هاڻ آئون آسمان تي به هلي ٿو سگھان...!
مون جڏهن به پنھنجا پير
وقت جي واڍن جي حوالي ڪيا آهن
آئون تڏهن کان
هوائن تي هلي ناهيان سگھيو
سمنڊ مٿان ٻيڙن جو هلڻ
منھنجي لاءِ ھڪ ئي جاءِ تي
بيھي رهڻ جي لاءِ ڪافي آهي
آئون پنھنجي مٽي پنھنجي ئي منھن تي ملي
ماڻھوءَ مان مردو ٿي ويو آهيان
ڏينھن ۾ زندھ رهندڙ ماڻھو
رات جو مونکي مون جھڙا ئي لڳندا آهن
گھر جي ڇت تي سمھڻ کانپوءِ
جيترو مون رات کي اگھاڙو ڏٺو آهي
ايترو شايد ڪنھن به نه ڏٺو هجي
آئون پنھنجن پيرن ۾
ڪاٺ جي لڳل ڪلين کي ڏسي
صليب تان وهندڙ رت کي
اکين سان پي ڇڏيندو آهيان
بنا پيءُ جي پيدا ٿيندڙ ٻار
خدا جي خدائي جو ئي معجزو ٿي سگھي ٿو
مونکي اڃان تائين ڪا به
مريم جھڙي ماءُ ناهي ملي سگھي
جنھن ۾ آئون به کڻي پناھ وٺي سگھان
منھنجا زمين ۾ کتل پير
آخر ڇو آسمان تي هلڻ ٿا چاهن...!؟
وقت جي واڍن کي اهو ٻڌائي ڇڏجو ته
مونکي هلڻ جو هُنر اچي ويو آهي
هاڻ آئون زمين ته ڇا پر آسمان تي به هلي ٿو سگھان.