پنهنجي پاران:
ڪڏهن ته سال لڳي وڃن ڪنهن عنوان تي ڪتاب لکندي، ڪڏهن ته ڪو ڪتاب جلد سهيڙجي وڃي، گهڻي وقت کان قوم جي تباهي جا ڪارڻ عنوان تي لڳ ڀڳ چاليهه سوال ٺاهيا پر ڪيترو ئي وقت گذري ويو هڪ سوال جو جواب به نه لکي سگهيم ڇوته هر سوال جو جواب هڪ ڪتاب جيترو هيو، ان ڏکئي ڪم کي ترتيب ڏئي رهيو هيم ته آغا نور محمد پٺاڻ جو اسلام آباد کان فون آيو: امجد ڇا پيو ڪرين؟ چيم: زخيم ڪتاب پيو ترتيب ڏيان. چيائين: ان ڪم کي ڇڏ ۽ سنڌي پٺاڻ جن سنڌي ٻولي ادب فنون لطيفه ۾ ڪم ڪيو آ انهن تي ڪتاب ترتيب ڏئي. چيم: صرف انهن جو تعارف ڏجي ته ڪم سولو ٿي پوندو. آغا نور محمد پٺاڻ چيو ٺيڪ آ. پوءِ ان وقت سڀ ڪم ڇڏي هڪ تعارفي سوال نامو ٺاهي آغا نور محمد پٺاڻ ڏانهن اماڻيو جن جي مشوري سان سوال نامو مڪمل ٿيو، وري چيائيون ته امجد سنڌي پٺاڻ ليکڪن جو هڪ واٽس ايپ تي گروپ ٺاهه. گروپ ٺاهي ڪم شروع ڪيو. ڳالهه وقتائتي هئي.
سنڌي پٺاڻن سنڌي ٻولي ۽ سنڌ لاءِ انوکو ۽ لازوال ڪم ڪيو هيو. اداڪاري سداڪاري کان وٺي پهلواني ۽ شاهه لطيف جي شاعري جو بهترين اردو انگريزي ترجمو قرآن شريف جو انگريزي ۾ ترجمو وغيره. ان لاءِ ٻيا سڀ ڪم ڇڏي ھن ڪتاب کي پوري ڪرڻ ۾ لڳي ويم. شروع شروع ۾ ڏاڍي مشڪلات ٿي ڇوته ڪيترائي وفات ڪري ويا هيا جنهن ۾ بهترين شاعر شڪارپور جو گل حسن گل جنهن جو مواد نه ته مائٽن وٽان ۽ نه ئي سنڌ جي سمورن ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽرن وٽان ڪو مثبت جواب مليو. اهڙي طرح ڪيترائي دبئي ۽ لندن هليا ويا جن سان مهينن تائين مسلسل رابطو ڪري مواد ورتو. ڪٿي ڪٿي ته سنڌ ۾ رهندڙ ماڻهن به ٽائيم نه پئي ڏنو جن پنهنجو تعارف ڏيڻ ۾ گهڻي دير ڪئي، ڪي ته وري پنهنجو تعارف ڪجهه گهڙين بعد نه ڇڙو موڪلي ڏنائون پر مون سان گڏ ايئن ڪم ڪيائون ڄڻ هي ڪتاب اهي ترتيب ڏئي رهيا آھن جن ۾ آغا انعام الله خان ۽ پهلوان لالا اسد الله خان گهوٽڪي وارو، بشير احمد پٺاڻ ڪنڊيارو هن وقت ڪراچي بورڊ ۾ نوڪري پيا ڪن. ٻيا به گهڻي ڀاڱي مون سان تعاون ۽ سهڪار ۾ رهيا جيئن سيد غلام شاهه وائيس چيئرمين سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، آغا رفيع الدين، آغا عبدالنبي عرف عدن ڪڙي، عطا محمد، اسماعيل دراني بهاولپور احمد پور شرڪيا، امتياز خان پٺاڻ، ڍونگ اسپتال، ضياءَ خان دراني جا گهر ڀاتي ۽ خود آغا نور محمد پٺاڻ ماڻهن جا نمبر ۽ نالا موڪليندا رهيا. فيس بوڪ ۽ سوشل ميڊيا تان سوين نالا هٿ ڪيم انهن سان رابطو ڪيم پر ان جي باوجود ڪيتريون ئي شخصيتون رهجي ويون جيئن جمه خان مڏي وارو، مجيد خان مجيديا مدرسو ڳڙھي ياسين وارو، مدرسا خان بهادر ڳڙھي ياسين، غوثو خان ڪڙي، عطا محمد شڪارپور، لالا نواز علي خان ملهه پهلوان خيرپور منهنجو ڏاڏو جيڪو شير سنڌ شير ميربحر جو پهرين جوڙ جو استاد رهيو، لالا نواز علي خان پٺاڻ ملهه لاءِ مون کي ڏاڏيءَ ٻڌايو ته ملاکڙي مان ٻوريون پئسن جو ڀرجي اينديون هيون جن کي کٽن تي کولي نوٽ ۽ سڪا جدا ڪندا هئاسين گهر ۾ ملهن جي ماني لاءِ ٻه تنور هوندا هئا. هڪ دفعي هڪ سئو پلو ملهن لاءِ گهر ۾ پڪو پاڙي جي هر ڪميونٽي جون عورتون اهو ڪم شوق سان ڪنديون هيون بهادر رڏ مٺڙي مشين لڳ ڪوٽڏيجي جو پورو خاندان مرد اوطاق ۽ گهر عورتون سنڀالينديون هيون، مٺڙي مشين جا مرد ۽ عورتون ڏاڏي جي وفات بعد به اسان وٽ ايندا رهيا ۽ رهندا رهيا. هن وقت ڪجهه گهٽ اچ وڃ آ ھرڪو گهرن جي سنڀال ۾ پورو آ، وقت ساٿ ڏنو ته جيڪي پٺاڻ سنڌ ۾ رهن ٿا ۽ اردو ۽ انگريزي ادب ۾ لکن ٿا انهن تي وري ڪتاب ترتيب ڏئي ٻئي ڇاپي ۾ واڌارو آڻي سگهجي ٿو.
مان ٿورائتو آھيان آغا نور محمد پٺاڻ جو جن هن ڪتاب جو مهاڳ لکيو، سنڌ جي برک اديب پروفيسر اعجاز احمد قريشي ۽ تنقيدنگار حزب الله آءِ سومرو، غلام رسول تميمي، ڊاڪٽر انور پرديسي، ڊاڪٽر شير مهراڻي، ڊاڪٽر مشتاق ڦل سنڌي ادبي سيڪريٽري جو ٿورائتو آهيان جن منهنجي ڪتاب تي ٽائيم ڪڍي لکيو ۽ سمورن دوستن جو ٿورائتو جن وقت سر مون کي رايو ڏنو. وڌيڪ سنڌ جي اديبن کي گذارش ته ان سلسلي ۾ رهجي ويل شخصيتن بابت منهنجي رهنمائي ڪن ته جيئن انهن کي جلد ٻئي ۾ شامل ڪري سگهجي.
امجد دراني ـ ڪراچي
03003139005
3 مارچ 2022ع