال جو ڪو مهينو ٻه مس کليل رهن ٿا باقي سڄو سال برف سان ڄميل رهن ٿا. ان ڪري سندن ڪم جو فقط ”اوڊيسا“ بندرگاهه آهي جيڪو Black Sea ۾ آهي. افسوس جي اها ڳالهه ته اوڊيسا بندرگاهه وارو سمنڊ به سياري ۾ برف ٿيو وڃي جنهن بابت آئون پنهنجي پهرين سفرنامي ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ ۾ لکي چڪو آهيان ته اوڊيسا ۾ رات جي وقت ٺار ٿيڻ ڪري صبح جو جهاز برف جي ٿلهي تهه ۾ ڦاٿل رهيو ٿي. بهرحال روس کي جهاز ته کڻي هڪ کان هڪ ماڊرن ۽ انيڪ آهن پر سمنڊ ۽ بندرگاهن جي معاملي ۾ هن جو ڀاڳ سٺو ناهي. اهوئي ته سبب آهي جو هن کي ڇتائي کڻي ٿي ۽ اسان واري عربي سمنڊ جي ڪجهه حصي کي حاصل ڪرڻ لاِءِ رومانيا ۽ پولنڊ وانگر افغانستان تي به قبضو ڪري هاڻ بلوچستان حاصل ڪرڻ جا خواب ڏسڻ لڳو جيئن گوادر يا ايراني بندرگاهه ”ڇها بهار“ وٽ پنهنجو بندرگاهه ٺاهي سگهي، جتي هن جا جهاز ٻارهوئي ايندا رهن ۽ ائين ايندي ويندي کيس ڪنهن کان موڪل نه وٺڻي پوي جيئن هينئر هن کي ترڪيءَ کان وٺڻي پوي ٿي.
هي بحر اسود (Black Sea) جيتوڻيڪ ميڊيٽرينين سمنڊ کان ننڍو آهي پر تڏهن به سندس پکيڙ چار لک چورس ڪلو ميٽرن کان مٿي آهي ۽ اسان جي وڏي ۾ وڏي صوبي بلوچستان (جنهن جي پکيڙ ساڍا ٽي لک کن چورس ڪلوميٽر آهي) کان به وڏو ٿيو. هن سمنڊ جي ڪناري تي روس، بلغاريا، رومانيا، جارجيا، يوڪرين ۽ ترڪي جي سر زمين لڳي ٿي. منهنجي شروع وارن سامونڊي سفرن ۾، خاص ڪري يوگوسلاويا جي ٺهيل نئين جهاز سندربنس تي نوڪري دوران هن سمنڊ جي روسي بندرگاهه اوڊيسا، رومانيا جي بندرگاهه ڪانستنزا ۽ بلغاريا جي بندرگاهه ورنا ۾ تمام گهڻو وڃڻ ٿيو. اسان انهن بندرگاهن لاءِ مختلف سامان آڻيندا هئاسين.
بحراسود (ڪارو سمنڊ) جيتوڻيڪ ننڍو ۽ چوڌاري زمين هجڻ ڪري بند بند لڳي ٿو جنهن حساب سان هن سمنڊ ۾ نه وڏيون ويرون ۽ ڪُن هجڻ کپن نه خوفناڪ طوفان پر اها ڳالهه ناهي. هن سمنڊ جي سختين جي جهونا جهازي به سڌيون ٻڌائين ٿا. ان جو تجربو هڪ دفعو اسان کي به ٿيو جڏهن جهاز ڪانستنزا (رومانيا) ۽ ورنا (بلغاريا) جو سفر ڪيو. چئن ڪلاڪن جي هن رات جي سفر اسان جهاز هلائڻ وارن کي ته هيڻو ڪري ڇڏيو پر 6 مهينا اڳ جي ورتل نئين جهاز جي به صورت ۽ رنگ روپ اهڙو ڪري ڇڏيو جو مونکي پهريون دفعو احساس ٿيو ته انهن سامونڊي ڇولين جو ڪيڏو سخت هئڊرالڪ پريشر ٿئي ٿو جنهن ۾ جهاز جو رنگ روغن ته لهي ويو پر اڳئين حصي تي اهڙا ته گِهٻ (Dent) پئجي ويس جيئن ڪنهن موٽر ڪار جي ٻاهرين باڊيءَ کي بانٺن سان سَٽجي. سو ڪوبه جهازي اهو نه سمجهي ته هن سمنڊ ۾ رڳو Smooth Sailing آهي. هتي ٻارهوئي سخت سردي، ڪُنون (Under Currents)، طوفان ۽ تيز هوائون ۽ ڌنڌ رهي ٿو. جيڪو حال ميڊيٽرينين سمنڊ جو به آهي. پر بحراسود ۾ سامهون جو ڏيک visibility سراسري 5 ميٽر مس رهي ٿي جيڪا ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ 35 ميٽرن جي لڳ ڀڳ آهي. شايد انهن ڳالهين ڪري بحراسود کي وڏي عرصي تائين بي رحم، بي ترس ۽ بي فيض (Inhospitable) سمنڊ سڏيو ويو ٿي.
بحر اسود جي بندرگاهن ۾ هجڻ دوران مڪاني ماڻهن کان آئون اڪثر اهو پڇندو رهندو هوس ته هن سمنڊ کي ان نالي سان ڇو ٿو سڏيو وڃي ۽ نه فقط انگريزي ۽ عربي زبانن ۾ پر ترڪي جي زبان ۾ به هن سمنڊ کي ڪارا دينز (ڪارو سمنڊ) ۽ رومانيا جي ٻوليءَ ۾ به ماريا نياگرا (سمنڊ ڪارو) سڏيو وڃي ٿو؟
ڪن جو چوڻ آهي ته هن سمنڊ تي ٻارهوئي گهاٽو ڌنڌ ۽ اونده انڌوڪار هجڻ ڪري هن سمنڊ جو نالو ”ڪارو“ پيو آهي ڪن جو چوڻ آهي ته اونهي هجڻ ڪري هن سمنڊ جو نالو پيو آهي. ان ۾ ته ڪوشڪ ناهي ته بحراسود تمام اونهو سمنڊ آهي. ڪن هنڌن تي ته اهو ٻن هزار ميٽرن کان به اونهو آهي يعني سمنڊ ۾ جي ٽٻي هڻجي ته ٻن ڪلوميٽرن کان پوءِ سمنڊ جو ترو نظر اچي.
بهرحال هن سمنڊ تي اهو نالو پوڻ پٺيان اها به حقيقت آهي ته آڳاٽي زماني ۾ چئني طرفن لاءِ مختلف رنگ مقرر ٿيل هئا. اتر لاءِ ڪارو ڏکڻ لاءِ ڳاڙهو ۽ اوڀر لاءِ هئڊو وغيره. هيروڊوٽس هڪ هنڌ بحر احمر (ڳاڙهي سمنڊ) کي ڏکڻ سمنڊ به سڏيو آهي. ترڪن جي تهذيب ۽ حڪومت جو به ايشيا ۽ يورپ جي ڳپل حصي ۾ واسطو رهيو آهي. هنن وٽ به طرفن لاءِ رنگ مقرر آهن جيئن ترڪي جو لفظ “Kara” (ڪارو) اتر لاءِ آهي ۽ Ak (سفيد) ڏکڻ لاءِ آهي. بحراسود اتر ۾ هجڻ ڪري ان تي اهو نالو پيو ۽ ميڊيٽرينين سمنڊ (بحر روم) ڏکڻ ۾ هجڻ ڪري نه رڳو ترڪ دنيا ۾ اڇو سمنڊ سڏيو وڃي ٿو پر عرب به ميڊيٽرينين سمنڊ کي ”بحر ابيض متوسط“ سڏين ٿا. هتي اهو به لکندو هلان ته جتي بحراسود سمنڊ طبعيت ۾ ڏنگو آهي اتي سندس ڪنارو بيحد خوبصورت آهي ۽ رومانيا، بلغاريا، جارجيا جي ڪنارن تي بيحد خوبصورت هوٽلون (Resort) ٺهيل آهن جن ۾ يورپ جا امير ماڻهو عياشيءَ لاءِ اچن ٿا.
”بحر اسود“ سمنڊ جي اتر ۾ هن کان به هڪ ننڍو سمنڊ آهي جيڪو Sea of Azov انگريزيءَ ۾ ۽ ”ازو وسڪي موري“ روسي زبانن ۾ سڏجي ٿو. هي سمنڊ هڪ طرف بحر اسود سان ملي ٿو ته ٻئي طرف کان Don ندي هن ۾ ڇوڙ ڪري سمنڊ جي ليول برقرار رکي ٿي. تمام ننڍڙو سمنڊ آهي پر ننڍو هجڻ جي باوجود ڊيگهه ۾ ڪراچيءَ کان خيرپور تائين ٿيندو. تانگهو هجڻ ڪري منجهس فقط ٻيڙيون هلي سگهن ٿيون. بلڪ هن سمنڊ لاءِ چيو وڃي ٿو ته دنيا ۾ تانگهي ۾ تانگهو سمنڊ آهي جنهن جي سراسري اونهائي 13 ميٽر آهي. تانگهو ۽ گهٽ کارو هجڻ ڪري سال جو وڏو عرصو ڄميل (Freeze ٿيل) رهي ٿو. ڪن ڪن هنڌن تي جتي ڊان ندي ڇوڙ ڪري ٿي، هن سمنڊ جو پاڻي چڱو مِٺو ۽ پيئڻ جوڳو آهي.
سو دنيا جا مڙيئي سمنڊ، سواءِ ڪجهه آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هڪ ٻئي سان سوڙهن ڳچي سمنڊن ذريعي پاڻ ۾ مليا پيا آهن جن جو پاڻي هڪ ٻئي ڏي ايندو ويندو رهي ٿو ۽ ساڳي وقت پاڻيءَ جا جهاز به هڪ سمنڊ مان نڪري ٻئي ۾ پهچيو وڃن. ڪن هنڌن تي ته ڪنهن سمنڊ کي هڪ کان وڌيڪ سمنڊن سان ملائڻ لاءِ هٿرادو ڪئنال کوٽايل آهن. جيئن ميڊيٽرينين هڪ طرف بحراسود سان ته ٻئي طرف ائٽلانٽڪ سمنڊ سان استنبول ۽ جبرالٽر وٽ مليو پيو آهي. پر هن کي ڳاڙهي سمنڊ (Red Sea) سان ملائڻ لاءِ مصر ۾ سئيز ڪئنال کوٽيو ويو آهي. مصر جو پورٽ سعيد بندرگاه ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ آهي ۽ پورٽ توفيق بحراحمر (ڳاڙهي سمنڊ) ۾ آهي. ٻنهي جي وچ ۾ جيڪو مختصر مفاصلو آهي ان ۾ به ٽي کن ڍنڍون آهن: Lake Timash، گريٽ بِٽر ڍنڍ ۽ لِٽل بٽر ڍنڍ. سو ان حصي جي کوٽائي ڪري سئيز ڪئنال ٺاهيو ويو آهي جيئن جهاز جدي، پورٽ سوڍان، عدن ۽ مساوا پهچڻ لاءِ سڄي آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪرڻ بدران هن سئيز ڪئنال مان ئي لنگهي وڃن. اهڙي طرح پَاناما ڪئنال نالي هٿرادو کوٽايل ڪئنال پاناما ملڪ ۾ آهي جيڪو ڪئنال ائٽلانٽڪ سمنڊ کي پئسفڪ سمنڊ سان ملائي ٿو. پر هن ڪئنال ذريعي جهاز ته هڪ سمنڊ کان ٻئي سمنڊ ۾ پهچيو وڃن پر سندن پاڻيءَ جو فري فلو يعني آزاد وهڪرو ناهي جو ٻنهي سمنڊن جي ليول (سطح) ۾ وڏو فرق آهي. جهاز کي اڪارڻ لاءِ ڪئنال کي ڪجهه حصن ۾ ورهايو ويو آهي جن کي لاڪَ سڏجي ٿو. جهاز کي هرلاڪ ۾ آڻي پوءِ ان ۾ وڌيڪ پاڻي ڀري پاڻي جي ليول کي وڌايو وڃي ٿو ۽ پوءِ ان ليول تي جهاز اڳيان هلي ٿو ۽ وري ٻئي لاڪ ۾ بند ڪيو وڃي ٿو. جتي اڃان به ليول وڌائي وڃي ٿي. ائين ڪندي آخر ۾ جهاز ڪئنال جي ان ليول تي اچي ٿو جنهن تي ان سمنڊ جي ليول آهي ۽ واپسي تي مختلف لاڪن ۾ پاڻي جي ليول گهٽائي جهاز کي هيٺ آندو وڃي ٿو. اهو ساڳيو طريقو جرمني جي ڪِيل (Kiel) ڪئنال مان لنگهندڙ جهازن سان اختيار ڪيو وڃي ٿو جيڪو ڪئنال نارٿ سي کي بالٽڪ سمنڊ سان ملائي ٿو.
ائين به نه آهي ته هر سمنڊ ٻئي سمنڊ سان مليو پيو آهي. دنيا ۾ ڪجهه اهڙا سمنڊ به آهن جن جي چوڌاري خشڪي ئي خشڪي آهي يعني اهي سمنڊ Land Locked سڏجن ٿا. اهڙن سمنڊن جي عجيب حالت ۽ زندگي آهي جنهن جو ذڪر اڳتي هلي ڪٿي ڪنداسين.