لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ادب ۽ آرٽ سان لاڳاپيل سنڌي پٺاڻ

ھن ڪتاب ۾ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين جي 76 سنڌي پٺاڻ ليکڪن، شاعرن، محققن ۽ سائسي ادب سان تعلق رکندڙ شخصيتن بابت آھي، جن مان ڪيترائي اسان جا بھترين دوست ۽ رھنما رھيا آھن. سنڌ ۾ سنڌي پٺاڻن جون سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڏيون خدمتون آهن. هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ تحقيق ڪندڙ محققن لاءِ رهنمائيءَ وارو ڪردار ادا ڪندو.

Title Cover of book ادب ۽ آرٽ سان  لاڳاپيل سنڌي پٺاڻ

آغا محمد يعقوب

آغا محمد يعقوب
اصل نالو: آغا محمد يعقوب
ادبي نالو: آغا محمد يعقوب
والد جو نالو:
ذات: پٺاڻ
قبيلو: ڪاڪڙ
ڄم جي تاريخ: پهرين جولاءِ 1904ع
تعليم: گريجوئيشن
ڪرت: فارسي، عربي، سنسڪرت، هندي، سنڌي، بلوچي، براهوي، انگريزي ٻولين جو ماهر. ميمبر فيڊرل سروس ڪميشن ويسٽ پاڪستان، ڊپٽي ڪمشنر 1952 دادو، 1955 حيدر آباد، 1956 ٺٽو. تعليم صحت ايس اين جي وي جو صوبائي سيڪريٽري 1946، ڪوٽڙي روينيو آفيسر ۽ 1956ع سي او سکر بئراج رهيو.
رھائش: ڪڙي عطا محمد شڪار پور
وفات: 5 ڊسمبر 1995ع
لکڻ جي شروعات:
ادبي استاد:
لکيل صنفون: تحقيق، مقالا، شاعري، ڊڪشنري ڪالم
ڇپيل مواد: شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي ڪلام جو مڪمل پهريون انگريزي ۾ ترجمو 1985ع ۾ سنڌ ثقافت کاتي ٽن جلدن ۾ ڇپيو. 2004ع ۾ ٻيهر شايع ٿيو. 2006ع، 2007ع، 2008ع ۾ لڳاتار شايع ٿيو. 2014ع ۾ ثقافت کاتي ٽنهي جلدن کي گڏي ڇاپيو. پنجن جلدن پهريون سنڌي ماڻهو آ جنهن قرآن جو انگريزي ترجمو ۽ تفسير 1984ع ۾ شايع ٿيو جنهن ۾ لطيف سچل حافظ رومي تصوف جو ميلاپ بهترين سمجهاڻين سان ڪيو آ.
اڻ ڇپيل مواد: 6000 شاهه لطيف جي انگريزي لفظن ۾ لغت وغيره
ايڊريس: ڪڙي عطا محمد شڪارپور
**