شھباز خان دراني
اصل نالو: خدا بخش خان دراني
ادبي نالو: شھباز خان دراني
والد جو نالو: حافظ محمد خان
ذات: دراني پٺاڻ
قبيلو: پڙھانگ
ڄم جي تاريخ: 31 ڊسمبر 1935ع
وفات: 21 آڪٽوبر 1917ع
تعليم: گريجوئيٽ سول انجنيئر 19 گريڊ ۾ رٽائر
ڪرت: شاعر، اديب، ڊراما رائيٽر، اداڪاري، سداڪاري، ٽي وي، ريڊيو، اسٽيج
ڏهن زبانن کان وڌيڪ زبانن تي عبور هيس. سنڌي، اردو، پشتو، پنجابي، سرائڪي، بلوچي، انگريزي، ٿري، عربي، لاڙڪي
رھائش: پڙھانگ ھائوس نيو سعيدآباد.
اداڪاريءَ جي شروعات: 1968ع
پهرين سنڌي فلم: رنگ محل
پشتو جي پهرين فلم: يوسف خان شيربانو
فلمن ۽ ڊرامن جو تفصيل: پي ٽي وي 250 ڊراما ۽ 500 کان مٿي اردو ۽ ڊراما
سرائڪي ڊرامي، پنجابي ڊرامي ۽ پشتو ڊرامي ۾ ڪريڪٽر
ايڪٽر جو پوري پاڪستان ۽ افغانستان جي فلمن جي ڪرايل فيسٽيول ۾ ايوارڊ حاصل ڪيائين
هرسال ثقافت کاتو ايوارڊ ڏيندو پيو اچي
سنڌ ميوزيم ڄامشورو ۾ ۽ سنڌ ميوزم حيدرآباد ۾ ڪارنر موجود آھن
بلوچي ڊراما، انگريزي ڊراما، ناٽڪ رنگ ڀوتار بهلول خان ۽ بيشمار پشتو سنڌي انگريزي ۽ پنجابي فلمن ۽ ڊرامن ۾ ڪم ڪيائون. انگريزي فلمن ۾ جناح ۽ ٽريفڪ شامل آهن.
برطانيه پاڪستان جي سهڪار سان ٽريفڪ انگريزي ٽي وي سيريز فلم
ديواني دو ۽ تلاش فلم نديم سان گڏ
دهلوي فلم پروڊڪشن طرفان جناح فلم ۾ خان عبدالغفار خان جو ڪردار ڪيائين. ٽوٽل 35 فلمن ۾ ڪم ڪيو. رنگ محل، دشمن، جلال چانڊيو، پرو چانڊيو، جانو ڌاڙيل، غيرت جو سوال، جهان برف گرتي هي، تلاش، هانگ ڪانگ ڪي شعلي، ٽينا، يوسف خان شيربان ۽ آخري گولي وغيره. راڻيءَ جي ڪهاڻي، ديوارين، ٽيلي فلم غلام مصطفيٰ، بارود جي جنگ، ڊراما راڻي، وارث، پياسي ڌرتي، منزلون، مسافر، ڊراما سيريل دشمن، دعا، شانتي وغيره
ايوارڊ: لائيف ٽائيم ايوارڊ، سنڌ اچيومينٽ ايوارڊ، پشتو ڊراما بيسٽ ايڪٽر ايوارڊ وغيره.
**