لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ادب ۽ آرٽ سان لاڳاپيل سنڌي پٺاڻ

ھن ڪتاب ۾ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين جي 76 سنڌي پٺاڻ ليکڪن، شاعرن، محققن ۽ سائسي ادب سان تعلق رکندڙ شخصيتن بابت آھي، جن مان ڪيترائي اسان جا بھترين دوست ۽ رھنما رھيا آھن. سنڌ ۾ سنڌي پٺاڻن جون سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڏيون خدمتون آهن. هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ تحقيق ڪندڙ محققن لاءِ رهنمائيءَ وارو ڪردار ادا ڪندو.

Title Cover of book ادب ۽ آرٽ سان  لاڳاپيل سنڌي پٺاڻ

ڪريم گل (گل خان)

ڪريم گل (گل خان)
اصل نالو: ڪريم گل دراني
ادبي نالو: ڪريم گل (گل خان)
والد جو نالو: خدا بخش خان المعروف شهباز خان دراني
ذات: پٺاڻ
قبيلو: دراني
ڄم جي تاريخ: 25 فيبروري 1959ع
تعليم: ايم اي پولٽيڪل سائنس
ڪرت: ڪراچي ڊاڪ ليبر بورڊ (KDLB) ۾ 18 هين گريڊ ۾ ملازمت، اداڪاري، سداڪاري، ماڊلنگ
رھائش: پڙانگ هائوس نيو سعيد آباد ضلعو مٽياري
اداڪاري جي شروعات: 1980ع
اداڪاري ۾ استاد:
1. رومانٽڪ استاد: استاد مشتاق چنگيزي
2. فائيٽ جو استاد: سڌير بلوچ ايراني
3. ڊائلاگ ڊليوري ۾ استاد: موسيٰ ڪليم
4. منهنجو والد به ڊائلاگ ڊليوري ۽ گهڻو ڪجهه شهباز خان دراني سيکاريو ۽ بابو ڀائي
5. ڪراٽي استاد: دل وارث خان
اداڪاري ۾ رول: ماڊل، هيرو، سائيڊ ھيرو، سپورٽنگ ڪردار وغيره
اداڪاري ۾ ڪيل ڊرامن يا فلمن جو تفصيل:
لڳ ڀڳ 36 ڊرامن ۾ ڪم ڪيو
سنڌي فلم: دهشت، فيصلو ضمير جو، دريا پار
اردو فلم: آنچل اور طوفان
پشتو فلم: آزاد، لاري، جدا جدا
ايڊريس: پڙانگ هائوس دراني نيو سعيد آباد ڊسٽرڪٽ مٽياري
رابطي لاءِ واٽس ايپ نمبر: 0345-9993422
**