لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ادب ۽ آرٽ سان لاڳاپيل سنڌي پٺاڻ

ھن ڪتاب ۾ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين جي 76 سنڌي پٺاڻ ليکڪن، شاعرن، محققن ۽ سائسي ادب سان تعلق رکندڙ شخصيتن بابت آھي، جن مان ڪيترائي اسان جا بھترين دوست ۽ رھنما رھيا آھن. سنڌ ۾ سنڌي پٺاڻن جون سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڏيون خدمتون آهن. هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ تحقيق ڪندڙ محققن لاءِ رهنمائيءَ وارو ڪردار ادا ڪندو.

Title Cover of book ادب ۽ آرٽ سان  لاڳاپيل سنڌي پٺاڻ

ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ

ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ
اصل نالو: در محمد پٺاڻ
ادبي نالو: ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ
والد جو نالو: گل محمد پٺاڻ
ذات: پٺاڻ
قبيلو:
ڄم جي تاريخ: 25 مئي 1945ع
تعليم: 1979ع ۾ “ڪراچيءَ جو سنڌي ٻوليءَ علم ۽ ادب جي ترقيءَ ۾ حصو” جي موضوع تي تحقيقي مقالو لکي، پي. ايڇ. ڊي ڪيائين.
ڪرت: پروفيسر 1995ع رٽائرڊ
رھائش: لاڙڪاڻو
لکڻ جي شروعات:
ادبي استاد: غلام علي الانا
لکيل صنفون: هر موضوع تي
ڇپيل مواد: سنڌ بابت تحقيق کان سواءِ اٽڪل 500 کان مٿي ثقافتي، ادبي، تاريخي ۽ تحقيقي مضمون ڇپيل آهن.
ايڊريس: لاڙڪاڻو
سندس ڪتاب “جو مطالعو ڪيو مون” 1983ع ۾ انڊيا ۾ شايع ٿيو. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ پنهنجي اباڻي ڳوٺ خير محمد آريجا ۾ پنهنجي امڙ حيات خاتون ۽ ابي گل محمد جي نالي سان “گل حيات انسٽيٽيوٽ” جهڙو علمي ادارو پنهنجي مدد پاڻ جي بنياد تي قائم ڪري مثال پيدا ڪيو آهي. هي سنڌ جو اهڙو غير سرڪاري ادارو آهي جنهن ۾ هزارين ناياب ڪتاب ۽ فن، ثقافت، سياست، شخصيات ۽ تاريخ بابت اخباري ڪترُن تي مشتمل هزارين فائيلن جو مواد موجود آهي. ڊاڪٽر در محمد انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۽ قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد طرفان ڏهاڪو مضمونن ۾ پي. ايڇ. ڊي گائيڊ طور خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي. 1985ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ هڪ پراجيڪٽ “پرزرويشن آف هسٽري ڪلچر ۽ لٽريچر آف سنڌ” هـيٺ سندس ڪيل جاکوڙ ۽ ٻين خدمتن جي مڃتا طور 1986ع ۾ سنڌالاجيءَ ۾ “ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ڪارنر” قائم ڪئي وئي، جنهن مان ڪيترن شاگردن پـي. ايـڇ. ڊي لاءِ مدد حاصل ڪئي آهي.
اڻ ڇپيل مواد: هزارن جي تعداد ۾ مضمون مقالا تحقيق. روزانو يوٽيوب تي سنڌ جي تاريخ وائيز روز جي بنياد تي شخصيتن تي سنڌ جي سياسي سماجي ادبي واقعن تي تبصرو ڪندا رهن ٿا.
**