لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ادب ۽ آرٽ سان لاڳاپيل سنڌي پٺاڻ

ھن ڪتاب ۾ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين جي 76 سنڌي پٺاڻ ليکڪن، شاعرن، محققن ۽ سائسي ادب سان تعلق رکندڙ شخصيتن بابت آھي، جن مان ڪيترائي اسان جا بھترين دوست ۽ رھنما رھيا آھن. سنڌ ۾ سنڌي پٺاڻن جون سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڏيون خدمتون آهن. هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ تحقيق ڪندڙ محققن لاءِ رهنمائيءَ وارو ڪردار ادا ڪندو.

Title Cover of book ادب ۽ آرٽ سان  لاڳاپيل سنڌي پٺاڻ

امجد درانيءَ جو هڪ اهم ادبي ڪارنامو

امجد درانيءَ جو هڪ اهم ادبي ڪارنامو
سنڌ ڌرتي پيار ۽ پنهنجائپ جي ڌرتي آهي، سنڌو نديءَ جو مٺو ۽ پويتر پاڻي، سنڌ جي مٽيءَ جي خوشبوءَ، هتان جا وڻ، ٽڻ، گل، گاهه، ٻوٽا، سياري ۾ اتر جون هوائون، اونهاري ۾ ڏکڻ جون هيرون، هتان جي آبهوا، ڳيرن، جهرڪين، ڪانون، ڪٻرين ۽ ڪويلن جون ٻوليون، مال متاع سڀ ڏاڍا سهڻا ۽ من موهڻا آهن. جيڪو به سنڌ جي انهن منظرن ۽ مظهرن کي غور سان ڏسي ٿو اهو هن ڌرتيءَ جي حسن جي جادوءَ ۾ سُڪ ٿي ان جي سونهن ۾ گم ٿي وڃي ٿو. پوئي جيڪڏهن ڏسندڙ وٽ علم، ڄاڻ ۽ ڏاهپ آهي ته اهو ان کي پنهنجي انداز سان اظهاري ٿو. سنڌ ۾ مصرين، ايرانين، يونانين کان ويندي عربن، ارغونن، ترخانن، پورچوگيزن، بلوچن، مغلن ۽ انگريزن تائين ڪيئي قومون ڪڏهن لٽ ۽ ڦر مار جي نيت سان ته ڪڏهن وڻج واپار جي ڪري يا وري سير ۽ تفريح جي سانگي ڪيئي قومون آيون. انهن ئي قومن مان ڪي اهڙيون شخصيتون پڻ ٿيون، جن هن مٽيءَ جو رزق کاڌو، سنڌوءَ جو پاڻي پيتائون ۽ سڄي عمر ان پاڻيءَ جو قرض چڪائڻ ۾ گذاري ڇڏيائون. جن ۾ ڪيئي سيد، انگريز، پٺاڻ ۽ ٻين قومن جا مڻيادار ماڻهو شامل هئا. هنن سنڌ سان اهڙو ناتو ڳنڍيو جو هو سنڌ جي سڃاڻ بڻجي ويا ۽ سنڌ سندن سڃاڻ بڻجي وئي. قلندر لال شهباز کان ويندي، شاھ لطيف تائين، سچل سرمست کان ويندي روضي ڌڻي تائين، سردار احمد شاھ لڪياريءَ کان ويندي اعجاز شاھ ۽ سائين غلام رسول شاھ غمناڪ تائين، آغا يعقوب کان ويندي آغا سليم تائين، ارنيسٽ ٽرمپ کان ايڇ ٽي سورلي تائين، ائنيمري شمل کان ويندي برائن بانڊ ۽ ڊاڪٽر پي لنگ هوانگ تائين، آغا غلام نبي صوفي کان ويندي محمد علي پٺاڻ تائين، طارق اشرف کان ويندي مدد علي سنڌي تائين هزارين اهڙيون شخصيتون هونديون؛ جيڪي بنيادي طور تي ته سنڌي نه هيون پر هنن کي سنڌ جي مٽيءَ جو هڳاءُ اهڙو ڀانءِ پيو جو گهڻن کان ته پنهنجي اصلي خانداني ٻولي به وسري وئي ۽ هو سنڌ جا ٿي ويا ۽ سنڌ سندن مسڪن ٿي وئي. يورپي ڏاهن پاران سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي خدمتن تي پياري مختيار ملاح ڪتاب لکيو آهي، کيس جس هجي! جس ته اسان جي پراڻي سنگتي امجد درانيءَ کي به هجي جنهن “ادب ۽ آرٽ سان لاڳاپيل سنڌي پٺاڻ” جي عنوان سان ڪتاب لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ حاجي قمر الدين ترين پٺاڻ کان ويندي، قادر داد خان پٺاڻ، آغا غلام نبي صوفي، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، آغا محمد يعقوب، آغا سليم، آغا نور محمد پٺاڻ، محمد علي پٺاڻ، ڊاڪٽر احسان دانش، رضوان گل، ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ، آغا عمران الحق، اقبال ترين، آغا سعيد ۽ آغا ظفر سميت ڪيترن ئي مشهور ۽ معروف علمي ادبي توڙي آرٽ جي دنيا سان سلهاڙيل ٻين شخصيتن جو تعارف ڏنو آهي. پٺاڻ قبيلي سان تعلق رکندڙ ڪيتريون ئي اهڙيون شخصيتون پڻ آهن، جن تي الڳ الڳ پي ايڇ ڊي ٿي سگهي ٿي. جن ۾ خاص طور تي آغا يعقوب، آغا غلام نبي صوفي، ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، آغا رفيق ۽ ڪي ٻيون شخصيتون شامل آهن. آغا سليم تي ته تازو اسان جي دوست پروفيسر اختر گهنيي پي ايڇ ڊي ڪئي آهي، ۽ گذريل مهيني ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ تي خيرپور يونيورسٽيءَ ۾ ايم فل ٿي آهي، جنهن جو زباني امتحان آئون ئي وٺڻ ويو هئس. پروفيسر محمد علي پٺاڻ تي اسان جو دوست انجنيئر زبير ڪلوڙ اڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي مان منهنجي نگرانيءَ ۾ ايم فل ڪري رهيو آهي.
اڃا ڪيترن ئي اهڙين شخصيتن جو تعارف هن ڪتاب ۾ شامل ٿيڻ کان رهجي ويو آهي؛ جن پڻ علم ادب توڙي آرٽ ۽ سائنس جي ميدان ۾ پاڻ موکيو آهي. خاص طور تي آغا ولي محمد پٺاڻ جنهن پڻ منهنجي نگرانيءَ ۾ شمشيرالحيدري جي شاعري ۽ شخصيت تي ٿيسز لکي ايم فل جي ڊگري ورتي آهي، آغا پير محمد ڪئلاش، آغا الهڏنو دراني، آغا تيمور پٺاڻ، ڊرامه نگار آغا رفيق، تعليمي ماهر آغا روشن علي پٺاڻ، ڪميونيڪيشن سائنسز ۾ پي ايڇ ڊي ڪندڙ آغا گل جنهن جي گهرواري مشهور ماهر لسانيات ڊاڪٽر جنيفر ڪول آهي، براڊ ڪاسٽر آغا محمد علي، پروفيسر آغا شفقت نور سندس ڀاءُ ڊاڪٽر آغا نور جيڪو شاھ لطيف يونيورسٽيءَ ۾ منهنجو پڻ استاد هو، اداڪاره ۽ هوسٽ آغا رافع، آغا شائنه علي، آغا سويرا، آغا صفت علي خان ۽ خود هن ڪتاب جي ليکڪ آغا امجد درانيءَ جي پنهنجي شخصيت تي ڪو خاص ڊاڪيومينٽ موجود ناهي؛ جيڪو نه صرف هڪ بهترين شاعر آهي بلڪه شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ تعليم جي تصور تي ٿيسز لکي هو ايف فل پڻ ڪري چڪو آهي. ظاهر آهي هڪ ئي ڪتاب ۾ سڀ ڪجهه شامل ڪرڻ ممڪن به ناهي. ساڳي موضوع تي سڌارن ۽ واڌارن سان اڳتي ٻيو ڪتاب پڻ لکجي سگهجي ٿو.
بهرحال پياري امجد درانيءَ کي شابس هجي هن هڪ حوالي سان بنيادي ڪم ڪيو آهي، ۽ ڪافي اهڙي معلومات هن ڪتاب ۾ شامل ڪئي آهي، جنهن تائين عام ماڻهوءَ جي رسائي ممڪن نه هئي. هيءُ ڪتاب ڪنهن به تحقيقي مقالي ۾ بنياد جو ڪم ڏئي سگهي ٿو. ادب ۽ تحقيق جي دنيا ۾ هڪ نئون ۽ اهم ڪتاب آڻڻ تي امجد درانيءَ کي مبارڪون هجن.
ڊاڪٽر شير مهراڻي
سنڌي شعبو
ڪراچي يونيورسٽي