لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ادب ۽ آرٽ سان لاڳاپيل سنڌي پٺاڻ

ھن ڪتاب ۾ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين جي 76 سنڌي پٺاڻ ليکڪن، شاعرن، محققن ۽ سائسي ادب سان تعلق رکندڙ شخصيتن بابت آھي، جن مان ڪيترائي اسان جا بھترين دوست ۽ رھنما رھيا آھن. سنڌ ۾ سنڌي پٺاڻن جون سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڏيون خدمتون آهن. هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ تحقيق ڪندڙ محققن لاءِ رهنمائيءَ وارو ڪردار ادا ڪندو.

Title Cover of book ادب ۽ آرٽ سان  لاڳاپيل سنڌي پٺاڻ

آغا غلام نبي پٺاڻ

آغا غلام نبي پٺاڻ
اصل نالو: آغا غلام نبي پٺاڻ
والد جو نالو: در محمد خان، جيڪو سلطان ڪوٽ جو باني امير سلطان احمد خان بابڙ جو پوٽو هو
ذات: پٺاڻ
قبيلو: بابڙ
ڄم جي تاريخ: 18 جولاءِ 1911ع
تعليم: سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي مان پنجون درجو پاس ڪيائين، عليڳڙه ۾ فزڪس، ڪيمسٽري ۽ رياضي ۾ بي ايس سي
ڪرت: سياسي سماجي شخصيت، زمينداري
اعزاز، عهدا ۽ ڪم: 1938ع ۾ پهرين ورڪر ڪانفرنس مسلم ليگ سلطان ڪوٽ ۾ ڪوٺائي. آزاد مسلمانن جي ملڪ پاڪستان جي قيام جو نعرو سڀ کان پهريان سلطان ڪوٽ مان اٿيو. 1938ع ۾ جوائنٽ سيڪريٽري سنڌ پراونشنل مسلم ليگ، پاڪستان جي ٺهراءَ جو ڊرافٽ ٺاهيائين. سنڌ مسلم ليگ پراونشنل جوائنٽ سيڪريٽري. سنڌ پارلياماني زندگي 1948ع کان 1958ع تائين. مسجد منزل گاهه جي آزادي لاءِ تحريڪ، 1977ع ۾ ميمبر قومي اسيمبلي
رهائش: نيشنل هاءِ وي لڳ هڪ ننڍي ڳوٺ سلطان ڪوٽ (تڏهن ضلع سکر هاڻ ضلع شڪارپور ۾ شمار)
**