لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ادب ۽ آرٽ سان لاڳاپيل سنڌي پٺاڻ

ھن ڪتاب ۾ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين جي 76 سنڌي پٺاڻ ليکڪن، شاعرن، محققن ۽ سائسي ادب سان تعلق رکندڙ شخصيتن بابت آھي، جن مان ڪيترائي اسان جا بھترين دوست ۽ رھنما رھيا آھن. سنڌ ۾ سنڌي پٺاڻن جون سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڏيون خدمتون آهن. هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ تحقيق ڪندڙ محققن لاءِ رهنمائيءَ وارو ڪردار ادا ڪندو.

Title Cover of book ادب ۽ آرٽ سان  لاڳاپيل سنڌي پٺاڻ

شاھ محمد دراني

شاھ محمد دراني
شاھ محمد دراني
ولد حسن علي دراني
1924 ۾ پنهنجي پڦي جي گهر احمد پور شرقيا جي سرور شاھ محلي ۾ پيدا ٿيو .
وفات ۔ 5 جنوري 2007
جتي ھن ابتتاءي تعليم ب اتي حاصل ڪئي جتي ان دور جا اٺ درجا اتي پاس ڪيا ۽ جيئن ته ان دور ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ بمبي وغيره وڃڻو پوندو ھيو ان لاءِ انهن جي والده انهن کي ٻاھر وڃڻ جي اجازت نه ڏني لالا شاهه محمد دراني جن جو پڦڙ تاج محمد خان دراني جو تعلق ھڪ ديندار گهراڻي سان ھيو جنهن ڪري انهن کي ديني تعليم به ان گهر مان ملي ان ڪري ھو نماز روزي جا پابند رھيا. اٺ درجا پاس ڪرڻ بعد پنهنجي اباڻي گهر خيرپور شھر موٽي آيا ۽ ھن کي ڪجھه وقت کان پوءِ فوج ۾ نوڪري ڪرڻ جو خيال آيو ۽ پنهنجي والده جي منع ڪرڻ جي فوج ۾ شموليت اختيار ڪئي فوج ۾ سال ڏيڊ رھڻ بعد اتان ڀڃي واپس خيرپور موٽي آيا ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ فوجي انهن کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ گهر پھتا ۽ پوءِ لالا شاھ محمد انهن سان مليو ۽ ھڪ ھڪ سان ھٿ ملائيندي آخري سپاهي سان ھٿ ملائي انھن کان ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيا ۽ وري فوجين کي ھٿ نه آيو ۽ وري فوجي به نه آيا .
ان بعد انھن کي پوليس ۾ وڃڻ جو شوق ٿيو ۽ ان ۾ جمعدار ٿيا اتي به سدائين صوبيدار سان غريبن کان رشوت وٺڻ تي روز جيھڙو ھوندو ھيو ۽ اتي پوليس ۾ ڊيوٽي دوران پنهنجي ماني پاڻ پچائي کائيندو ھيو ۽ آخر پوليس جي نوڪري کي به الوداع ڪري پنهنجي چاچي نواز علي دراني جي ھوٽل جيڪو پنج گولا چوڪ خيرپور ۾ ھوندو ھيو ان سان گڏ ھوٽل سنڀاليو جتي ھوٽل تي سياست جي شروعات ڪيائون جتي انهن جي ملاقاتون ڪامريڊن سان ٿيون جتي علي مطاھر جعفري جيڪو ھاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي اسلم جعفري جو والد ھيو جيڪي پاڻ به سٺا وڪيل ھيا ۽ باقر شاهه جيڪي شاڪر شاهه جا والد ھيا ۽ پيشي جي لحاظ کان وڪيل ھيا ۽ عبدلرزاق سومرو جن به وڪيل ھيا ۽ ان دور جا ٻيا به ھيا ان بعد لالا شاهه محمد ھوٽل ڇڏي عبدالرزاق سومرو جا منشي ٿيا ۽ اتان سياست جي شروعات ڪيائون ۽ ان سان گڏ لالا جن پنهنجي جواني ۾ ڪبڊي ۽ فٽبال جا سٺا پليئر به ھيا لالا جن پنهنجي زندگي ۾ تقريبن پنجاهه دفعا جيل ياترا ڪئي ۽ اتي جيل ۾ به ويھي جيل اندر قيدين سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف آواز اٿاريندا رھندا ھيا جنهن ڪري اڪثر جيل سپرنٽنڊ جيل ۾ وٺڻ لاءِ تيار نه ھوندا ھيا ھڪ دفعي ان وقت جي شاگرد اڳواڻ امر لعل ڊاڪٽر گھنشام پرڪاش جيڪو به ھن وقت انڊيا ۾ آهي ڪنھن شھر ميٽنگ تي ويا انهن جو انچارج لالا جن ھيا اتي سڀني دال سبزي کاڌي پر امر لعل مرغي کاڌي جنهن تي لالا جن ان کي چيو اسان سڀني دال سبزي کاڌي آهي اسان تنھنجا به آهي پئسا ڀريندا سي باقي مرغي جا پئسا پاڻ ڀر ۽ اھا امر لعل کان ڀرايا.
ان دور ۾ جڏهن سويت يونين ھڪ ملڪ ھيو بعد ۾ ان مان ٻارنھن ملڪ ٺھيا ان وقت ڪامريڊن جو ھڪ وفد سويت يونين جي دعوت تي ويو اتي ھي ٽي مھينا انھن جا مھمان ھيا ۽ انهن کي پورو سويت گھمايو ويو.
اتي روس ۾ ھنن جي وفد لاءِ ھڪ ليڊي ڊاڪٽر رکيل ھئي جيڪا ھنن جو خيال ڪندي ھئي اتي ان ڊاڪٽرياڻي لالا جو بلڊ پريشر چيڪ ڪندي چيو اوھان جو بلڊ پريشر ته نوجوانن وارو آهي ۽ جيڪڏهن اوھان چاھيو ته مان حاضر آھيان اوھان جي خواهش پوري ڪري سگھان ٿي جنهن تي لالا جن چيو ته مان پنهنجي گهر واري سان محبت ڪـندو آھيان ۽ مان ان سان ڪڏهن به مان ڌوڪو نه ڪيو آهي ۽ ھينئر به مان قن کان ان ڪم جي اجازت نه ورتي آھي لحاظا ۾ اھو ڪم نه ٿو ڪري سگھان لالا جن حيدر بخش جتوئي سان به گڏ سنڌ ھاري ڪاميٽي ۾ڪم ڪيو ۽ گڏجي ھڙتالـن تي ويٺا ۽ سنڏ ھاري ڪاميٽي جا سنڌ جا نائب صدر رھيا ۽ ان دور ۾ ڪي به چينل وغيره نه ھيا صرف ھڪ ئي مشهور ھوندو ھيو بي بي سي لندن ان جو مشهور نمائندو مارڪ ٽلي انٽرويو ڪيو ۽ اھو قن مان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ چيو ته مان عبدالقادر شاھ جيلاني جو انٽرويو ڪرڻ پيو وڃان اھو مون کي ڇا انٽرويو ڏي ھا جيڪو اوھان مون کي ڏنو.
ايوب خان جي دور ۾ جڏهن بي ڊي ميمبر جي اليڪشن ٿي ان ۾ لالا صرف ٻه روپيا خرچ ڪري بي ڊي ميمبر ٿي ويو ۽ ان دور جڏهن بي ڊي ميمبر جي خريد فروخت عام ھئي ان لاءِ کيس به پيسن جي آفر ٿي پر لالي پنهنجو ووٽ نه وڪيو ۽ چيو ته اھا منهنجي مائرن ڀيڻين جي امانت آهي مان ان جو سودو نه ڪندس ۽ ڀٽي صاحب ووٽ نه ڏيڻ جي صورت ۾جيل جي ڌمڪي ڏني پر لالي ان جي پرواهه نه ڪئي ۽ فاطمه جناح کي ووٽ ڏنو.
ڏٺو وڃي ته شاھ محمد دراني جي سڄي زندگي جدوجهد ۾ گذري جنهن وقت ۾ ھنن سياست جي شروعات ڪئي خيرپور شھر ۾ ڪيتريون ئي ملون ھيون جنهن ۾ پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي ٽيڪسٽالز مل ڪوهه نور پرٽنگ پريس ماچيس فيڪٽري سميت ڪيتريون ملون ھيون جنهن جو اڳواڻ لالا ھيو ۽ ان جي ھڪ ڪال تي ڪلاڪ جي اندر ڏهه هزار مزدور ٻاهر نڪري ايندا ھيا ۽ ان سان گڏ خيرپور شھر سڀني جون يونينون ٺاھيون جنهن ۾ ميونسپل ڪاميٽي رڪشا يونين ٽانگا يونين سميت سڀني جون يونينون ٺھيون ويندي ٻيڙي يونين تائين انهن سڀني جو اڳواڻ لالا شاهه محمد دراني ھيو.
سال 1963/64 ۾ جڏهن ٺيڙھي ۾ سني شيعا جھيڙو ٿيو جنهن ۾ وڏو قتل عام ٿيو ۽ اتي ان جھيڙي مان ماڻهن وڏو مال ڪمايو اتي لالا شاهه محمد ۽ علي مطاھر جعفري ٻنهي گڏجي ماڻهن جي وڏي مدد ڪئي ۽ ماڻهن جا مفت ۾ ڪيس ورتا.
**