ٻه اکر
سنڌ ڌرتي سدائين ٻاهران آيلن کي جيءُ ۾ جايون ڏنيون آهن. ان ڳالهه جو ثبوت اسان کي تاريخ جي ڪتابن ۾ ملي ٿو ته ڪيئن آرين کان وٺي عربن تائين جن مان ڪي ته سنڌ تي ڪاهون ڪري آيا پر ڪجهه عرصو هتي رهڻ کانپوءِ هتي جا ٿي ويا ۽ ڌرتي جي رنگ ۾ رنگجي پنهنجو اصل وطن وساري سنڌي ٿي ويا، ۽ سنڌ جي ڌرتي سان جڙي ويا ۽ ڌرتي ماءُ جي ٿڃ ملهايائون. اسان جي نوجوان ليکڪ امجد دراني به هڪ اهڙي قبيلي جي سنڌ جي لاءِ ڪيل خدمتن کي ياد ڪيو آهي جيئن ته هو پاڻ به ان ئي قبيلي سان واسطو رکي ٿو ۽ اهو قبيلو يا برادري آهي سنڌي پٺاڻ.
هن ڪتاب ...... ۾ جن شخصيت جو ذڪر ڪيو آهي ۽ هن انهن جي ڪمن کي ڳڻايو آهي، انهن مان ڪجهه کي ڇڏي ڪري گهڻائي فنوني لطيف ۽ ادب سان لاڳاپيل آهن، انهي ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ ۾ ايندڙ قبيلن جن ۾ مختلف ملڪن ۽ خطن مان پٺاڻ خاندان سنڌ اچي هميشه لاءِ رهائش اختيار ڪئي ۽ هتان جا ٿي رهجي ويا ۽ ايتري قدر جو هن وقت گذرڻ سان گڏ پنهنجي ٻولي به وساري ويٺا، ۽ مڪمل طور تي ضم ٿي ويا، هي حقيقت رڳو پٺاڻ خاندانن سان لاڳو ناهي پر اهڙا ڪيترائي، بلوچ، پنجابي ۽ ڪجهه هندستان مان آيل خاندان پڻ هتي ضم ٿي چڪا آهن ۽ هن ڌرتي کي پنهنجو ڪيو اٿن.
پٺاڻ خاندانن مان ڪجهه انتهائي وڏا ۽ ناميارا عالم، اديب، ليکڪ ۽ دانشور پيدا ٿيا آهن جن ۾ ڪجهه اهم نالا ڳڻائڻ ضروري ٿو سمجهان جن ۾، منشي خداداد خان جو خاص ڪم انگريزن جي دؤر ۾ سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪرڻ هو، منشي خداداد خان جا ڪيترائي ڪتاب آهن پر سندس اهم ڪتاب ”لب تاريخ سنڌ“ آهي، منشي خداداد خان انگريز سرڪار جو هڪ تمام اهم ۽ وفادار آفيسر ٿي رهيو. ٻين اهم نالن ۾ آغا بدر الدين دراني، آغا غلام نبي خان پٺاڻ، عالم ۽ محقق آغا سليم، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، آغا محمد يعقوب، آغا شهاب الدين، اقبال ترين، ڊاڪٽر اي. ڪيو افغان، ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ ۽ ٻيا ڪيترا اچي وڃن ٿا.
مٿي ڄاڻايل انهن ناليوارن عالمن سنڌ لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي جنهن جو ذڪر محترم امجد دراني ڪيو آهي. امجد دراني کي منهنجي اها گذارش آهي ته هي ڪتاب نهايت ئي مختصر آهي ۽ جڏهن اهو ڪتاب لکجي ۽ ميدان تي اچي رهيو آهي ته ان ۾ اڃا جوڳا تفصيل ڄاڻائڻ گهرجن. ڪجهه نالا هن ڪتاب ۾ اهڙا به آهن جيڪي ڪجهه وڌيڪ تفصيل جا حقدار هئا پر اختصار کان ڪم ورتو ويو آهي، سنڌ جي ٻولي ۽ ادب هڪ ترقي يافته سڌريل ۽ شاهوڪار آهي. سنڌ جي سڀني اديبن، دانشورن، مفڪرن ۽ شاعرن گڏيل طور تي سنڌي ٻولي ۽ ادب جو مان مٿاهون ڪيو آهي.
اڄ جي دؤر ۾ سنڌ تمام ڏکين حالتن مان گذري رهي آهي جن ۾ سنڌ تي ڪافي هلائون ٿي رهيون آهن جن ۾ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن خاص طور تي افغانستان مان ماڻهن جي لڏپلاڻ جو رخ سنڌ طرف آهي. جيڪو سنڌ جي جاگرافي، معشيات، سياست ۽ بيهڪ لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي رهيو آهي، هتي ائين نظر اچي رهيو آهي ته ڪجهه، سنڌي پٺاڻن جا اهم ماڻهو اهڙي قسم جي لڏپلاڻ جي پٺ ڀرائي ڪري رهيا آهن جيڪو عمل هر طرح سان غلط ۽ نامناسب آهي. انهي لاءِ شيخ عبدالرحيم گرهوڙي وارو سوين سال اڳ اهو چئي ويو هو ته ”جڏهن تڏهن سنڌڙي توکي قنڌارئون جوکو“
اسان سنڌين کي ذات پات ۽ قبيلن کان ٻاهر نڪري، قومي سوچ تحت پاڻ کي قومي ڌارا ۾ پوئي اڳيان وڌڻ گهرجي.
محترم امجد دراني جيڪو موضوع چونڊيو آهي اهو پنهنجي جاءِ تي اهم آهي پر جيئن ته اڳ ۾ ذڪر ڪري آيا آهيون ته هن ڪتاب کي وڌائي ۽ مختلف تفصيلن سان آراسته ڪري ڇاڪاڻ ته ان جي سخت ضرورت آهي ۽ اهو سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ اهم باب آهي. اميد آهي ته هو اڃا وڌيڪ محنت ڪندو. آئون هن ڪوشش تي کيس واڌايون ڏيان ٿو.
هتي مان هن ڪتاب جي موضوع سان لاڳاپيل هڪ اهم ڳالهه جي نشاندهي ڪرڻ به ضروري سمجهان ٿو. اُها اِها ته قومن ۽ قبيلن جي لڏپلاڻ ۽ روزگار خاطر هڪ هنڌان ٻئي هنڌ منتقل ٿيڻ وارو عمل فقط سنڌ سان ئي خاص ڪونهي پر اهو هڪ سڄي دنيا جو مسئلو رهيو آهي. جنهن ڪري اوڻيهين ۽ ويهين صدين دوران دنيا ۾ آبادين جي منتقلين بابت سخت قسم جا قانون جوڙيا ويا. شناختي ڪارڊ، ڊوميسائيل، پي آر سي، ويزا سسٽم، پاسپورٽ وغيره جا قانون لاڳو ڪيا ويا ته جيئن ڪنهن به قوم جي مقامي آباديءَ تي ٻاهرين آباديءَ جو دٻاءَ ايترو وڌي نه وڃي جو اها مورڳو اقليت ۾ تبديل ٿي وڃي ۽ ٻاهران آيل ان قوم جي مقامي وسيلن تي قابض ٿي کين پنهنجن بنيادي انساني حقن ۽ معاشي وسيلن کان محروم ڪري ڇڏين. پر تاريخ جي جن دؤرن ۾ اهي قانون ڪو نه هئا انهن دؤرن ۾ سنڌ ۾ ٻاهرين قومن ۽ قبيلن جي آمد ۽ آباد ڪاري ٿيندي رهي ۽ اهي قومون ۽ قبيلا وقت گذرڻ سان گڏ قدرتي ۽ فطرتي ارتقائي عمل جي نتيجي ۾ مقامي اڪثريتي آبادي يعني سنڌي قوم ۽ نه رڳو ضم ٿي ويا پر سنڌ، سنڌي ٻولي، تاريخ، تهذيب، تمدن جي مختلف شعبن ۾ اهم ڪارناما سرانجام ڏئي اهو ثابت ڪيائون ته هُو هن ڌرتي، ٻولي ۽ قوم جا وفادار ۽ نمڪ حلال فرزند آهن. انهن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي وڏن کان وٺي آغا بدر الدين درانيءَ جي علمي ادبي خدمتن تائين تاريخ جو هڪ روشن سلسلو آهي جنهن کي هاڻي سنڌ، سنڌي ٻولي، قوم ۽ ڌرتيءَ جو اهم باب سمجهڻ گهرجي ۽ اسان کي ان تي بيجا طور فخر پڻ ڪرڻ گهرجي.
پروفيسر اعجاز احمد قريشي
**