لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ادب ۽ آرٽ سان لاڳاپيل سنڌي پٺاڻ

ھن ڪتاب ۾ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين جي 76 سنڌي پٺاڻ ليکڪن، شاعرن، محققن ۽ سائسي ادب سان تعلق رکندڙ شخصيتن بابت آھي، جن مان ڪيترائي اسان جا بھترين دوست ۽ رھنما رھيا آھن. سنڌ ۾ سنڌي پٺاڻن جون سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڏيون خدمتون آهن. هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ تحقيق ڪندڙ محققن لاءِ رهنمائيءَ وارو ڪردار ادا ڪندو.

Title Cover of book ادب ۽ آرٽ سان  لاڳاپيل سنڌي پٺاڻ

آغا غلام نبي صوفي

آغا غلام نبي صوفي



اصل نالو: غلام نبي
ادبي نالو: آغا غلام نبي صوفي
والد جو نالو: گل حسن خان
ذات: پٺاڻ
قبيلو: دراني
ڄم جي تاريخ: 1889ع
وفات: 1938ع
تعليم: طب ۾ اسپيشلائيزيشن
ڪرت: حڪيم، آفيسر تعليم کاتو، شاعر، مصنف، موسيقار، طبيب، ڪهاڻيڪار.
رھائش: شڪارپور
لکڻ جي شروعات: نامعلوم
ادبي استاد: آغا حسن جان سرهندي، سخي قبول محمد درازا شريف
لکيل صنفون: شاعري، غزل، فلمي گيت، عارفاڻا ڪلام، نثر، سچل تي ديوان، آکاڻيون، تاريخ، اسڪرپٽ رائٽنگ
ڇپيل مواد: “دنيا دو رنگي”، “گلزارِ محمدي”، “عشق و آغا”، “فرياد و آغا”، “ارمان وآغا”، “سچل سرمست”، “طبي جواهر”، “مناجاتِ قرآني”، “فارسي، سنڌي گرامر”، “انگريزي فارسي گرامر” ۽ هندو يوگا وديا آهن. ان کان علاوه ڪيترو ئي ضايع ٿيل.
اڻ ڇپيل مواد: هڪ قلمي نسخو هو “هندستان ۾ ڊرامي جي تاريخ”
ايڊريس: سوي در شڪارپور
**