سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران امجد درانيءَ جي تحقيق تي آڌاريل ڪتاب ”ادب ۽ آرٽ سان لاڳاپيل سنڌي پٺاڻ“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ھن ڪتاب ۾ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين جي 76 سنڌي پٺاڻ ليکڪن، شاعرن، محققن ۽ سائسي ادب سان تعلق رکندڙ شخصيتن بابت آھي، جن مان ڪيترائي اسان جا بھترين دوست ۽ رھنما رھيا آھن. سنڌ ۾ سنڌي پٺاڻن جون سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڏيون خدمتون آهن. هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ تحقيق ڪندڙ محققن لاءِ رهنمائيءَ وارو ڪردار ادا ڪندو.
ھي ڪتاب 2023ع ۾ معراج پبليڪيشن، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون امجد درانيءَ جا جنھن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com