مهاڳ:
سنڌي پٺاڻن جون ادبي خدمتون
جس هجي اسانجي آغا امجد دراني کي جنهن ڪيترن مهينن کان سنڌي پٺاڻ اديبن جي متعلق معلومات کي جمع ڪرڻ ۾ مسلسل محنت ڪئي آهي ۽ هڪ وڏو انگ ڪٺو ڪري هڪ ڪتاب به تيار ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌي پٺاڻ ليکڪن ۽ شاعرن جي متعلق معلومات هن ڪتاب ۾ جمع ڪئي آهي، سنڌ ۾ سنڌي پٺاڻن جون سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڏيون خدمتون آهن جيڪي سنڌي ٻوليءَ جي تاجدار شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي کان شروع ٿين ٿيون جنهن جي شاعري سنڌي ٻوليءَ جو پوري دنيا ۾ مانُ مٿانهون ڪيو، جنهن جي شاعريءَ کي عالمي سطح تي مڃتا ملي، ان جا وڏا به افغان هيا ۽ اتان هجرت ڪري سنڌ ۾ آيا. هاڻي واري دور ۾ آغا محمد يعقوب خان شاهه سائين جي ڪلام جو مڪمل 30 سُرن جو انگريزي ۾ ترجمو ڪيو، ان کان پوءِ آغا سليم اردو ۽ انگريزي ۾ منظوم ترجمو ڪيو، آغا غلام نبي صوفي سچل سرمست جي ڪلام کي مرتب ڪري رسالي جي شڪل ۾ ڇپرايو. آغا عبدالنبي عليگ ان جو ڀاءُ ۽ پراڻو آءِ سي ايس آفيسر سابق ڪمشنر بهاولپور سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين جي حيثيت ۾ سنڌي ٻوليءَ تاريخي ۽ ادبي ڪتابن کي جديد اشاعت جي زيورن سان آراسته ڪيو، پاڻ به سنڌي ٻوليءَ جو وڏو شاعر هو ان جي وڏن آغا قادر داد خان دراني شڪارپور ۾ سنڌ جي شاگردن کي اسڪالرشپون ڏئي تعليم جي زيور سان مزين ڪيو، سکر جي گرلس ڊگري ڪاليج آغا نظام الدين خان بابڙ ٺهرائي. هاڻي وري ڏسو ته ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ گل حيات انسٽيٽيوٽ خير محمد آريجن جي ڳوٺ ۾ قائم ڪري سنڌ جي تاريخي دستاويزات کي محفوظ بڻايو آهي. پروفيسر بشير احمد شاد لاڙڪاڻي ۾ سچل ادبي مرڪز قائم ڪري وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ۽ ان جا فرزند ڊاڪٽر رضوان گل ۽ ڊاڪٽر احسان دانش مسلسل ادب جي خدمت ڪري رهيا آهن. پروفيسر ڊاڪٽر شاد صاحب ڪئي تحقيقي ڪتاب لکيا ۽ شاعري ۾ پنهنجو مقام ٺاهيو. لاڙڪاڻي جي ٻئي پٺاڻ اديب محمدعلي پٺاڻ نه فقط شاعري پر ناول، تحقيق، تنقيد، ڪهاڻي، ڊرامن ۾ 30 ڪتاب لکيا آهن. شڪارپور جي اقبال ترين سنڌ جي شاگردن ۾ قومي، سماجي ۽ سياسي شعور اجاگر ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ سنڌي ڊرامن ۾ به وڏو ڪردار ادا ڪيو. ڊاڪٽر عبدالقدير خان افغان (اي ڪيو افغان) لکي تعلقي جي قاضي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو جيڪو باني پرنسپل سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج هاڻوڪي مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جنهن سنڌ ۾ انجنيئرنگ تعليم کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سنڌي فلمن ۽ ڊرامن ۾ شهباز درانيءَ جو نالو ڪنهن ڳجهو آهي، هن سنڌي ٻوليءَ ۽ فن اداڪاري ۾ عالمي شهرت حاصل ڪئي. اهي سڀ ڪمال جا اديب، شاعر ۽ فنڪار هيا. هاڻي آغا ثناءُ الله خان پٺاڻ سنڌي ڪافي ۽ غزل ۽ فن موسيقيءَ ۾ پنهنجو وڏو نالو پيدا ڪيو آهي. اسان جي شڪارپور جي ڳوٺ زرخيل ۾ آغا حاجي قمرالدين ترين جي سنڌي ۽ پشتو شاعري جو مسودو مون ڪابل جي ميوزيم ۾ ڏٺو. انهيءَ ڳوٺ جي مدد خان ترين سگهڙائپ ۽ قصه، داستان گوئي ۾ وڏو نالو ڪمايو.
شڪارپور جي حاجي باران خان شڪارپور ۾ دارالفيوض جي نالي سان مدرسو قائم ڪيو جنهن جي شهرت وسط ايشيا جي ملڪن تائين هئي ۽ ان جا شاگرد هتي پڙهندي ماڻهن ڏٺا. حاجي فقيرالله علوي جا وڏا به افغانستان مان هتي آيا ۽ هتي ديني درسگاهه شڪارپور ۾ قائم ڪيو ۽ راشدي خاندان جي باني حضرت محمد راشد روضي ڌڻي به هن درسگاهه ۾ تعليم حاصل ڪئي جنهن پاڻ به علم جي روشنيءَ کي سنڌ ۾ ڦهلايو ۽ ان جي اولاد مان پروفيسر اسرار احمد علوي سنڌي ٻوليءَ ۾ سيرت جي موضوع تي شاهڪار عالمي شهرت جا ڪتاب مرتب ڪيا، ترجمو ۽ تحقيق ڪري انهن کي قومي ۽ عالمي سطح تي شهرت ڏياري. حيدرآباد جي پروفيسر ڊاڪٽر ممتاز حسين سنڌ جي تاريخ کي سنڌي ۾ مرتب ڪيو ۽ عربن جي دور تي وڏو ڪم ڪيو.
ڳڙهي ياسين جي آغا بدر عالم دراني سنڌي ٻوليءَ ۾ سفرنامه حجاز ڪمال جو ڪتاب لکيو ۽ ڳڙهي ياسين ۾ پنهنجي خرچ تي “آشيانه ادب” جي نالي سان شاهي لائبريري ٺهرائي ۽ ان ۾ هزارين تاريخي ڪتاب ۽ قلمي مسودا رکيا جيڪي اڄ تائين اتي موجود آهن. اها شڪارپور ضلعي ۾ پهرين “سنڌيالوجي” وانگر لائبريري آهي، جيڪا آشيانه ادب جي نالي سان هن قائم ڪرائي ۽ ان ۾ فيض احمد فيض کان وٺي جرمن اسڪالر ڊاڪٽر اين ميري شمل تائين قومي ۽ عالمي سطح جا اهل قلم ايندا هئا جنهن کان پوءِ ان جي سلسلي کي آغا ممتاز خان دراني جاري رکيو ۽ سنڌي ۾ مشاعرا ڪرائيندو رهيو.
زرخيل ڳوٺ جي حاجي قمرالدين ترين پشتو شاعري کي 200 سال پهريائين سنڌي رسم الخط ۾ لکي سنڌي ٻوليءَ جي عظمت کي اجاگر ڪيو ۽ اهو ثابت ڪيو ته سنڌي ٻوليءَ جي رسم الخط ۾ ايتري طاقت ۽ گنجائش آهي جو ان ۾ هر ٻوليءَ جي آواز کي لکي سگهجي ٿو.
پٺاڻن جي خوبي آهي ته هو جنهن به ڌرتيءَ تي رهي ٿو اهو ان ڌرتيءَ جو وفادار فرزند بڻجي رهي ٿو ۽ اتي ئي دفن ۽ ڪفن جو سلسلو قائم رکي ٿو. سو سنڌي پٺاڻن به سنڌ ڌرتي ۽ ٻوليءَ سان وفا ڪئي آهي ۽ هاڻي اسانجي پياري دوست ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت شاعر، ڊرامه نگار، ڪهاڻيڪار آغا امجد خان دراني هي ڪتاب لکي سنڌي پٺاڻ اديبن جو تعارف نامو مرتب ڪري قابل تعريف ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. هي ان سلسلي جي پهرين ڪڙي آهي ان ۾ اڃا اضافو ٿيندو. مان ان جي هن بهترين ڪاوش تي کيس مبارڪ پيش ڪيان ٿو.
نيازمند:
آغا نور محمد پٺاڻ
سابق ڊائريڪٽر اڪادمي ادبيات پاڪستان سنڌ
باره ڪهو ـ مري روڊ اسلام آباد