لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ادب ۽ آرٽ سان لاڳاپيل سنڌي پٺاڻ

ھن ڪتاب ۾ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين جي 76 سنڌي پٺاڻ ليکڪن، شاعرن، محققن ۽ سائسي ادب سان تعلق رکندڙ شخصيتن بابت آھي، جن مان ڪيترائي اسان جا بھترين دوست ۽ رھنما رھيا آھن. سنڌ ۾ سنڌي پٺاڻن جون سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڏيون خدمتون آهن. هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ تحقيق ڪندڙ محققن لاءِ رهنمائيءَ وارو ڪردار ادا ڪندو.

Title Cover of book ادب ۽ آرٽ سان  لاڳاپيل سنڌي پٺاڻ

ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ

ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ
اصل نالو: غلام حسين پٺاڻ
ادبي نالو: ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ
ذات: پٺاڻ
ڄم جي تاريخ: 20 ڊسمبر 1935ع
تعليم: ايم اي سنڌي فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن، گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. 1977ع ۾ “سنڌي ناول جي ارتقائي تاريخ” تي پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. پروفيسر سنڌ يونيورسٽي سنڌي ڊپارٽمينٽ
ڪرت: اديب، شاعر، محقق، ادب ۽ تحقيق تي ڪيترائي مقالا لکيا آهن.
رھائش: حسن آباد گدو بندر حيدرآباد
لکيل صنفون: تحقيقي مقالا ڪتاب
ڇپيل مواد:
اڻ ڇپيل مواد: ڪتاب ۽ مقالا
1. سنڌي ناول جي ارتقائي تاريخ، 2. تحقيق جو فن، 3. شاهه جي ڪلام ۾ هدايتون شامل آهن، جڏهن ته سندس ٻه ڪتاب 1. سماجي سائنس جا تحقيقي اصول ۽ 2. ادبي، تاريخي، تحقيق جا اصول، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ڇپائي رهي آهي. ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ کي “تحقيق جو فن” ڪتاب تي، پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس، 1987ع ۾ انعام ڏنو. ان کانسواءِ کيس “شاهه جي ڪلام ۾ تصوف” مقالي تي پڻ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران 1988ع ۾ انعام ڏنو ويو.
**