لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ادب ۽ آرٽ سان لاڳاپيل سنڌي پٺاڻ

ھن ڪتاب ۾ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين جي 76 سنڌي پٺاڻ ليکڪن، شاعرن، محققن ۽ سائسي ادب سان تعلق رکندڙ شخصيتن بابت آھي، جن مان ڪيترائي اسان جا بھترين دوست ۽ رھنما رھيا آھن. سنڌ ۾ سنڌي پٺاڻن جون سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڏيون خدمتون آهن. هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ تحقيق ڪندڙ محققن لاءِ رهنمائيءَ وارو ڪردار ادا ڪندو.

Title Cover of book ادب ۽ آرٽ سان  لاڳاپيل سنڌي پٺاڻ

آغا سعيد

آغا سعيد

اصل نالو: آغا سعيد احمد
ادبي نالو: آغا سعيد
والد جو نالو: آغا مقبول احمد پٺاڻ
ذات: پٺاڻ
قبيلو: مغل
ڄم جي تاريخ: 15 نومبر 1963ع
تعليم: ڊپلو ما آف ايسوسيئيشن انجنيئر ان اليڪٽريڪل ٽيڪنالاجي
ڪرت: گورنمينٽ ملازم
رھائش: شڪارپور / ڪراچي
لکڻ جي شروعات: 1979ع
ادبي استاد: سمورا اديب
لکيل صنفون: شاعري
ڳايل شاعري: استاد وحيد علي، رحمت علي ميرالي، ذوالفقار علي، ريڊيو پاڪستان حيدر آباد، پي ٽي وي، ڪمپوزر پي ٽي وي، حيدرآباد ريڊيو، ادبي سوشل پروگرامن ۾
ڇپيل مواد: مختلف سنڌي اخبارن، رسالن ۾ اردو شاعري ماھ نور ۾ ڇپي
اڻ ڇپيل مواد: هڪ ڪتاب
ايڊريس: ڪڙي نواب خان شڪارپور
رابطي لاءِ واٽس ايپ نمبر: 0333719888
اي ميل: aghasaeed26@gmail.com
**