لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ادب ۽ آرٽ سان لاڳاپيل سنڌي پٺاڻ

ھن ڪتاب ۾ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين جي 76 سنڌي پٺاڻ ليکڪن، شاعرن، محققن ۽ سائسي ادب سان تعلق رکندڙ شخصيتن بابت آھي، جن مان ڪيترائي اسان جا بھترين دوست ۽ رھنما رھيا آھن. سنڌ ۾ سنڌي پٺاڻن جون سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڏيون خدمتون آهن. هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ تحقيق ڪندڙ محققن لاءِ رهنمائيءَ وارو ڪردار ادا ڪندو.

Title Cover of book ادب ۽ آرٽ سان  لاڳاپيل سنڌي پٺاڻ

عبدالجبار ”جوش“

عبدالجبار ”جوش“
اصل نالو: عبدالجبار
ادبي نالو: عبدالجبار ”جوش“
والد جو نالو: شفيع محمد
ذات: سنڌي پٺاڻ
قبيلو: دراني
ڄم جي تاريخ: 21 اپريل 1968ع
تعليم: مئٽرڪ (پي ٽي سي)
ڪرت: پرائمري استاد
رھائش: مٺياڻي ٽائون
لکڻ جي شروعات: سال 1986ع
ادبي استاد: سائين الھنواز “رڪڻائي”
لکيل صنفون: غزل ۽ نظم ٻين ڪيترين ئي صنفن تي طبع آزمائي.
ڇپيل مواد: تاساريون آسون (شاعري)، گلن سرھاڻ آندي آ (گڏيل شعري مجموعو)، لفظن جي سوجھري ۾ (گڏيل شعري مجموعو)
اڻ ڇپيل مواد: ٻن ڪتابن جيترو
ائڊريس: عبدالجبار “جوش” پٺاڻ ٽپال گھر مٺياڻي تعلقه ضلع نوشھروفيروز
واٽس ايپ نمبر: 03083246351
**