ڪامريڊ لالا رضا محمد دراني
رضا محمد دراني
ڪامريڊ لالا رضا محمد دراني
لالا شاھ محمددراني
ذات دراني پٺاڻ
15/9/1962 خير پور شھر
شاھ عبداللطيف يونيورسٽي جي ھڪ گريڊ کان 16 گريڊ جي ملازمن جي سياست ۾ ڇهھ دفعا اليڪشـن کٽي جنرل سيڪريٽري منتخب ٿيس ۽ اھو اعزاز مون کان علاوه ٻيو ڪنهن کي به ن آهي ٽي دفعا سنڌ جي 22 يونيورسٽين جو چيئرمين ٿيس ۽ اھو اعزاز به مون کان علاوه ٻيو ڪنهن کي به نه آهي.
لطيف يونيورسٽي جي سياست مون 2002 کان ڪئي ۽ مون کي يونيورسٽي جي سياست جو ڪو به شوڪ نه ھيو پر ان وقت جي وي سي عبدالرحيم ملڪ ڪنھن غلط فھمي جي بنياد تي پھريان مون کي 14 ٻين ملازمن کي سسپينڊ ۽ پوءِ مون سميت چئن ٻين ملازمن کي ٽرمينيٽ ڪيو ۽ الزام اھو ھنيو ته مان ٻڌو آهي ته اوھان مون کي گاريون ڏنيون آهن ۽ اسان تي يونيورسٽي اچڻ تي پابندي لڳل ھئي ۽ اسان ست مھينا. ٽرمينيٽ رھيا سي ۽ پوءِ اسان کي سينڊيڪيٽ بحال ڪيو ۽ ان بعد مان سياست ڪئي.
مان 15/12/1988 تي لطيف يونيورسثي ۾ ڪلارڪ طور ڀرٿي ٿيس ۽ 15/9/1922 تي 17گريڊ ۾ آسسٽنٽ ڪنٽرولر جي پوسٽ تي رٽائرڊ ٿيس
مان يونيورسٽين تي ڪيترا ڪالم ۽ ملازمن سان ٿيندڙ نا انصافين تي لکيو پر ان جو ڪو به ڪتاب وغيره جي شڪل نه ڏئي سگھيس.
ملازمن جي حقن لاءِ ھلايل جدوجهد دوران وڏيون وڏيون آفرون مليون پر مان ڪڏهن به نه ورتيون ۽ مان جڏهن پھريون دفعو اليڪشن کٽي ان جي ٽن مھينن بعد 2003 تي ان وقت جي وزيراعليٰ علي محمد خان مھر منھنجي ماسات لعل شاھ بخاري جي سفارش تي 17 گريڊ جو آرڊر ان وقت جي وي سي عبدالرحيم ملڪ مون کي گھرائي ڏنو پر مان وٺڻ کان انڪار ڪيو صرف ان لاءِ ته ملازم چوندا ته اھو آرڊر لالي ملازمن جو سودو ڪري ورتو آھي ۽ ان لاءِ مان نه ورتو ان وقت جڏهن مان اھو آرڊر نه ورتو ته اتي ھن وقت جو رجسٽرار مريد حسين ابوپوٽو موجود ھيو جيڪو ان وقت 15 گريڊ ۾ اسٽينو گرافر ھيو ۽ اھو ھن وقت 20 گريڊ ۾ آهي ته منهنجو ھن وقت ڪھڙو گريڊ ھجي ھا.
واٽس نمبر
03007066996
**