پبلشر نوٽ:
منهنجي خوشنصيبي آھي ته مون جڏهن شعور جي اک کولي ته سنڌ جي انقلابي شاعر ڪالمنگار ڪهاڻيڪار ڊراما رائيٽر ڊائريڪٽر هدايتڪار رسرچر جي گهر ۾ کولي مون کان اڳ جنهن جا ٽي ڪتاب هڪ اونده جو موت ۽ ٻيو ڪتاب سنڌي ادبي سنگت مرڪز پنهنجي گولڊن جوبلي جي ڏهاڙي سنڌ جي پنجن اديبن جا ڪتاب ڇپيا جنهن ۾ امجد دراني جو ڪتاب مون کي ساڻ کڻجو سنڌي ادبي سنگت گولڊن جوبلي جي موقعي تي ڇپرايو ۽ ٽيون ڪتاب شاهھ لطيف تي رسرچ آرٽيڪل انگريزي ۾ Educational ideology in the poetry of shah latif ڇپجي چڪا هيا. مون کي معراج پبليڪيشن طرفان هڪ ڪتاب شرڪ ڪو آسان مت سمجهو اردو ۾ ٻالڪ پڻي ۾ ڇپرائڻ جو موقعو مليو ۽ هاڻي هي ڪتاب ادب ۽ آرٽ سان لاڳاپيل سنڌي پٺاڻ ڇپرائيندي خوشي ٿي رهي آهي. مون پنهنجي بابا امجد دراني کي ڪڏهن به واندو نه ڏٺو هميشه ڪتاب پڙهندي شاعري لکندي يا رسرچ ڪندي ڏٺو. مون کي اميد آهي ته جي ڪتاب پڙهندڙن لاءِ گهڻي آساني پيدا ڪندو.
مخدوم معراج دراني
معراج پبليڪيشن ڪراچي