آغا سليم
اصل نالو: آغا خالد سليم
ادبي نالو: آغا سليم
(1935ع_2016ع)
ولد: آغا عبدالڪريم خان پٺاڻ
جنم: 7 اپريل 1935ع (ڳوٺ ڪڙي عطا محمد، ضلعو شڪارپور)
تعليم: بي. اي.
نوڪري: ريڊيو پاڪستان ۾ ڪنٽرولر جي عهدي تان رٽائر (1995ع)
خدمتون: روزاني ”جاڳو“۽ ”سچ“ اخبار جو ايڊيٽر
پهريون ڇپيل افسانو: ”آهه“ (رسالي فردوس ۾ ڇپيل)
ڇپيل ڪتاب:
“لذت گناهه” (ڪهاڻيون)،
“روشني جي تلاش” (ناوليٽ: 1964ع)،
“چنڊ جا تمنائي” (ڪهاڻيون: 1963ع)،
“اونداهي ڌرتي روشن هٿ” (ناول: 1978ع)،
“درد جو شهر” (ڪهاڻيون)،
“بابا فريد شڪر گنج” (ترجمو ۽ تحقيق: 1984ع)،
“همه اوست” (ناول: 1985ع)،
“پٺاڻ” (ذاتيون)،
“ڌرتي روشن آهي” (افسانا: 1985ع)،
“اڻپورو انسان” (ناول: 1985ع)،
“پن ڇڻ ۽ چنڊ” (شاعري:1986ع)،
“ڍولا مارو” (تحقيق)،
“لالن لال لطيف ڪهي” (لطيف جي ڪلام جو منظوم اردو ترجمو)،
“جهولي لال” (سفرنامو: 2000ع)،
“صدين جي صدا” (شيخ اياز متعلق مضمون: 2005ع)،
“سندهه ڪي موسيقي” (اردو)
“بابا فريد جا دوها”
“شاهه عبداللطيف ڀٽائي” (منظوم ترجمه: 2000ع)،
Mourning Melody (سر سورٺ جو انگريزي ترجمو) Melodies of Shah Abdul Latif Vol. I, II, III انگريزي ترجمو: 2007ع)،
لات جا لطيف جي(2008ع)،
“سچل سچ هي سارا” (تحقيق: 2010ع)،
“فلسفي جون راحتون” (ترجمو: 2016ع)
جيئن سو تارو صبح جو (مرتب: نصير مرزا ، 2016ع)
آغا سليم فن ۽ شخصيت (مرتب: ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو 2019ع)
خواجه غلام فريد جون ڪافيون اردوء ۾ ترجمو ڪيائين.
مشهور ڊراما:
“خواب جو سورج” (1970ع)،
“گل ڇنو گرنار جو” (1971ع)،
“بدمعاش” (جمال ابڙي جي ڪهاڻي: 1971ع)،
“پرهه جا مسافر” (1972ع)،
“سک جي وستي” (1974ع)،
“درد جا پڙلاءَ” (1973 ع)،
“ٽيليفون” (1974 ع)،
“بُري هن ڀنڀور ۾” (1976ع)،
“اڻ کٽ فاصلا” (1976ع)،
“ماٺار” (1977ع)،
“پوياڙي جا پاڇا” (1977ع)،
“چانڊوڪيءَ جو رهبر” (1977ع)،
“پورٽريٽ” (1977ع)،
“تماشو” (1979ع)،
“ڪيڏا سپنا ڪيڏا خواب” (1981ع)،
“سرابن جا مسافر” (2002ع)
ايوارڊ: شاهه لطيف ايوارڊ (2006ع)، صدارتي تمغه حسن ڪارڪردگي (2013ع)
وفات: 12 اپريل 2016ع.
آخري آرامگاهه: ڀٽ شاهه
**