لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ادب ۽ آرٽ سان لاڳاپيل سنڌي پٺاڻ

ھن ڪتاب ۾ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين جي 76 سنڌي پٺاڻ ليکڪن، شاعرن، محققن ۽ سائسي ادب سان تعلق رکندڙ شخصيتن بابت آھي، جن مان ڪيترائي اسان جا بھترين دوست ۽ رھنما رھيا آھن. سنڌ ۾ سنڌي پٺاڻن جون سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڏيون خدمتون آهن. هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ تحقيق ڪندڙ محققن لاءِ رهنمائيءَ وارو ڪردار ادا ڪندو.

Title Cover of book ادب ۽ آرٽ سان  لاڳاپيل سنڌي پٺاڻ

انمول موتين جو خزانو

انمول موتين جو خزانو
سنڌي ادب ۽ ثقافت جا جيڪڏهن پيرا کڻبا ته اُهي صدين تي محيط آهن. پنهنجي ٻوليءَ سان محبت ڪرڻ هڪڙو فطري عمل آهي. سنڌ ڌرتي اها واحد ۽ ڀاڳ واري ڌرتي آهي جنهن تي جيڪي به قومون اچي آباد ٿيون آهن، انهن هن ڌرتي ۽ ٻوليءَ کي تن من سان پنهنجو ڪيو آهي. انهن قومن منجهان هن ڌرتيءَ تي پٺاڻ قبيلن جو به اچڻ وڃڻ ٿيو ۽ ڪيترائي پٺاڻ هاڻي سنڌي ٻولي ۽ ادب سان سلهاڙجي ويا آهن ۽ اهي محب وطن سنڌي بڻجي پنهنجي ڌرتيءَ جي حفاظت ۽ خدمت ڪري رهيا آهن، انهن منجهان ڀٽائي سرڪار جي خاندان سميت ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ، آغا سليم، آغا رفيق، صوفي دراني، آغا محمد يعقوب، بشير احمد شاد ۽ ان جا فرزند ۽ سوين ٻيا اچي وڃن ٿا. امجد دراني انهن مڙين ادبي موتين جي سوانح ڪٺي ڪري شايع ڪرايو آهي جنهن کي جيترو ساراهجي اهو گهٽ آهي. هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ تمام مٿانهين حيثيت والاريندو ۽ سنڌي ادب ۾ ريسرچ ڪندڙ محققن لاءِ رهنمائي وارو ڪردار ادا ڪندو جنهن سان سنڌي ادب ۾ تحقيق ڪندڙ نوجوانن لاءِ اُتساهه جو سبب بڻجي، تحقيق جي ميدان ۾ نوان رخ ۽ لاڙا متعارف ڪرائيندو.

ڊاڪٽر انور پرديسي
خيرپور ميرس