لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ادب ۽ آرٽ سان لاڳاپيل سنڌي پٺاڻ

ھن ڪتاب ۾ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين جي 76 سنڌي پٺاڻ ليکڪن، شاعرن، محققن ۽ سائسي ادب سان تعلق رکندڙ شخصيتن بابت آھي، جن مان ڪيترائي اسان جا بھترين دوست ۽ رھنما رھيا آھن. سنڌ ۾ سنڌي پٺاڻن جون سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڏيون خدمتون آهن. هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ تحقيق ڪندڙ محققن لاءِ رهنمائيءَ وارو ڪردار ادا ڪندو.

Title Cover of book ادب ۽ آرٽ سان  لاڳاپيل سنڌي پٺاڻ

آغا سھيل احمد

آغا سھيل احمد

اصل نالو: آغا سهيل احمد
ادبي نالو: ساڳيو
والد جو نالو: آغا منير احمد
ذات: ڪاڪڙ
قبيلو: سنزرخيل
ڄم جي تاريخ: پھرين آگسٽ 1975ع
تعليم: ڪيميڪل انجنيئر
ڪرت: انجنيئرنگ مينيجمينٽ اينڊ پلاننگ
رھائش: شڪارپور ڪڙي نواب خان
رھائش ڪراچي: 5/E, سمير آرڪيڊ، ڊفينس هائوسنگ سوسائٽي، فيز-5 ڪراچي
رھائش ايران: ميدان قزوين، خيابان جواديان، پلاڪ ۲۱۳، طبقه دوم، واحد چھار، تھران، ايران
موجوده رھائش: 103، البلوشي بلڊنگ، الورقا-1, متحده عرب امارات، دبئي.
لکڻ جي شروعات: 1985ع
ادبي استاد: آغا در محمد
لکيل صنفون: شاعري، نثر، ترجما، ڪيليگرافي، فارس، عربي، سنڌي، اردو، ميمبر انجمن خوشنويسيان تهران، ايران
ڇپيل صنفون: اٽين ڪلاس کان لکڻ شروع ڪيو، گل ڦل، آنکھ مچولي اردو، ٻارڙن جي ٻاري سنڌي، اخبارون ھلال پاڪستان، عوامي آواز، عبرت، ڪاوش وغيرہ رسالا نئون نياپو، وينجھار، سنڌي ٻوليءَ جي سافٽويئر تي ڪم ڪيو آھي.
ڪمپوز ڪيل ڪتاب: 1. روحن جا ڏيکاءَ، سوانح حيات ميجر آغا عطا محمد خان، سوانح حيات غلام قادر ابڙو. سنڌي ٻولي جو تاريخ ۾ پھريون ڀيرو پاڪستان ٽيليويزن تان نوجوانن کي ڪمپيوٽر سيکارڻ جو پروگرام ٽن سالن تائين ڪيو. 1996ع کان 1999ع تائين. ريڊيو پاڪستان ڪراچي تان نوجوانن جي سنڌي پروگرام جو انچارج ۽ انائونسر پنج سال رھيا. سنڌي آن لائن لائبريري جي لاءِ تقريبن 2000 سنڌي ڪتاب اسڪين ۽ اپ لوڊ ڪيا اٿس. اردو 4000 ڪتاب، سنڌي ۽ اردو ٻنھي زبانن ۾ ڪافي ڪتاب مرتب ۽ ڪمپوز ڪري چڪا آھن. سنڌي لينگويج اٿارٽي سرٽيفڪيٽ ڏنو ڇو ته سنڌي ٻولي جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ٽي وي تي ڪمپيوٽر سيکاريائين جنهن پروگرام جو ليکڪ ۽ ميزبان پاڻ رهيو. اردو ۾ صبا اڪبر آبادي ۽ تاجدار عادل جي شاعري جا ڪتاب به مرتب ڪيل آھن، ڪجھ سنڌي ۽ اردو ڊرامن ۾ به ڪم ڪيو اٿائين. سنڌي ادبي سنگت، پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس ۽ اردو ادبي بورڊ جي ادبي پروگرامن جو ھوسٽ به رهيو آھي. آءِ بي ايم ڪمپيوٽر تي سنڌي سافٽ ويئر تي پھريون ڀيرو ڪم شروع ڪندڙ نوجوان ايپل تي عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب سان سنڌي فانٽس تي به ڪافي ڪم ڪيل اٿس
اڻ ڇپيل مواد: پنج ڪتاب
ايڊريس: شڪارپور، ڪڙي نواب خان
ڪراچي: 5/E، سمير آرڪيڊ، ڊفينس هائوسنگ سوسائٽي، فيز-5 ڪراچي
ايران: ميدان قزوين، خيابان جواديان، پلاڪ ۲۱۳, طبقه دوم، واحد چھار، تھران، ايران
موجوده رھائش: 103، البلوشي بلڊنگ، الورقا-1, متحده عرب امارات، دبئي.
رابطي لاءِ واٽس ايپ نمبر: 00923332100598
اي ميل : matrix2000m@gmail.com
**