لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ادب ۽ آرٽ سان لاڳاپيل سنڌي پٺاڻ

ھن ڪتاب ۾ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين جي 76 سنڌي پٺاڻ ليکڪن، شاعرن، محققن ۽ سائسي ادب سان تعلق رکندڙ شخصيتن بابت آھي، جن مان ڪيترائي اسان جا بھترين دوست ۽ رھنما رھيا آھن. سنڌ ۾ سنڌي پٺاڻن جون سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڏيون خدمتون آهن. هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ تحقيق ڪندڙ محققن لاءِ رهنمائيءَ وارو ڪردار ادا ڪندو.

Title Cover of book ادب ۽ آرٽ سان  لاڳاپيل سنڌي پٺاڻ

لالا نواز علي خان پٺاڻ

لالا نواز علي خان پٺاڻ
نواز علي خان
مشهور لالا نواز علي خان پٺاڻ
ولد شاهنواز خان
دراني پٺاڻ
ڄم 1910، وفات 1950
سنڌ جو پهريون نمبر ملهه ڪيترائي ملهه سندس اوطاق تي ملهه سکندا رهيا. جن جي مانيءَ جو کير مکڻ جو بندوبست هو پاڻ ڪندو هيو. گهر ۾ ٻه تنور هوندا هيا. پاڙي محله بچل شاهه جون عورتون ۽ نياڻيون انهن تنورن تي ملهن جون مانيون ۽ ڀاڄيون پچائينديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن سٺ پلا به ملهن لاءِ پچايا ويندا آهن. ڪيترائي ملهه هن جي آکاڙي ۾ ملهه سکيا. سڀ کان وڏو نالو شير سنڌ شير ميربحر جو آهي. جنهن پوري سنڌ ۽ پاڪستان ۾ نالو ڪمايو. لالا نواز علي خان ملهه جي اوطاق ڪوٽ ڏيجي لڳ ڳوٺ مٺڙي مشين جا مشهور جت برادري جو وڏيرو بهادر ۽ ان جا پونيئر سنڀاليندا هيا ۽ اندر گهر جي سنڀال ان جي ڌيءُ نالي امان لالان سنڀاليندي هئي. انهن جتن جي سمورين عورتن لالا نواز علي جي پٽ مظهر علي خان دراني ۽ ان جي پوٽن لالا نواز علي عرف واجد دراني ۽ ٻئي ڀاءُ احمد علي عرف امجد دراني کي هٿن ۾ پاليون ۽ انهن کي پنهنو کير پيئاري ماءُ جو دَرجو ماڻيو، تقريبن پورو ڳوٺ سان اڄ سميت ساڳيو تعلق رهندو پيو اچي. وفات بعد لالا نواز علي خان دراني پنهنجي گهرن اڳيان قبرستان محله بچل شاهه ۾ دفن ٿيا. هن پوري زندگي شهر پنج گوله خيرپوري ۾ شمس هوٽل جو مالڪ به رهيو. جتي هن وقت شمس مسجد ٺهيل آهي.
**