سنڌ لاءِ ساڃاهه
دنيا ۾ انساني نسلن جي لڏپلاڻ ٿيندي رهي هي ۽ رهندي دنيا تائين مختلف سببن جي باعث ٿيندي رهندي، انهيءَ سلسلي تحت سونهاري، سٻاجهڙي، سيبتي سنڌ ۾ به اسانن جي اچڻ ۽ وڃڻ جو سلسلو تا حال جاري ساري آهي، ۽ اهو سلسلو رهندي دنيا تائين جاري رهندو. انهيءَ عمل کي ڪنهن به صورت ۾ روڪي نٿو سگهي. هن خطئه سنڌ جي سرزمين ۾ ڪيئي نسل، قبيلا اچي آباد ٿيا، ڪي اڄ به آباد آهن ته ڪي کپي کاڄي ويا جيئن برهمڻ، راءِ، ٻڌمت، جِين وغيره ته ڪي اڄ به آباد آهن جيئن عرب نسل، مغل، ترڪ ۽ تاتار نسل وغيره.
امجد درانيءَ جو ڳٽڪو سنڌ ۾ آباد ٿيل پٺاڻن متعلق آهي جن سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ ادب و ثقافت جي حوالي سان پنهنجون خدمتون سرانجام پئي ڏنيون ۽ ڏيئي رهيا آهن. يقينن هنن پنهنجي وت ۽ اذن مطابق خدميون ڪيون آهن انهن جا نالا تاريخ جو حصو آهي. تاهم امجد سنڌ ۾ رهندڙ غوري، غزنوي، لوڌي، سرهندي ۽ سيد گهراڻن جي ڪيل خدمتن جو ذڪر خير ناهي ڪيو. بنيادي طور سيد عبدالڪريم بلڙي واري ۽ سيد عبداللطيف ڀٽائيءَ جو خاندان به هرات جو رهاڪو اهڙيءَ طرح سرهندي فاروقي پيرن جو تعلق به ڪابل سان رهيو آهي انهن جون خانقاهون مٽياري، سامارو، ٽنڊو سائينداد، پير ڳوٺ، ملير ڪراچيءَ ۾ به آهن. انهن به سنڌي ادب کي گهڻو ئي مضبوط ڪيو آهي. پير غلام مجدد تحريڪ خلافت ۽ تحريڪ پاڪستان ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو. پير ابراهيم جان عالم، اديب ۽ شاعر هئا، پير عبدالله جان آغا، پير عبدالوحيد جان سجاده نشين پير غلام مجدد پير بهاءُ الدين “بَها”، پير حمدالله جان جون وڏيون خدمتون آهن، رحمان مغل ۽ احمد مغل راڳ جي فن ۾ مقبول رهيا آهن.
پهلواني جي ميدان ۾ پهلوان شير خان ۽ سندس فرزند پهلوان غلام حسين پاڪستان ۽ پاڪستان کان ٻاهر به سانگهڙ سنڌ جو نالو متعارف ڪرايو آهي. نور شاهين حيدرآبادي معروف شاعره هئي. انهن ڪردارن سنڌ جو ناماچار ڪرايو. بهرحال امجد دراني هڪڙي ابتدائي ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي سا به ساراهه جوڳي آهي. اميد ته اڳتي به پنهنجا قدم وڌائيندو رهندو.
ميان رسول بخش تميمي
جاتي ـ سنڌ