چنڊ جي اک تي گُـــذارو ڪندڙ رات ...!!!
هاڻ مون وٽ
جيئڻ جو ڪو به جواز ناهي رهيو
آئون پنھنجا هٿ مٿي ڪرڻ کانپوءِ به
پنھنجو پاڻ ۾ ئي ٻڏي ويو آهيان
پنھنجي پاڻ ۾ ئي مري وڃڻ جو حادثو
آئون پاڻ سان گڏ کنيو وتان
رات کي اکيون ناهن جو مونکي ڏسي سگھي
چنڊ جي هڪڙي اک تي
گذارو ڪندڙ رات کي ڪھڙي خبر ته
ستارن جي ڳڻپ
سج جي سامھون بيھي نٿي ڪري سگھجي
سمنڊ جي اک جو ڳوڙهو
دنيا جي درد جو آخري اظھار آهي
آئون آسمان کي اهو اطلاع به آخر ڪيئن ڏيان ته
زمين منھنجي زندھ هجڻ جو
هڪ به ثبوت هٿ ناهي ڪري سگھي
آئون پنھنجو پاڻ ۾
مري وڃڻ جو ڏک کڻي رُلي رهيو آهيان
رات جيڪا مونکي هڪ ئي اک سان ڏسي رهي آهي
چنڊ جي اڪيلي اک تي هلندڙ رات کي ڪھڙي خبر ته
آئون ٻنھي اکين سان انڌو آهيان
هاڻ مونکي آسمان نظر ناهي ايندو
هاڻ آئون زمين ته ڇا پر
پنھنجو پاڻ ۾ به هلڻ جھڙو ناهيان رهيو
هاڻ مونکي رات کان وڌيڪ
پنھنجو پاڻ مان ئي خوف ٿيندو آهي
هاڻ جيڪو آئون
پنھنجو پاڻ مان به
ڪڏهوڪو ئي مري چڪو آهيان.