او زندگيءَ جا خواب...!!!؟
ڪيترا ڏينھن لنگھي ويا آهن
پر تون ڪٿي به نظر نٿو اچين
قبر جي اداس مٽي
گلن کي ڀاڪر پائي روئي رهي آهي
۽ سانت جو سمنڊ ويتر وسيع ٿي پيو آهي
آئون تنھنجي تعزيتي بڪ تي
صرف ٻه لڙڪ ڇڏي آيو آهيان
جن صديءَ جيڏي سوڳ جو اعلان ڪري ڇڏيو آ
ساھ ۾ اٽڪيل ڳوڙهن هاڻا ڪيترائي سڏ
تنھنجا ئي پار پڇي رهيا آهن
پر تون ڪٿي به ڪو نه آهين
گھر جي گھٽي کان ويندي شھر جي بازارن تائين
تنھنجو ڪو به تازو ڏنل ٽھڪ ٻڌڻ ۾ ئي نٿو اچي
آخر هيءَ ڪھڙي ڪربلا ٿي آهي
جنھن ۾ رڳو من ماتم ئي ڪري رهيو آهي
۽ تون ڪجهه به نٿو ڳالھائين
بس رڳو خاموش آهين...
تنھنجو اوڀر کان اڀرڻ
اُن رات لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي چڪو هو
جيڪا رات ماڻھن جي ذهنن مٿان هٿرادي ويھاري ويندي آهي
سچ پڇين ته توکانپوءِ
رات ويتر گھري ٿي وئي آهي
ايتري گھري جنھن ۾ اکيون کولي به نٿو هلي سگھجي
سورج...!!!؟
تو جڏهن کان اڀرڻ ڇڏي ڏنو آهي
تڏهن کان اميد مرڪڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي
او زندگيءَ جا خواب
تون آخر ڪيڏانھن هليو ويو آهين...!!!؟
* سورج سجاولي جي وفات تي لکيل.