اداري پاران
شاعري، ادب جو اھو روپ آھي جيڪو احساسن سان ٽمٽار ٿيل ھوندو آھي ۽ پڙھندڙن جي احساسن کي جنجھوڙي وجھندو آھي، دنيا جي انيڪ خطن ۾ شاعريء جا موضوع اتان جي زندگيء جي معيار، ذھانت جي درجن ۽ سماجي حالتن پٽاندڙ جڙندا آھن، پر اھا خقيقت آھي ته ھر ٻوليء ۾ ڪجھ شاعر اھڙا پڻ پيدا ٿيندا آھن جن جي ڏات ۽ ڏانء کي دنيا جون انيڪ قومون عالمي سطح تي مڃتا ڏينديون آھن، سنڌ جي شاعراڻي ادب ۾ پڻ اھڙا برجستا ذھن پيدا ٿيندا رھيا آھن.
اياز امر شيخ جديد سنڌي شاعريء جي ميدان ۾ نئين ٽھيء جو نمائنده شاعر ھجڻ جو اعزاز رکي ٿو، سنڌ جا انيڪ پڙھندڙ کيس وڏي چاھ سان پڙھندا آھن.
روپا پبليڪيشن اياز امر شيخ جو ھي شعري مجموعو منھنجا نظم ۽ تنھنجون اکيون ڇپائي اوھان جي ھٿن تائين پھچائڻ تي سرھائي محسوس ڪري رھي آھي، سنندس ھن شعري مجموعي بابت اوھان پڙھندڙن جي قيمتي راء جو اوسيئڙو رھندو.
روپا پبليڪيشن