اقبال ترين
اصل نالو: اقبال ترين
ادبي نالو: اقبال ترين
والد جو نالو:
ذات: پٺاڻ
قبيلو: ترين دراني
ڄم جي تاريخ: 3 جنوري 1950ع
تعليم: سنڌ يونيورسٽيءَ مان اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ گريجوئيشن بعد آمريڪا پڙهڻ لاءِ ويو، جتي هن هارورڊ يونيورسٽيءَ مان بزنس ائڊمنسٽريشن ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪئي ۽ ڪيليفورنيا ڪوسٽ يونيورسٽيءَ مان ايم. بي. اي ڪيائين. ان کانسواءِ ڪمپيوٽر پروگرامنگ ۽ ٽيليڪميونيڪيشن ۾ پڻ ڪورس ڪيائين.
ڪرت: اقبال ترين شاگرديءَ واري دور کان وٺي سياسي ۽ سماجي سرگرمين ۾ مصروف رهيو ۽ هڪ دور ۾“Sindh Monitor” جي ايڊيٽنگ به ڪيائين. ان کانسواءِ پاڪستان ٽيليويزن جي شروعاتي دور وارن ڊرامن ۾ ڪم ڪندي اداڪاريءَ ۾ پنهنجا جوهر ڏيکاري ڪيترائي پي. ٽي. وي جا ايوارڊ کنيائين. هن انساني حقن جي پرچار سان گڏ، قومي تحريڪن ۾ به ڀرپور حصو ورتو آهي ۽ جمهوري حقن لاءِ جاکوڙيندڙن جي حمايت ڪندو رهي ٿو. اقبال ترين، جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو باني ميمبر آهي. اقبال ترين آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جي نمائنده تنظيم “سانا” (Sindhi Association of North America) جو صدر به رهي چڪو آهي، اڄڪلهه هو ورجينيا (آمريڪا) ۾ رهائش پذير آهي ۽ هن وقت اتي قائم ڪيل فورم “Forum for Justice & Democracy in Pakistan” جو صدر پڻ آهي.
رھائش: اصل شڪارپور، اڄڪلهه هو ورجينيا (آمريڪا) ۾ رهائش پذير آهي.
**